Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 14:62 - Common Language New Testament

62 تنھن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”ھائو، آءٌ آھيان ۽ اوھين ابن⁠آدم کي خدا تعاليٰ جي ساڄي پاسي ويٺل ۽ آسماني ڪڪرن ۾ ايندي ڏسندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

62 يسوع چيو تہ آئون آهيان: ۽ اوهين ابن آدم کي قدرت جي ساڄي پاسي ويٺل، ۽ آسمان جي ڪڪرن سان ايندو ڏسندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

62 تنهن تي يسوع وراڻيو تہ ”هائو، آءٌ آهيان. اوهين منش‌پتر کي سروِشڪتيوان جي ساڄي پاسي ويٺل ڏسندا ۽ کيس آڪاش وارن ڪڪرن تي ايندي ڏسندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

62 تنهن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”هائو، آءٌ آهيان. اوهين ابنِ آدم کي قادرِمطلق جي ساڄي پاسي ويٺل ڏسندا ۽ کيس آسمان وارن ڪڪرن تي ايندي ڏسندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 14:62
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ ابن⁠آدم جي نشاني آسمان ۾ ظاھر ٿيندي. تنھن تي دنيا جون سڀيئي قومون روئنديون رڙنديون ۽ ابن⁠آدم کي آسمان جي ڪڪرن تي قدرت ۽ وڏي جلوي سان ايندي ڏسنديون.


عيسيٰ ھن کي وراڻيو تہ ”اھو تہ تو پاڻ چيو آھي، بلڪ آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھن کان پوءِ اوھين ابن⁠آدم کي خدا تعاليٰ جي ساڄي پاسي تي ويٺل ۽ آسماني ڪڪرن ۾ ايندي ڏسندا.“


عيسيٰ گورنر جي اڳيان پيش ڪيو ويو، جنھن کانئس سوال پڇيو تہ ”ڇا تون يھودين جو بادشاھہ آھين؟“ عيسيٰ جواب ڏنس تہ ”اھو تہ اوھين پاڻ ٿا چئو.“


پوءِ ابن⁠آدم ڪڪرن ۾ وڏيءَ قدرت ۽ جلوي سان ايندي ظاھر ٿيندو.


پلاطس کانئس پڇيو تہ ”ڇا تون يھودين جو بادشاھہ آھين؟“ عيسيٰ جواب ڏنو تہ ”اھو تہ اوھين پاڻ ٿا چئو.“


خداوند عيسيٰ انھن سان ڳالھائڻ کان پوءِ آسمان ڏانھن کڄي ويو ۽ خدا جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.


پر ھن کان پوءِ ابن⁠آدم قادرِمطلق خدا جي ساڄي پاسي ويھندو.“


پلاطس ھن کان پڇيو تہ ”ڇا تون يھودين جو بادشاھہ آھين؟“ عيسيٰ جواب ڏنس تہ ”اھو تہ اوھين ٿا چئو.“


اھو فرزند خدا جي جلال جو تجلو ۽ سندس ذات جو پورو پورو نقش ٿي ڪري پنھنجي قدرت واري ڪلام سان سڀني شين کي سنڀالي ٿو. ھو گنھگارن کي پاڪ ڪرڻ کان پوءِ عرش تي قادرِمطلق جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.


اچو تہ اسين عيسيٰ ڏانھن نھاريندا رھون، جيڪو اسان جي ايمان جو باني ۽ ڪامل ڪندڙ آھي. ھن انھيءَ خوشيءَ جي خاطر جيڪا بعد ۾ کيس ملڻي ھئي، شرمندگيءَ جي پرواھہ نہ ڪري صليب جو ڏک سٺو ۽ خدا جي تخت جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.


انھن ڳالھين جو خاص مطلب ھي آھي تہ اسان جو ھڪڙو اھڙو سردار ڪاھن آھي، جيڪو آسمان تي قادرِمطلق جي تخت جي ساڄي پاسي وڃي ويٺوآھي.


وري خداوند فرمائي ٿو تہ ’جيڪو عھد آءٌ بني اسرائيل جي گھراڻي سان انھن ڏينھن کان پوءِ ڪندس، سو اھو آھي تہ آءٌ پنھنجا قانون ھنن جي ذھنن ۾ وجھندس، ۽ اھي سندن دلين تي بہ لکندس. آءٌ سندن خدا ٿيندس، ۽ ھو منھنجي قوم ٿيندا.


جڏھن اسان اوھان کي پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي قدرت ۽ اچڻ جي خبر ڏني ھئي، تڏھن بناوٽي آکاڻين تي ڪونہ لڳا ھئاسين. پر سندس عظمت جا اکين ڏٺا شاھد ھئاسين.


ڏسو، ھو ڪڪرن تي ٿو اچي، ھر ھڪ اک ھن کي ڏسندي. اھي بہ کيس ڏسندا جن ھن کي چيڀاٽي ماريو، ۽ دنيا جون سڀ قومون ساڻس پنھنجي ڪئي تي ماتم ڪنديون، بيشڪ. آمين.


پوءِ مون ھڪڙو وڏو تجليدار تخت ۽ انھيءَ تي ويٺل کي ڏٺو. انھيءَ جي اڳيان زمين ۽ آسمان گم ٿي ويا ۽ وري نظر نہ آيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ