Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 14:38 - Common Language New Testament

38 پوءِ انھن کي چيائين تہ ”جاڳندا رھو ۽ دعا گھرو تہ شل اوھين ڪنھن آزمائش ۾ نہ پئو. سچ پڇو تہ روح تہ گھري ٿو پر جسم ڪمزور آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

38 اوهين جاڳو، ۽ دعا گهُرو، تہ آزمائش ۾ نہ پئو: سچ روح تہ تيار آهي، مگر جسم ضعيف آهي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

38 پوءِ ٽنهي کي چيائين تہ ”جاڳندا رهو ۽ پرارٿنا ڪندا رهو تہ شل اوهين ڪنهن آزمائش ۾ نہ پئو. بيشڪ دل تہ چاهي ٿي پر شرير ۾ ايتري طاقت ناهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

38 پوءِ ٽنهي کي چيائين تہ ”جاڳندا رهو ۽ دعا گھرندا رهو تہ شل اوهين ڪنهن آزمائش ۾ نہ پئو. بيشڪ دل تہ چاهي ٿي پر بدن ۾ ايتري طاقت ناهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 14:38
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنھن ڪري اوھين سجاڳ رھجو، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھين نہ ٿا ڄاڻو تہ ڪھڙي ڏينھن اوھان جو خداوند ايندو.


تنھنڪري اوھين بہ سجاڳ رھجو، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھين انھيءَ ڏينھن يا وقت کي نہ ٿا ڄاڻو.“


جاڳندا رھو ۽ دعا گھرو تہ شل اوھين ڪنھن آزمائش ۾ نہ پئو. سچ پڇو تہ روح تہ گھري ٿو پر بدن ڪمزور آھي.“


اسان کي آزمائش ۾ نہ وجھہ، پر اسان کي بڇڙائيءَ کان بچاءِ.‘


عيسيٰ انھن کي ٻڌايو تہ ”مون کي ايترو تہ ڏک آھي جو منھنجي دل ٽٽڻ تي آھي. اوھين ھتي ترسو ۽ جاڳندا رھو.“


پوءِ ھو موٽي آيو ۽ ڏٺائين تہ شاگرد سمھيا پيا آھن. پطرس کي سڏي چيائين تہ ”شمعون، تون بہ ستل آھين ڇا؟ ڇا تون ھڪ ڪلاڪ بہ جاڳي نہ پيو سگھين؟“


ھو ٻيو دفعو وري پري ويو ۽ ائين ئي دعا گھريائين جيئن اڳ ۾ گھُري ھئائين.


ھر وقت سجاڳ رھو ۽ دعا گھرو تہ اھي ڳالھيون جيڪي ٿيڻيون آھن، شل انھن کان بچڻ جي توفيق مليوَ ۽ ابن⁠آدم جي حضوريءَ ۾ بيھي سگھو.“


جڏھن ھو انھيءَ جاءِ تي پھتو تہ انھن کي چيائين تہ ”دعا گھرو تہ شل اوھين آزمائش ۾ نہ پئو.“


ھن انھن کي چيو تہ ”اوھين ڇو ستا پيا آھيو؟ اٿو ۽ دعا گھرو تہ شل اوھين ڪنھن آزمائش ۾ نہ پئو.“


سجاڳ رھو، ايمان تي قائم رھو، ھمت ڌاريو، مضبوط رھو.


ڇالاءِ⁠جو انساني فطرت پاڪ روح جي برخلاف خواھش ڪري ٿي ۽ پاڪ روح انساني فطرت جي برخلاف. ھي ٻئي ھڪٻئي جا دشمن آھن، انھيءَ ڪري جيڪي اوھين ڪرڻ چاھيو ٿا سو نہ ٿا ڪريو.


تنھنڪري اي منھنجا پيارا دوستو! جيئن اوھين ھميشہ فرمانبرداري ڪندا آيا آھيو تيئن نہ رڳو منھنجي موجودگيءَ ۾ پر ھاڻي غير موجودگيءَ ۾ اڃا بہ وڌيڪ، انھيءَ ڪم کي ادب ۽ تابعداري ڪندي پورو ڪندا رھو، جيڪو ڇوٽڪاري جي ڪري ڪريو ٿا.


ھوشيار ۽ سجاڳ رھو. اوھان جو دشمن شيطان گجندڙ شينھن وانگر چوڌاري گھمي وجھہ پيو ڳولي تہ ڪنھن کي ڦاڙي کائي.


جيئن تہ اوھان منھنجو حڪم مڃي صبر ڪيو، تنھنڪري آءٌ بہ اوھان کي آزمائش جي گھڙيءَ کان بچائيندس، جيڪا ڌرتيءَ تي رھڻ وارن جي آزمائش لاءِ ساري جھان تي اچڻي آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ