Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 16:20 - Common Language New Testament

20 پوءِ شاگردن وڃي ھر ھنڌ تبليغ ڪئي. خداوند انھن سان گڏ پئي ڪم ڪيو ۽ ثابت ڪري ڏيکاريائين تہ انھن جي تبليغ سچي ھئي، ڇالاءِ⁠جو کين قدرت جون نشانيون ڏنيون ھئائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 ۽ هنن وڃي هنڌ هنڌ منادي ڪئي، ۽ خداوند انهي ڪم ۾ ساڻن شامل رهيو، ۽ نشانيون جي پئي ٿيون، تن سان ڪلام کي ثابت ڪندو رهيو. آمين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 پوءِ چيلن وڃي هر هنڌ خوشخبريءَ جو پرچار ڪيو. انهن جي ڪم ۾ پرڀو يسوع ساڻن گڏ هو ۽ شڪتيءَ جي نشانين سان سندن پرچار کي سچو ثابت ڪري ٿي ڏيکاريائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 پوءِ شاگردن وڃي هر هنڌ خوشخبريءَ جي تبليغ ڪئي. انهن جي ڪم ۾ خداوند عيسيٰ ساڻن گڏ هو ۽ قدرت جي نشانين سان سندن تبليغ کي سچو ثابت ڪري ٿي ڏيکاريائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 16:20
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند عيسيٰ انھن سان ڳالھائڻ کان پوءِ آسمان ڏانھن کڄي ويو ۽ خدا جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.


محترم ٿئوفلس: ڪيترائي ماڻھو انھن ڳالھين کي لکي چڪا آھن، جيڪي اسان ۾ ٿي گذريون آھن.


جھڙيءَ طرح اسان کان اڳين اسان تائين اھي ڳالھيون پھچايون، تھڙيءَ طرح انھن بہ ھي ڳالھيون انھن کان ٻڌي لکيون، جن شروع کان ھي ڳالھيون ٿيندي ڏٺيون ۽ ڪلام جي تبليغ ڪئي.


رسول اتي گھڻو وقت ترسيا ۽ خداوند بابت دليريءَ سان ڳالھائيندا رھيا. خداوند سندن ھٿان معجزا ۽ ڪرامتون ڏيکاري پنھنجي فضل بابت سندن پيغام کي سچو ثابت ڪيو.


تون پنھنجي شفا جو ھٿ ڊگھير ۽ پنھنجي پاڪ ٻانھي عيسيٰ جي نالي تي معجزا ۽ ڪرامتون ڏيکار.“


رسول شھر ۾ ڪيترائي معجزا ۽ ڪرامتون ڪندا ھئا ۽ ھو سڀني ايمان وارن سان ھيڪل اندر سليماني ورانڊي ۾ بہ اچي ملندا ھئا.


يعني اھي ڪم جيڪي ڪرامتن، معجزن جي طاقت ۽ پاڪ روح جي قدرت سان ڪيا ويا. اھڙيءَ طرح مون يروشلم کان وٺي ويندي اِلرڪم تائين چئني پاسن مسيح جي خوشخبريءَ جي چڱيءَ طرح منادي ڪئي آھي.


اسين جيڪي خدا سان گڏ ڪم ڪرڻ وارا آھيون، سي ھيءَ بہ منٿ ڪريون ٿا تہ خدا جو فضل جيڪو اوھان تي ٿيو آھي سو اجايو نہ وڃايو.


تہ پوءِ جيڪڏھن ھيڏي وڏي ڇوٽڪاري کان غافل رھياسين تہ ڪيئن بچي سگھنداسين؟ ڇالاءِ⁠جو انھيءَ ڇوٽڪاري جي پڌرائي پھريائين خداوند ئي ڪئي ھئي ۽ جن ماڻھن اھا ٻڌي تن انھيءَ جي تصديق ڪئي.


خدا بہ نشانين، عجيب ڪمن ۽ طرح طرح جي معجزن سان پنھنجي مرضيءَ موجب پاڪ روح جون نعمتون ورھائيندي انھيءَ ڇوٽڪاري جي شاھدي ڏيندو رھيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ