Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 14:65 - Common Language New Testament

65 انھن مان ڪي عيسيٰ کي ٿڪون ھڻڻ لڳا ۽ ڪي سندس اکيون ٻڌي کيس ٺونشا ھڻڻ لڳا ۽ چونس پيا تہ ”نبوت سان ٻڌاءِ تہ ڪنھن تو کي ڌڪ ھنيو؟“ پھريدارن کيس چماٽون بہ ھنيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

65 ۽ ڪي مٿس ٿُڪون وجهڻ ۽ سندس منهن ڍڪڻ، ۽ کيس ٺونشا هڻڻ لڳا، ۽ چوڻ لڳس تہ نبوت ڪر، ۽ سپاهين چماٽون هڻي هن کي پنهنجي حوالي ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

65 پوءِ انهن مان ڪي يسوع کي ٿڪون هڻڻ لڳا ۽ ڪي سندس اکيون ٻڌي کيس ٺونشا هڻڻ لڳا ۽ چونس پيا تہ ”پنهنجي شڪتيءَ سان ٻڌاءِ تہ ڪنهن تو کي ڌڪ هنيو؟“ پهريدارن بہ کيس چماٽون هنيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

65 پوءِ انهن مان ڪي عيسيٰ کي ٿڪون هڻڻ لڳا ۽ ڪي سندس اکيون ٻڌي کيس ٺونشا هڻڻ لڳا ۽ چونس پيا تہ ”نبوت سان ٻڌاءِ تہ ڪنهن تو کي ڌڪ هنيو؟“ پهريدارن بہ کيس چماٽون هنيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 14:65
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنھن تي وڏي سردار ڪاھن حنانياہ اتي بيٺل ماڻھن کي حڪم ڏنو تہ ”پولس کي وات وارو ڌڪ ھڻو.“


۽ وٽس ڦري ڦري اچي چوڻ لڳا تہ ”سلام، اي يھودين جا بادشاھہ!“ ان کان علاوہ ھنن کيس منھن تي چماٽون بہ ھنيون.


جڏھن عيسيٰ ھي چيو تہ ڀرسان بيٺل پھريدارن مان ھڪڙي سندس منھن تي چماٽ ھڻي چيس تہ ”وڏي سردار ڪاھن کي ائين ٿو جواب ڏئين!“


انھن کيس مٿي تي لٺ سان ڌڪ ھنيا، ٿڪون ھنيائونس ۽ گوڏن ڀر ويھي سجدو ڪرڻ لڳس.


اچو تہ اسين عيسيٰ ڏانھن نھاريندا رھون، جيڪو اسان جي ايمان جو باني ۽ ڪامل ڪندڙ آھي. ھن انھيءَ خوشيءَ جي خاطر جيڪا بعد ۾ کيس ملڻي ھئي، شرمندگيءَ جي پرواھہ نہ ڪري صليب جو ڏک سٺو ۽ خدا جي تخت جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.


اھي مٿس چٿرون ڪندا، کيس ٿڪون ۽ چھبڪ ھڻندا ۽ کيس قتل ڪري ڇڏيندا ۽ ٽئين ڏينھن تي ھو وري جيئرو ٿي اٿندو.“


پوءِ انھن ھن کي ٿڪون ھنيون ۽ اھا ئي لٺ کڻي کيس مٿي تي ڌڪ ھڻڻ لڳا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ