Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 15:19 - Common Language New Testament

19 انھن کيس مٿي تي لٺ سان ڌڪ ھنيا، ٿڪون ھنيائونس ۽ گوڏن ڀر ويھي سجدو ڪرڻ لڳس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 ۽ هن جي مٿي تي ڇڙين سان ڌڪ هنيائون، ۽ مٿس ٿُڪون اُڇلايائون، ۽ گوڏا کوڙي سجدو ڪيائونس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

19 ائين چوندي هو کيس مٿي تي لٺ سان ڌڪ هڻندا رهيا، ٿڪون هڻندا رهيا ۽ گوڏن ڀر ويهي سندس اڳيان سيس نوائيندا رهيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 ائين چوندي هو کيس مٿي تي لٺ سان ڌڪ هڻندا رهيا، ٿڪون هڻندا رهيا ۽ گوڏن ڀر ويهي سندس اڳيان سجدو ڪندا رهيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 15:19
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ انھن ھن کي ٿڪون ھنيون ۽ اھا ئي لٺ کڻي کيس مٿي تي ڌڪ ھڻڻ لڳا.


اھي مٿس چٿرون ڪندا، کيس ٿڪون ۽ چھبڪ ھڻندا ۽ کيس قتل ڪري ڇڏيندا ۽ ٽئين ڏينھن تي ھو وري جيئرو ٿي اٿندو.“


انھن مان ڪي عيسيٰ کي ٿڪون ھڻڻ لڳا ۽ ڪي سندس اکيون ٻڌي کيس ٺونشا ھڻڻ لڳا ۽ چونس پيا تہ ”نبوت سان ٻڌاءِ تہ ڪنھن تو کي ڌڪ ھنيو؟“ پھريدارن کيس چماٽون بہ ھنيون.


پوءِ چوڻ لڳس تہ ”سلام، اي يھودين جا بادشاھہ!“


جڏھن چٿرون ڪري چڪا تہ واڱڻائي ڪپڙا لھرائي وري ساڳيا پنھنجا ڪپڙا ڍڪايائونس. پوءِ اُھي کيس ٻاھر وٺي آيا تہ صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻنس.


تنھن تي عيسيٰ چيو تہ ”برابر، اھو پھريائين ايندو ۽ ھر ھڪ شيءِ تيار ڪندو. پر صحيفي ۾ ائين بہ لکيل آھي تہ ابن⁠آدم گھڻيون سختيون سھندو ۽ ڌڪاريو ويندو؟


جن ماڻھن عيسيٰ تي پھرو پئي ڏنو، تن مٿس چٿرون پئي ڪيون ۽ ڌڪ بہ پئي ھنيائونس.


تڏھن ھيروديس پنھنجي سپاھين سميت عيسيٰ تي ٺٺوليون ڪري کيس بي⁠عزتو ڪيو. پوءِ ھن کي شاندار وڳو پھرائي واپس پلاطس ڏانھن موڪليائون.


سپاھي بہ مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا ۽ وٽس ويجھو اچي ڪؤڙي مئي آڇي


پر خدا کيس ڪھڙو جواب ڏنو؟ ھن جواب ڏنو تہ ”مون پنھنجي لاءِ ست ھزار ماڻھو بچائي ڇڏيا آھن، جن بعل بت جي اڳيان سجدو نہ ڪيو آھي.“


انھيءَ لاءِ تہ انسان، جيڪي ڄاوا آھن يا جيڪي ڄمندا، سي سڀيئي عيسيٰ جي نالي تي گوڏا کوڙين،


تنھنڪري اچو تہ اسين سندس خواري پاڻ تي کڻي خيمي⁠گاھہ کان ٻاھر ھن وٽ ھلون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ