Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 2:1 - Common Language New Testament

1 ڪن ڏينھن کان پوءِ عيسيٰ ڪفرناحوم ۾ وري موٽي آيو ۽ اھا خبر پکڙجي ويئي تہ ھو گھر ۾ آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 ۽ ڪن ڏينهن کانپوءِ جڏهن وري هو ڪفرناحوم ۾ آيو، تڏهن هل پئجي ويو تہ هو گهر آيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 ڪيترن ئي ڏينهن کان پوءِ يسوع وري ڪفرناحوم ۾ موٽي آيو. سندس گھر اچڻ جي خبر چوڌاري پکڙجي ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 ڪيترن ئي ڏينهن کان پوءِ عيسيٰ وري ڪفرناحوم ۾ موٽي آيو. سندس گھر اچڻ جي خبر چوڌاري پکڙجي ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 2:1
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ھو ناصرت ۾ نہ رھيو پر وڃي ڪفرناحوم ۾ رھيو، جيڪو گليل ڍنڍ تي زبولون ۽ نفتاليءَ جي حدن اندر آھي.


عيسيٰ ٻيڙيءَ ۾ چڙھي ڍنڍ پار ڪري پنھنجي ڳوٺ ڪفرناحوم موٽي آيو.


پر ھن وڃي جتي ڪٿي اھا خبر ٻڌائي، سو ڳالھہ ايتري تہ ھُلي ويئي جو عيسيٰ پوءِ ڪنھن بہ شھر ۾ کُليءَ طرح داخل ٿي نہ سگھيو، پر ٻاھر ويران جاين ۾ رھيو جتي ماڻھو سڀني ھنڌن کان پئي آيا.


سو ايترا تہ ماڻھو اچي مڙيا جو دروازي تي بہ بيھڻ جي جاءِ ڪانہ ھئي. عيسيٰ انھن کي خدا جو ڪلام پئي ٻڌايو،


پوءِ عيسيٰ گھر آيو. اتي وري بہ ايتري تہ خلق اچي مڙي جو عيسيٰ ۽ سندس شاگردن کي ماني کائڻ جي واندڪائي بہ نہ ملي.


جڏھن عيسيٰ ميڙ کي ڇڏي گھر پھتو تہ سندس شاگردن انھيءَ مثال بابت پڇيس.


پوءِ عيسيٰ اتان اُٿي صور شھر جي علائقن ڏانھن روانو ٿيو ۽ ھڪڙي گھر ۾ گھڙي ويو. ھن جي مرضي ھئي تہ ڪنھن بہ ماڻھوءَ کي سندس اچڻ جي خبر نہ پوي، پر ھو لڪي نہ سگھيو.


جڏھن عيسيٰ گھر پھتو تہ سندس شاگردن اڪيلائيءَ ۾ پڇيس تہ ”اسين ھن ڀوت کي ڇو ڪين ڪڍي سگھياسين؟“


عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اوھين ضرور اھا چوڻي مون کي ٻڌائيندا تہ ’ڊاڪٽر، پاڻ کي تہ ڇٽاءِ،‘ ۽ ھيئن بہ چوندا تہ ’ھتي پنھنجي وطن ۾ بہ ائين ڪري ڏيکار جيئن ڪفرناحوم بابت ٻڌون ٿا.‘“


ڪي ماڻھو ھڪ اڌرنگي ماڻھوءَ کي کٽولي تي کنيو پئي آيا ۽ ڪوشش پئي ڪيائون تہ ھن کي اندر کڻي عيسيٰ جي اڳيان رکن.


جڏھن ھن ٻڌو تہ عيسيٰ يھوديہ کان گليل ۾ آيو آھي، تڏھن ھو عيسيٰ وٽ آيو ۽ عرض ڪيائينس تہ ”مھرباني ڪري ھلو ۽ منھنجي پٽ کي شفا ڏيو، ڇالاءِ⁠جو ھو مرڻ تي آھي.“


جڏھن انھن اھو آواز ٻڌو تہ ھڪ وڏو ميڙ اچي گڏ ٿيو. ھو سڀيئي حيران ٿي ويا، ڇالاءِ⁠جو ھر ھڪ انھن کي پنھنجي پنھنجي ٻوليءَ ۾ ڳالھائيندي ٻڌو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ