Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 15:15 - Common Language New Testament

15 پلاطس تہ ماڻھن کي راضي رکڻ ٿي گھريو، سو ھن برابا کي انھن جي خاطر آزاد ڪري ڇڏيو ۽ عيسيٰ کي چھبڪ ھڻائڻ کان پوءِ سپاھين جي حوالي ڪيائين تہ ”وڃي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻوس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ۽ پلاطس جي مرضي هئي تہ ماڻهن کي راضي ڪريان، تنهنڪري هنن جي خاطر برابا کي ڇڏي ڏنائين، ۽ يسوع کي چهبڪن هڻڻ کانپوءِ حوالي ڪيائين تہ وڃي صليب تي چاڙهيوس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

15 جيئن تہ پلاطس ماڻهن کي راضي رکڻ ٿي گھريو، سو هن برابا کي انهن جي خاطر آزاد ڪري ڇڏيو ۽ يسوع کي ڪوڙا هڻائڻ کان پوءِ سپاهين جي حوالي ڪندي چيائين تہ ”وڃي سوليءَ تي چاڙهي ڪوڪا هڻوس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 جيئن تہ پلاطس ماڻهن کي راضي رکڻ ٿي گھريو، سو هن برابا کي انهن جي خاطر آزاد ڪري ڇڏيو ۽ عيسيٰ کي ڪوڙا هڻائڻ کان پوءِ سپاهين جي حوالي ڪندي چيائين تہ ”وڃي صليب تي چاڙهي ڪوڪا هڻوس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 15:15
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ اُھي کيس غير قومن جي حوالي ڪندا، جيڪي مٿس چٿرون ڪندا، چھبڪ ھڻندس ۽ صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻندس ۽ ٽئين ڏينھن تي ھو وري جيئرو ٿي اٿندو.“


پوءِ پلاطس برابا کي انھن جي خاطر آزاد ڪري ڇڏيو. پر عيسيٰ کي ھن چھبڪ ھڻائي ماڻھن جي حوالي ڪيو تہ وڃي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻنس.


اھي مٿس چٿرون ڪندا، کيس ٿڪون ۽ چھبڪ ھڻندا ۽ کيس قتل ڪري ڇڏيندا ۽ ٽئين ڏينھن تي ھو وري جيئرو ٿي اٿندو.“


تڏھن پلاطس پڇين تہ ”ڇو، ھن ڪھڙو ڏوھہ ڪيو آھي؟“ پر ھنن وٺي وڏيون رڙيون ڪيون تہ ”ھن کي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻو.“


اھي کيس چھبڪ ھڻندا ۽ قتل ڪري ڇڏيندا، پر ٽئين ڏينھن تي ھو وري جيئرو ٿي اٿندو.“


تنھنڪري آءٌ کيس چھبڪن جي ڇنڊ ڪڍائي ڇڏي ٿو ڏيانس.“


تڏھن پلاطس عيسيٰ کي چھبڪ ھڻايا.


تڏھن پلاطس عيسيٰ کي انھن جي حوالي ڪري ڇڏيو. پوءِ سپاھي عيسيٰ کي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻڻ لاءِ وٺي ويا.


پر ٻن سالن گذرڻ کان پوءِ فِيلِڪس جي جاءِ تي پرڪيس فيستس کي گورنر مقرر ڪيو ويو. فِيلِڪس پولس کي جيل ۾ ئي ڇڏي ھليو ويو، ڇوتہ سندس مرضي ھئي تہ ان طرح ھو يھودين کي خوش ڪري.


فيستس يھودين کي راضي ڪرڻ لاءِ پولس کان پڇيو تہ ”ڇا تون يروشلم ڏانھن ھلندين تہ جيئن اتي منھنجي اڳيان ھنن ڳالھين جو فيصلو ٿئي؟“


پر ٻين رسولن مان خداوند جي ڀاءُ يعقوب کان سواءِ مون ڪنھن کي بہ ڪونہ ڏٺو.


ھو پاڻ اسان جا گناھہ پنھنجي بدن تي کڻي صليب تي چڙھيو، انھيءَ لاءِ تہ اسين گناھن جي لحاظ کان مري سچائيءَ جي خاطر جيئون. ھن جي مار کائي زخمي ٿيڻ جي ڪري اوھين ڇٽي چڱا ڀلا ٿيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ