Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 14:16 - Common Language New Testament

16 شاگرد شھر ڏانھن روانا ٿي ويا ۽ اتي ھر شيءِ ائين ئي ڏٺائون جيئن عيسيٰ کين ٻڌائي ھئي. سو ھنن اتي عيد فصح تيار ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 سو شاگرد روانا ٿيا ۽ شهر ۾ آيا، جيئن هن چيو هون، تيئن اچي ڏٺائون، ۽ فسح تيار ڪيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

16 چيلا جڏهن يروشلم شهر ۾ پهتا تہ اتي هر شيءِ ائين ئي ڏٺائون جيئن يسوع کين ٻڌايو هو. سو هنن اتي فصح جي تهوار واري رسوئي کائڻ جي تياري ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 شاگرد جڏهن يروشلم شهر ۾ پهتا تہ اتي هر شيءِ ائين ئي ڏٺائون جيئن عيسيٰ کين ٻڌايو هو. سو هنن اتي عيد فصح جي ماني کائڻ جي تياري ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 14:16
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ ھو اوھان کي ماڙيءَ تي ھڪ وڏو سجايل ۽ تيار ڪمرو ڏيکاريندو، جتي اوھين اسان لاءِ عيد فصح تيار ڪجو.“


جڏھن شام ٿي تہ عيسيٰ ٻارھن ئي شاگردن سان گڏ اتي آيو.


پوءِ ھو روانا ٿي ويا ۽ جيئن عيسيٰ چيو ھون ائين ئي ھر شيءِ ڏٺائون ۽ عيد فصح تيار ڪيائون.


عيسيٰ ھنن کان پڇيو تہ ”ان وقت جڏھن مون اوھان کي ڳوٿريءَ، ٻاچڪي يا جتيءَ کان سواءِ موڪليو ھو، تہ ڇا اوھان کي ڪا ٻي بہ گھرج ھئي؟“ انھن جواب ڏنو تہ ”ڪنھن شيءِ جي بہ نہ.“


پر مون اھي ڳالھيون اوھان کي انھيءَ لاءِ ٻڌايون آھن تہ جڏھن اھا گھڙي اچي تہ اوھين ياد ڪريو تہ مون انھن بابت اڳي ئي اوھان کي ٻڌائي ڇڏيو ھو.“ ”مون شروعات ۾ اھي ڳالھيون اوھان کي انھيءَ ڪري نہ ٻڌايون جو آءٌ اوھان سان گڏ ھوس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ