Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 13:27 - Common Language New Testament

27 پوءِ ھو ملائڪن کي زمين جي چئني ڪنڊن ڏانھن موڪليندو، تہ جيئن ھو خدا جي چونڊيل ماڻھن کي ھڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين آڻي گڏ ڪن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 ۽ انهي وقت هو ملائڪ موڪلي، پنهنجن چونڊيلن کي زمين جي حد کان، آسمان جي حد تائين، چئني طرفن کان آڻي گڏ ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

27 پوءِ هو دوتن کي هر طرف موڪليندو، تہ جيئن اهي ايشور جي چونڊيل سڀني ماڻهن کي آڻي گڏ ڪن جيڪي ڌرتيءَ جي هڪ ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين پکڙيل آهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

27 پوءِ هو ملائڪن کي هر طرف موڪليندو، تہ جيئن اهي خدا جي چونڊيل سڀني ماڻهن کي آڻي گڏ ڪن جيڪي ڌرتيءَ جي هڪ ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين پکڙيل آهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 13:27
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آخرت جي ڏينھن ڏکڻ جي راڻي اٿي بيھندي ۽ ھن زماني جي ماڻھن کي ڏوھاري ٺھرائيندي، ڇالاءِ⁠جو ھوءَ سليمان جي سياڻپ ٻڌڻ لاءِ وڏي پنڌ تان آئي ھئي، پر آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھتي ھڪڙو اھڙو آھي جو سليمان کان بہ وڏو آھي.“


ابن⁠آدم پنھنجن ملائڪن کي موڪليندو ۽ اھي سندس بادشاھت مان انھن سڀني کي گڏ ڪندا جيڪي ٻين کي گمراھہ ٿا ڪن ۽ بڇڙائي ڪن ٿا.


ساڳيءَ طرح آخرت جي ڏينھن بہ ٿيندو. ملائڪ وڃي نيڪن کان بڇڙن کي ڌار ڪندا،


سو جيڪڏھن انھن ڏينھن جو مدو گھٽايو نہ وڃي ھا تہ جيڪر ڪوبہ بچي نہ سگھي ھا، پر خدا جي چونڊيلن خاطر انھن ڏينھن جو مدو گھٽايو ويندو.


ڇالاءِ⁠جو اھڙا ڪوڙا ماڻھو ظاھر ٿيندا جيڪي پاڻ کي مسيح يا نبي سڏائيندا. اھي وڏيون نشانيون ڏيکاريندا ۽ حيرت جھڙا ڪم ڪندا، انھيءَ مقصد لاءِ تہ جيڪڏھن کانئن ٿي سگھي تہ خدا جي چونڊيلن کي بہ گمراھہ ڪن.


تڏھن ناد جي وڏي آواز سان وڄندي ئي ھو ملائڪن کي ڌرتيءَ جي چئني ڪنڊن ڏانھن موڪليندو، تہ جيئن اھي دنيا جي ھڪ ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين خدا جي چونڊيلن کي آڻي گڏ ڪن.“


خداوند جيڪڏھن انھن ڏينھن جو مدو نہ گھٽائي ھا، تہ جيڪر ڪوبہ بچي نہ سگھي ھا. پر ھن پنھنجن چونڊيلن جي ڪري انھن ڏينھن جو مدو گھٽائي ڇڏيو.


ڇالاءِ⁠جو اھڙا ڪوڙا ماڻھو ظاھر ٿيندا جيڪي پاڻ کي مسيح يا نبي سڏائيندا. اھي نشانيون ڏيکاريندا ۽ حيرت جھڙا ڪم ڪندا، انھيءَ مقصد لاءِ تہ جيڪڏھن کانئن ٿي سگھي تہ خدا جي چونڊيلن کي بہ گمراھہ ڪن.


”اوھين انجير جي وڻ مان سبق پرايو. جڏھن ھن جون ٽاريون سايون ۽ نرم ٿين ٿيون ۽ انھن ۾ پن اچڻ شروع ٿين ٿا، تڏھن اوھين سمجھو ٿا تہ اونھارو آيو ڪي آيو.


جڏھن اھو غريب ماڻھو مري ويو تہ ملائڪن کڻي وڃي کيس بھشت ۾ ابراھيم جي پاسي ۾ ويھاريو. شاھوڪار ماڻھو بہ مري ويو ۽ دفن ڪيو ويو.


تہ پوءِ خدا پنھنجي چونڊيلن سان انصاف نہ ڪندو ڇا، جيڪي رات ڏينھن کيس ٻاڏائين پيا؟ ڇا ھو انھن جي مدد ڪرڻ ۾ دير ڪندو؟


منھنجون ٻيون بہ رڍون آھن جيڪي ھن واڙي جون نہ آھن. انھن کي آڻڻ بہ مون لاءِ ضروري آھي. اھي منھنجو آواز ٻڌنديون ۽ پوءِ ھڪڙو ئي ڌڻ ۽ ھڪڙو ئي ڌنار ٿيندو.


نہ رڳو قوم لاءِ پر انھيءَ لاءِ تہ خدا جا ٻار جيڪي ڇڙوڇڙ ٿيل آھن تن کي گڏي ھڪ ڪري.


خدا جي چونڊيل ماڻھن تي ڪير تھمت ھڻندو؟ جڏھن خدا خود انھن کي پاڻ ڏانھن سچار ٿو بڻائي.


تنھنڪري جيئن خدا جا چونڊيل، پاڪ ۽ پيارا آھيو، تيئن رحمدليءَ، مھربانيءَ، نِوڙت، حليمائيءَ ۽ صبر کي پوشاڪ وانگر پھري ڇڏيو.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي اچڻ ۽ ھن وٽ اسان جي گڏ ٿيڻ بابت اوھان کي منٿ ٿا ڪريون،


تنھنڪري آءٌ چونڊيل ماڻھن جي خاطر سڀ ڪجھہ سھان ٿو، تہ جيئن جيڪو ڇوٽڪارو عيسيٰ مسيح جي وسيلي ٿو ملي، تنھن کي اھي بہ ابدي عظمت سميت حاصل ڪن.


خدا پيءُ اڳ ۾ ئي اوھان کي ڄاتو ۽ پاڪ روح جي وسيلي پاڪ ڪري اوھان کي چونڊيو، انھيءَ لاءِ تہ اوھين عيسيٰ مسيح جا فرمانبردار ٿيو ۽ سندس رت ڇٽڪارڻ سان پاڪ صاف ڪيا وڃو. شل اوھان تي فضل ۽ سلامتي وڌندي رھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ