Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 13:9 - Common Language New Testament

9-10 سڀني قومن ۾ پھريائين منھنجي خوشخبريءَ جي تبليغ ضرور ڪئي ويندي. اوھان کي پنھنجي ھوشياري ڪرڻ کپي، ڇالاءِ⁠جو اوھان کي گرفتار ڪري ڪورٽن جي حوالي ڪيو ويندو ۽ اوھان کي عبادت⁠خانن ۾ مارڪُٽ ڪئي ويندي. منھنجي ڪري اوھان کي حاڪمن ۽ بادشاھن جي اڳيان پيش ڪيو ويندو. اھا ڀل تہ انھن تي شاھدي ٿئي. سڀني قومن ۾ پھريائين منھنجي خوشخبريءَ جي تبليغ ضرور ڪئي ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 پر اوهين پنهنجي خبرداري ڪجو، ڇالاءِ جو هو اوهان کي عدالتن جي حوالي ڪندا؛ ۽ عبادتگاهن ۾ اوهان کي ماريندا ڪُٽيندا؛ ۽ منهنجي خاطر اوهان کي حاڪمن ۽ بادشاهن جي اڳيان کڙو ڪندا، تہ ڀلي اُنهن لاءِ شاهدي ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9-10 سڀني قومن ۾ پهريائين ايشور جي راڄ بابت خوشخبريءَ جو پرچار ضرور ڪيو ويندو. سو اوهان کي پنهنجي هوشياري ڪرڻ کپي، ڇاڪاڻ تہ اوهان کي گرفتار ڪري ڪورٽن ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ اوهان کي مارڪُٽ ڪئي ويندي. منهنجي ڪري اوهان کي حاڪمن ۽ راجائن جي اڳيان پيش ڪيو ويندو. اتي اوهين اها خوشخبري ٻڌائيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9-10 سڀني قومن ۾ پهريائين خدا جي بادشاهيءَ بابت خوشخبريءَ جي منادي ضرور ڪئي ويندي. سو اوهان کي پنهنجي هوشياري ڪرڻ کپي، ڇاڪاڻ تہ اوهان کي گرفتار ڪري ڪورٽن ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ عبادت‌خانن ۾ اوهان کي مارڪُٽ ڪئي ويندي. منهنجي ڪري اوهان کي حاڪمن ۽ بادشاهن جي اڳيان پيش ڪيو ويندو. اتي اوهين اها خوشخبري ٻڌائيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 13:9
37 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر ھاڻي آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪو پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ سان ڪاوڙيل رھي ٿو سو بہ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو. جيڪو ڪنھن ٻئي کي ’اي چريا!‘ ڪري سڏي ٿو، سو وڏيءَ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ جيڪو ڪنھن کي چوندو تہ ’اي ڀوڪ!‘ سو جھنم جي باھہ ۾ پوڻ جوڳو ٿيندو.


”متان ڪنھن کي ٻڌايو اٿيئي، پر سڌو وڃي ڪاھنن کي پاڻ ڏيکار ۽ موسيٰ جي شريعت موجب قرباني ڪج تہ جيئن انھن آڏو ثابتي ٿئي تہ تون ڇٽي ويو آھين.“


تنھن تي عيسيٰ انھن کي چوڻ لڳو تہ ”خبردار ٿجو، متان ڪو اوھان کي ٺڳي نہ وڃي.


قوم، قوم سان وڙھندي ۽ بادشاھت، بادشاھت تي چڙھائي ڪندي. ڪيترن ئي ھنڌن تي زلزلا ايندا ۽ ڏڪار پوندا. اھي ڳالھيون تہ مصيبتن جي شروعات آھن.


جيڪڏھن ڪنھن اھڙي ھنڌ وڃو جتان جا ماڻھو اوھان کي قبول نہ ڪن، تہ پوءِ اتان رواني ٿيڻ وقت پنھنجي پيرن جي مٽي اتي ڇنڊي ڇڏجو تہ جيئن مٿن شاھدي ٿئي.“


جيڪي ماڻھو اوھان کي قبول نہ ڪن، تہ انھيءَ شھر کان ٻاھر نڪري پنھنجن پيرن جي مٽي ڇنڊي ڇڏجو، تہ جيئن مٿن شاھدي قائم ٿئي.“


مون اوھان کي جيڪي ٻڌايو آھي سو ياد رکو تہ ڪوبہ غلام پنھنجي مالڪ کان وڏو نہ آھي. سو جيڪڏھن ماڻھن مون کي ستايو آھي تہ اوھان کي بہ ستائيندا. جيڪڏھن انھن منھنجي تعليم تي عمل ڪيو آھي تہ اوھان جي تعليم تي بہ عمل ڪندا.


ماڻھو اوھان کي عبادت⁠خانن مان ڪڍي ڇڏيندا ۽ اھو بہ وقت ايندو جڏھن ڪو اوھان کي ماري وجھندو ۽ ائين سمجھندو تہ ’آءٌ خدا جي خدمت ٿو ڪريان.‘


ھن اسان وٽ اچي پولس جو ڪمربند کنيو ۽ پنھنجا ھٿ پير ٻڌي چوڻ لڳو تہ ”پاڪ روح جو چوڻ آھي تہ جنھن جو ھي ڪمربند آھي، تنھن کي يروشلم ۾ يھودي ھھڙي نموني ٻڌي غير قومن جي حوالي ڪندا.“


جيئن ئي ڪائونسل جي ماڻھن استيفنس جون اھي ڳالھيون ٻڌيون تہ اھي دل ۾ سڙي ويا ۽ ڪاوڙ ۾ اچي پنھنجا ڏند ڪرٽڻ لڳا.


آءٌ پاڻ ھن کي ڏيکاريندس تہ منھنجي نالي جي ڪري کيس ڪيترا نہ ڏک سھڻا پوندا.“


ڇالاءِ⁠جو مسيح جي خاطر اوھان تي اھا ٻاجھہ ٿي آھي تہ نہ رڳو مٿس ايمان آڻيو، پر ھن جي لاءِ ڏک بہ سھو.


انھن ڳالھين مان ثابت آھي تہ خدا جو انصاف سچو آھي. انھيءَ جي نتيجي ۾ اوھين خدا جي بادشاھت جي لائق ليکبا، جنھن جي لاءِ اوھين ڏک بہ سھو ٿا پيا.


خبردار، اوھان جيڪي ڪم ڪيا آھن سي متان برباد ڪري ڇڏيو، بلڪ اوھان کي پورو پورو اجر ملي.


آءٌ يوحنا اوھان جو ڀاءُ ۽ عيسيٰ جي مصيبت، بادشاھت ۽ صبر ۾ اوھان سان شريڪ آھيان. آءٌ خدا جي ڪلام ٻڌائڻ ۽ عيسيٰ جي شاھدي ڏيڻ ڪري انھيءَ ٻيٽ ۾ قيد ھوس جيڪو پتمس ٿو سڏجي.


جيڪي ڏک اوھان کي سھڻا آھن تن کان نہ ڊڄو. ياد رکو، شيطان اوھان مان ڪن کي قيد ۾ وجھندو تہ جيئن اوھان جي آزمائش ٿئي. اوھان ڏھن ڏينھن تائين مصيبت برداشت ڪندا. اوھين مرڻ گھڙيءَ تائين ايمان تي قائم رھو تہ آءٌ اوھان کي زندگيءَ جو تاج ڏيندس.


مون کي خبر آھي تہ اوھين ڪٿي ٿا رھو، يعني اتي جتي شيطان جو تخت آھي. اوھين منھنجي نالي تي قائم آھيو ۽ اوھان انھن ڏينھن ۾ بہ مون تي ايمان آڻڻ نہ ڇڏيو، جڏھن اوھان منجھان منھنجو وفادار شاھد انتيپاس ان جاءِ تي ماريو ويو جتي شيطان رھي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ