Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 16:9 - Common Language New Testament

9 عيسيٰ آچر جي صبح جو سوير جيئري ٿيڻ کان پوءِ پھريون دفعو مريم مگدلينيءَ کي ڏيکاري ڏني، جنھن مان ھن ست ڀوت ڪڍيا ھئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 هاڻ سويرو هفتي جي پهرئين ڏينهن، جڏهن هو جي اُٿيو، تڏهن پهرين مريم مگدليني، جنهن مان ست ڀوت ڪڍيا هئائين، تنهن کي ڏيکاري ڏنائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 يسوع آچر ڏينهن صبح جو سوير جيوت ٿيڻ کان پوءِ سڀني کان پهريائين مريم مگدلينيءَ کي درشن ڏنو، جنهن مان هن ست ڀوت ڪڍيا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 عيسيٰ آچر ڏينهن صبح جو سوير جيئري ٿيڻ کان پوءِ سڀني کان پهريائين مريم مگدلينيءَ کي ڏيکاري ڏني، جنهن مان هن ست ڀوت ڪڍيا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 16:9
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انھن ۾ مريم مگدليني، يعقوب ۽ يوسف جي ماءُ مريم ۽ زبديءَ جي پٽن جي ماءُ ھئي.


اُتي ڪي عورتون بہ ھيون، جيڪي پري کان ڏسي رھيون ھيون. انھن ۾ مريم مگدليني، ننڍي يعقوب ۽ يوسف جي ماءُ مريم ۽ سلومي ھيون.


مريم مگدليني ۽ يوسف جي ماءُ مريم اھو ھنڌ ڏٺو پئي جتي ميت کي رکيو ويو.


اھي قبر کان ٻاھر نڪري وٺي ڀڳيون، ڇالاءِ⁠جو ھنن کي ڏڪڻي ۽ حيراني وٺي ويئي ھئي. انھن ڪنھن سان بہ نہ ڳالھايو ڇالاءِ⁠جو ھنن کي ڊپ پئي ٿيو.


اھي عورتون مريم مگدليني، يوعانا، يعقوب جي ماءُ مريم ۽ ٻيون جيڪي ساڻن گڏ ھيون، تن اچي رسولن سان اھي ڳالھيون ڪيون.


۽ ڪي عورتون بہ ھيون جيڪي ڀوتن ۽ مرضن کان ڇٽي چڱيون ڀليون ٿيون ھيون. انھن ۾ مريم بہ ھئي، جيڪا مگدليني ڪري سڏبي ھئي ۽ جنھن مان ست ڀوت نڪتا ھئا،


۽ ڏٺائين تہ ٻہ ملائڪ نوراني پوشاڪ سان انھيءَ جاءِ تي ويٺا آھن جتي عيسيٰ جو ميت رکيل ھو. ھڪ سيرانديءَ کان ۽ ٻيو پيرانديءَ کان ويٺو ھو.


ڇنڇر جي شام جو اسين ماني کائڻ لاءِ گڏ ٿياسين. پولس ماڻھن سان ڳالھائيندو رھيو ۽ سندس تقرير اڌ رات تائين جاري رھي، ڇالاءِ⁠جو ھو ٻئي ڏينھن تي روانو ٿيڻ وارو ھو.


ھر آچر جي ڏينھن تي اوھان مان ھر ھڪ پنھنجي ڪمائيءَ آھر ڪجھہ بچائي پاڻ وٽ رکي تہ جيئن منھنجي اچڻ تي چندي گڏ ڪرڻ جي ضرورت نہ پوي.


خداوند واري ڏينھن آءٌ رويا جي حالت ۾ اچي ويس ۽ پنھنجي پٺيان ھڪڙو اھڙو وڏو آواز ٻڌم جيڪو توتاري جي آواز وانگر ھو،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ