Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 14:18 - Common Language New Testament

18 پوءِ جڏھن اھي دسترخوان تي گڏ کائي رھيا ھئا تہ عيسيٰ چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اوھان مان ھڪڙو مون کي پڪڙائيندو، جيڪو مون سان گڏ کائي ٿو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ۽ جڏهن کاڌائون ويٺي تڏهن يسوع چيو تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ اوهان مان هڪڙو جو مون سان گڏ ويٺو کائي، سو مون کي جهلائيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 پوءِ جڏهن اهي گڏجي رسوئي کائي رهيا هئا تہ يسوع چين تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اوهان مان هڪڙو مون کي پڪڙائيندو، جيڪو مون سان گڏ کائي ٿو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 پوءِ جڏهن اهي گڏجي دسترخوان تي کائي رهيا هئا تہ عيسيٰ چين تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اوهان مان هڪڙو مون کي پڪڙائيندو، جيڪو مون سان گڏ کائي ٿو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 14:18
36 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ماني کائيندي عيسيٰ چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اوھان مان ھڪڙو مون کي پڪڙائيندو.“


آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين آسمان ۽ زمين باقي آھن تيستائين شريعت جو ھڪڙو اکر يا ان جو ڪو نقطو بہ منسوخ نہ ٿيندو، تان جو سڀني ڳالھين جي پڄاڻي ٿئي.


”جڏھن اوھين روزا رکو تہ رياڪارن وانگر منھن لٿل نہ ٿيو، ڇالاءِ⁠جو اھي منھن لٿل جو ڏيکاءُ انھيءَ لاءِ ٿا ڪن تہ جيئن ماڻھو ڏسن تہ ھنن روزو رکيو آھي. آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ انھن کي پنھنجو اجر ملي چڪو آھي.


تنھنڪري جڏھن اوھين ڪنھن کي خيرات ڏيو تہ ان جو ڏيکاءُ نہ ڪريو، جيئن رياڪار عبادت⁠خانن ۽ بازارن ۾ ڪندا آھن. اھي ھي ڪم انھيءَ ڪري ڪندا آھن تہ جيئن ماڻھو انھن جي ساراھہ ڪن. پر آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ انھن کي پنھنجو اجر ملي چڪو آھي.


”جڏھن اوھين دعا گھرو تڏھن رياڪارن وانگر نہ ٿيو. اھي عبادت⁠خانن ۽ رستن جي چونڪن تي بيھي دعا گھرندا آھن تہ جيئن ھر ھڪ انھن کي ڏسي. آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ انھن کي پنھنجو اجر ملي چڪو.


آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين ڪو خدا جي بادشاھت کي ھڪ ننڍي ٻار وانگر قبول نہ ڪندو، تيستائين اھو ان ۾ داخل نہ ٿيندو.“


تنھن تي عيسيٰ چيو تہ ”برابر، پر آءٌ اوھان کي ھيءَ ڳالھہ ٻڌايان ٿو تہ جيڪو بہ منھنجي ۽ منھنجي خوشخبريءَ جي ڪري پنھنجو گھر، ڀائر، ڀينرون، ماءُ، پيءُ، ٻار يا ٻنيون ڇڏيندو،


جڏھن شام ٿي تہ عيسيٰ ٻارھن ئي شاگردن سان گڏ اتي آيو.


تنھن تي شاگرد ويچارا غمگين ٿيا ۽ عيسيٰ کان ھڪٻئي پٺيان پڇڻ لڳا تہ ”اھو آءٌ تہ نہ آھيان؟“


آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ آءٌ تيستائين وري ھيءَ مئي نہ پيئندس، جيستائين خدا جي بادشاھت ۾ نئين مئي نہ پيئان.“


آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ جتي منھنجي خوشخبريءَ جي سڄيءَ دنيا ۾ تبليغ ڪئي ويندي، اُتي ھن عورت جي يادگيريءَ ۾ سندس ڪيل ھن ڪم جو ذڪر بہ ڪيو ويندو.“


آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ماڻھن جيڪي ⁠بہ گناھہ ڪيا ھوندا ۽ ڪفر جون ڳالھيون بڪيون ھوندائون، سي سڀ کين بخش ٿي سگھن ٿيون،


جيڪڏھن ڪنھن اھڙي ھنڌ وڃو جتان جا ماڻھو اوھان کي قبول نہ ڪن، تہ پوءِ اتان رواني ٿيڻ وقت پنھنجي پيرن جي مٽي اتي ڇنڊي ڇڏجو تہ جيئن مٿن شاھدي ٿئي.“


تنھن تي ھن ٿڌو ساھہ کڻي چيو تہ ”ھن زماني جا ماڻھو معجزو ڇو ٿا گھرن؟ آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ ھن زماني جي ماڻھن کي ڪوبہ معجزو نہ ڏيکاريو ويندو.“


عيسيٰ کين چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ ھتي ڪي اھڙا شخص بہ بيٺل آھن جيڪي جيستائين خدا جي بادشاھت کي قدرت سان ايندي نہ ڏسندا، تيستائين ھرگز موت جو ذائقو نہ چکندا.“


آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪو اوھان کي پاڻيءَ جو پيالو انھيءَ لاءِ ٿو پياري تہ اوھين مسيح جا آھيو، تنھن کي پنھنجو اجر ضرور ملندو.“


مطلب تہ آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھابيل جي خون کان وٺي ذڪريا جي خون تائين، جيڪو قربان⁠گاھہ ۽ مقدس جاءِ جي وچ ۾ ماريو ويو ھو، تن سڀني جي خون جو حساب ھن زماني جي پيڙھيءَ کان ورتو ويندو.


پر ڏسو، جيڪو مون کي پڪڙائي ٿو، سو مون سان گڏ دسترخوان تي ويٺو آھي.


تنھن تي انھن کي چيائين تہ ”سچ پڇو تہ ڪنھن بہ نبيءَ جو پنھنجي وطن ۾ قدر نہ ٿو ٿئي.


پوءِ وڌيڪ چيائين تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اوھين آسمان کلندو ڏسندا ۽ خدا جا ملائڪ ابن⁠آدم تي نازل ٿيندا ۽ مٿي ويندا ڏسندا.“


”آءٌ اوھان سڀني بابت نہ ٿو ڳالھايان. جن کي مون چونڊيو آھي تن کي آءٌ ڄاڻان ٿو. پر پاڪ لکت پوري ٿيڻ گھرجي، جنھن ۾ لکيل آھي تہ ’جيڪو منھنجي ماني کائي ٿو، سو ئي منھنجي خلاف ٿيندو.‘


جڏھن عيسيٰ ھي چئي چڪو، تڏھن دل ۾ پريشان ٿيڻ لڳو ۽ شاھدي ڏيندي چيائين تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اوھان مان ھڪڙو مون کي پڪڙائيندو.“


تنھن تي شاگرد وائڙا ٿي ويا ۽ ھڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”اھو اشارو ڪنھن ڏانھن آھي؟“


عيسيٰ وراڻيس تہ ”ڇا تون سچ⁠پچ منھنجي لاءِ پنھنجي جان ڏيندين؟ آءٌ تو کي سچ ٿو ٻڌايان تہ ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيڻ کان اڳ ۾ تون منھنجو ٽي دفعا انڪار ڪندين.“


آءٌ تو کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جڏھن تون جوان ھئين تہ پنھنجو سندرو پاڻ ٻڌندو ھئين ۽ جيڏانھن تو کي وڻندو ھو اوڏانھن گھمندو ڦرندو ھئين. پر جڏھن تون پوڙھو ٿيندين تڏھن پنھنجا ھٿ ڊگھيريندين ۽ ڪو ٻيو تو کي چيلھہ سان سندرو ٻڌي اوڏانھن وٺي ويندو جيڏانھن وڃڻ لاءِ تنھنجي دل نہ چوندي.“


آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي اسين ڄاڻون ٿا، سو ڳالھايون ٿا ۽ جيڪي اسان ڏٺو آھي، تنھن جي شاھدي ڏيون ٿا. پر اوھان مان ڪوبہ اھڙو نہ آھي جيڪو اسان جي شاھدي قبول ڪري.


تنھن تي عيسيٰ وراڻيس تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين ڪو ماڻھو نئين سر پيدا نہ ٿيندو، تيستائين خدا جي بادشاھت ڏسي نہ سگھندو.“


تنھن تي عيسيٰ وراڻيس تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين ڪو ماڻھو پاڻيءَ ۽ پاڪ روح مان پيدا نہ ٿيندو، تيستائين اھو خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿي نہ سگھندو.


پوءِ عيسيٰ يھودي اڳواڻن کي وراڻيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ فرزند پاڻ ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿو سگھي. ھو رڳو اھي ڪم ڪري ٿو جيڪي پنھنجي پيءُ کي ڪندي ٿو ڏسي، ڇالاءِ⁠جو جيڪي پيءُ ڪري ٿو سو ئي فرزند ٿو ڪري.


عيسيٰ وراڻين تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اوھين مون کي انھيءَ ڪري نہ ٿا ڳوليو جو اوھان معجزا ڏٺا آھن، پر انھيءَ ڪري ٿا ڳوليو جو اوھان مانيون کائي ڍءُ ڪيو آھي.


عيسيٰ چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ آسمان واري ماني اوھان کي موسيٰ نہ ڏني، پر اھو منھنجو پيءُ آھي جيڪو آسمان مان سچي ماني ڏئي ٿو.


آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪو بہ ايمان آڻي ٿو تنھن جي ئي زندگي دائمي آھي.


عيسيٰ انھن کان پڇيو تہ ”ڇا مون اوھان ٻارھن کي نہ چونڊيو آھي؟ تڏھن بہ اوھان ۾ ھڪڙو شيطان آھي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ