Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 16:15 - Common Language New Testament

15 پوءِ ھن انھن کي چيو تہ ”سڄي دنيا ۾ وڃو ۽ انسانذات ۾ منھنجي خوشخبريءَ جي تبليغ ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ۽ هنن کي چيائين تہ اوهين ساريءَ دنيا ۾ وڃو، ۽ ساريءَ خلق جي اڳيان انجيل جي منادي ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

15 پوءِ هن پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”اوهين سڄي سنسار ۾ وڃي پوري انسانذات ۾ ايشور جي راڄ بابت خوشخبريءَ جو پرچار ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 پوءِ هن پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”اوهين سڄيءَ دنيا ۾ وڃي پوري انسانذات ۾ خدا جي بادشاهيءَ بابت خوشخبريءَ جي منادي ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 16:15
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنھن ڪري اوھين سڀني قومن وٽ وڃو ۽ انھن کي منھنجا شاگرد ڪريو. انھن کي پيءُ، فرزند ۽ پاڪ روح جي نالي تي بپتسما ڏيو،


اوھان مون کي ڪين چونڊيو آھي، بلڪ مون اوھان کي چونڊيو آھي ۽ انھيءَ لاءِ مقرر ڪيو اٿم تہ وڃي اھڙو ميوو جھليو جيڪو ھميشہ ھلي. پوءِ اوھين پيءُ کان منھنجي نالي تي جيڪي بہ گھرندا سو ھو اوھان کي ڏيندو.


تڏھن عيسيٰ وري چين تہ ”سلام، جيئن پيءُ مون کي موڪليو آھي، تيئن آءٌ بہ اوھان کي ٿو موڪليان.“


پر جڏھن پاڪ روح اوھان تي نازل ٿيندو، تڏھن اوھان کي طاقت ملندي ۽ اوھين يروشلم ۾، سڄي يھوديہ ۽ سامريہ ۾ بلڪ سڄيءَ دنيا ۾ منھنجا شاھد ٿيندا.“


پر آءٌ پڇان ٿو تہ ڇا انھن پيغام نہ ٻڌو؟ انھن ضرور ٻڌو، جيئن لکيل آھي تہ ”انھن جو آواز سڄيءَ دنيا ۾ پکڙجي ويو، انھن جو پيغام ڌرتيءَ جي ڇيڙن تائين وڃي پھتو.“


سو مسيح آيو ۽ اوھين جيڪي پري ھئا ۽ اھي جيڪي ويجھا ھئا، ٻنھي کي صلح جي خوشخبري ٻڌايائين.


بشرطيڪ اوھين پنھنجي ايمان جي بنياد تي مضبوط ۽ قائم رھو ۽ جيڪا خوشخبري اوھان ٻڌي آھي تنھن جي اميد نہ ڇڏيو. انھيءَ خوشخبريءَ جي منادي آسمان ھيٺان رھندڙ ھر ڪنھن ماڻھوءَ ۾ ڪئي ويئي آھي، جنھن جو آءٌ پولس خادم ٿيو آھيان.


اھا خوشخبري اوھان ڏانھن آيل آھي. جھڙيءَ طرح سڄيءَ دنيا ۾ تھڙيءَ طرح انھيءَ ڏينھن کان وٺي اوھان ۾ بہ اھا ڦل پيدا ڪندي ۽ وڌندي ٿي رھي، جڏھن اوھان ان کي ٻڌو ۽ حقيقت ۾ خدا جي فضل کي سمجھيو.


اسان ڏٺو آھي ۽ انھيءَ جي شاھدي ٿا ڏيون تہ پيءُ پنھنجي فرزند کي جھان جو ڇوٽڪاري ڏيندڙ ڪري موڪليو آھي.


تنھن کان پوءِ مون ھڪڙو ملائڪ آسمان ۾ اڏامندي ڏٺو، جنھن وٽ زمين جي رھاڪن يعني سڀني قومن، قبيلن، ٻولين ۽ اُمتن کي ٻڌائڻ لاءِ ھميشہ جي خوشخبري ھئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ