Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 14:14 - Common Language New Testament

14 ۽ جنھن گھر ۾ اھو ماڻھو گھڙي وڃي انھيءَ گھر جي مالڪ کي چئجو تہ ’استاد چوي ٿو تہ اھو مھمان⁠خانو ڪٿي آھي، جتي ھو پنھنجي شاگردن سان گڏجي عيد فصح کائي؟‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ۽ جنهن گهر ۾ اُهو گهڙي وڃي، اُنهي جي مالڪ کي چئجو، تہ اُستاد چوي ٿو تہ منهنجو مهمان خانو ڪٿي آهي، جتي آئون پنهنجن شاگردن سان گڏ فسح کاوان؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 پوءِ جنهن گھر ۾ اهو ماڻهو گھڙي وڃي تنهن جي مالڪ کي چئجو تہ ’گرو چوي ٿو تہ اهو مهمان‌خانو ڪٿي آهي، جتي هو پنهنجي چيلن سان گڏجي فصح جي تهوار واري رسوئي کائي؟‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 پوءِ جنهن گھر ۾ اهو ماڻهو گھڙي وڃي تنهن جي مالڪ کي چئجو تہ ’استاد چوي ٿو تہ اهو مهمان‌خانو ڪٿي آهي، جتي هو پنهنجي شاگردن سان گڏجي عيد فصح جي ماني کائي؟‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 14:14
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عيسيٰ جڏھن رستي سان ويو پئي تہ ھڪڙو ماڻھو ڀڄندو وٽس آيو ۽ سندس آڏو گوڏا کوڙي پڇيائينس تہ ”اي نيڪ استاد! آءٌ ڇا ڪريان جو دائمي زندگي حاصل ڪريان؟“


۽ جيڪوبہ توھان کان پڇي تہ ’ڇو ٿا ڇوڙيو؟‘ تہ چئجوس تہ ’سائينءَ کي انھيءَ جي ضرورت آھي ۽ ھو جلد ئي واپس ڏياري موڪليندو.‘“


تنھن تي عيسيٰ پنھنجي شاگردن مان ٻن کي موڪليو ۽ چيائين تہ ”شھر ۾ وڃو. اتي اوھين ھڪڙو ماڻھو ڏسندا، جنھن کي پاڻيءَ جو دلو کنيل ھوندو. اوھين انھيءَ جي پٺيان وڃجو،


پوءِ ھو اوھان کي ماڙيءَ تي ھڪ وڏو سجايل ۽ تيار ڪمرو ڏيکاريندو، جتي اوھين اسان لاءِ عيد فصح تيار ڪجو.“


اوھين گھر جي مالڪ کان پڇجو تہ ’اوطاق ڪٿي آھي جتي استاد پنھنجن شاگردن سان گڏ عيد فصح کائي.‘


ھن چوڻ کان پوءِ مارٿا موٽي ويئي ۽ پنھنجي ڀيڻ مريم کي پنھنجي منھن سڏي چيائين تہ ”ادي! استاد آيو آھي ۽ تو کي سڏي ٿو.“


اوھين مون کي استاد ۽ خداوند ڪري ٿا سڏيو، سو برابر آھي، ڇاڪاڻ⁠تہ آءٌ اھو ئي آھيان.


ڏسو، آءٌ دروازي وٽ بيھي کڙڪايان ٿو، جيڪڏھن ڪو ماڻھو منھنجو آواز ٻڌي دروازو کوليندو تہ آءٌ اندر لنگھي ايندس ۽ انھيءَ سان گڏ ماني کائيندس ۽ اھو مون سان گڏ کائيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ