Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 13:34 - Common Language New Testament

34 اھو انھيءَ ماڻھوءَ وانگر آھي جيڪو پرديس تي ويو ھجي ۽ گھر مان نڪرڻ مھل پنھنجن نوڪرن کي اختياري ڏيئي ھر ھڪ کي پنھنجو پنھنجو ڪم سونپي ويو ھجي، بلڪ دربان کي بہ حڪم ڏيئي ويو ھجي تہ ’سجاڳ رھجانءِ.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

34 اهو انهي ماڻهوءَ وانگر آهي جو پرديس ۾ ويو هجي، ۽ گهر ڇڏڻ مهل پنهنجن نوڪرن کي اختياري ڏيئي هرهڪ کي پنهنجو پنهنجو ڪم سونپي ويو هجي، بلڪ دربان کي بہ حڪم ڏئي تہ سجاڳ رهہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

34 منش‌پتر جو موٽي اچڻ انهيءَ ماڻهوءَ وانگر آهي جيڪو پرديس تي ويو هجي ۽ گھر مان نڪرڻ مهل پنهنجي نوڪرن کي اختياري ڏيئي هر هڪ کي پنهنجو پنهنجو ڪم سونپي ويو هجي، بلڪ دربان کي بہ حڪم ڏيئي ويو هجي تہ ’سجاڳ رهجانءِ.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

34 ابنِ آدم جو موٽي اچڻ انهيءَ ماڻهوءَ وانگر آهي جيڪو پرديس تي ويو هجي ۽ گھر مان نڪرڻ مهل پنهنجي نوڪرن کي اختياري ڏيئي هر هڪ کي پنهنجو پنهنجو ڪم سونپي ويو هجي، بلڪ دربان کي بہ حڪم ڏيئي ويو هجي تہ ’سجاڳ رهجانءِ.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 13:34
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ تو کي آسمان واري بادشاھت جون ڪنجيون ڏيندس ۽ جنھن ڳالھہ جي تون زمين تي منع ڪندين تہ بھشت ۾ بہ منع ڪئي ويندي ۽ جنھن ڳالھہ جي تون زمين تي اجازت ڏيندين تہ بھشت ۾ بہ ان جي اجازت ڏني ويندي.“


دربان ھن لاءِ در کولي ٿو ۽ رڍون ھن جو آواز ٻڌن ٿيون. ھو نالو وٺي پنھنجين رڍن کي سڏي ٿو ۽ کين ٻاھر آڻي ٿو.


اھو ئي سبب آھي جو اوھين محصول ڏيندا آھيو، ڇالاءِ⁠جو حڪومتون جڏھن پنھنجا فرض پورا ٿيون ڪن تہ ڄڻڪ اھي خدا جي لاءِ ڪم ڪن ٿيون.


تہ پوءِ اي منھنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! مضبوط ۽ ثابت⁠قدم رھو ۽ ھميشہ خداوند جي ڪم ۾ وڌندا ھلو، ڇالاءِ⁠جو اوھين ڄاڻو ٿا تہ خداوند جي خدمت ۾ اوھان جو پورھيو اجايو نہ آھي.


ڇالاءِ⁠جو اوھين ڄاڻو ٿا تہ انھيءَ جي عيوض ۾ اوھان کي خداوند کان ميراث ملندي. اوھين خداوند مسيح جي خدمت ٿا ڪريو.


اي مالڪؤ! پنھنجن غلامن سان عدل ۽ انصاف جي ھلت ڪريو، ڇالاءِ⁠جو اوھين ڄاڻو ٿا تہ اوھان جو بہ ھڪڙو مالڪ آھي جيڪو آسمان ۾ آھي.


”فلدلفيا واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانھن لک تہ جيڪو پاڪ ۽ سچو آھي، جنھن وٽ دائود جي ڪنجي آھي، جنھن جي کوليل کي ڪو بند نہ ڪندو ۽ جنھن جي بند ڪيل کي ڪوبہ کولي نہ سگھندو، سو ھيئن ٿو چوي تہ


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ