Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 13:13 - Common Language New Testament

13 منھنجي نالي جي ڪري ھر ڪو اوھان کان نفرت ڪندو. پر اوھان مان جيڪو توڙ تائين نڀائيندو سو ئي ڇوٽڪارو حاصل ڪندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ۽ منهنجي نالي جي ڪري سڀيئي ماڻهو اوهان کي ڌڪاريندا: پر جيڪو توڙ تائين قائم رهندو، سو ئي نجات پائيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 منهنجي نالي جي ڪري هر ڪو اوهان سان دشمني رکندو. پر اوهان مان جيڪو توڙ تائين ثابت قدم رهندو سو اطمينان رکي تہ هن لاءِ مڪتي آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 منهنجي نالي جي ڪري هر ڪو اوهان سان دشمني رکندو. پر اوهان مان جيڪو توڙ تائين ثابت قدم رهندو سو اطمينان رکي تہ هن لاءِ ڇوٽڪارو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 13:13
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منھنجي نالي جي ڪري سڀڪو اوھان کي ڌڪاريندو، پر اوھان مان جيڪو توڙ تائين نڀائيندو سو ئي ڇوٽڪارو حاصل ڪندو.


پر اوھان مان جيڪو توڙ تائين نڀائيندو، اھو ئي ڇوٽڪارو حاصل ڪندو.


پوءِ اوھان کي عذاب ڏيڻ ۽ مارائڻ لاءِ ٻين جي حوالي ڪيو ويندو. منھنجي نالي جي ڪري سڀني قومن جا ماڻھو اوھان کان نفرت ڪندا.


ڀاءُ ڀاءُ کي مارائڻ لاءِ گرفتار ڪرائيندو ۽ پيءُ پنھنجي ٻار کي مارائڻ لاءِ گرفتار ڪرائيندو. ٻار پنھنجي ماءُ⁠پيءُ کان ڦري ويندا ۽ کين مارائڻ لاءِ گرفتار ڪرائيندا.


منھنجي نالي جي ڪري سڀ ماڻھو اوھان کان نفرت ڪندا.


سڀاڳا آھيو اوھين، جڏھن ماڻھو ابن⁠آدم جي ڪري توھان کي ڌڪاريندا، ناتا ٽوڙيندا، ڦٽ لعنت ڪندا ۽ ائين بہ چوندا تہ اوھين بڇڙا آھيو.


پر اِھي سڀ ڳالھيون ھو منھنجي نالي جي ڪري اوھان سان ڪندا، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو انھيءَ کي نہ ٿا سڃاڻن جنھن مون کي موڪليو آھي.


مون انھن کي تنھنجو ڪلام ڏنو آھي پر دنيا انھن کان نفرت ڪري ٿي، ڇالاءِ⁠جو اھي دنيا جا نہ آھن جيئن آءٌ دنيا جو نہ آھيان.


جيڪي نيڪي ڪرڻ ۾ ثابت قدم رھندي جلال، عزت ۽ بقا جا طالب آھن، تن کي خدا دائمي زندگي ڏيندو.


اسان کي نيڪي ڪرڻ ۾ ٿڪجڻ نہ گھرجي، ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن ھمت نہ ھارينداسين تہ پوري وقت تي لابارو لاھينداسين.


مگر اسين انھن مان نہ آھيون جيڪي پوئتي ھٽي ناس ٿا ٿين، بلڪ انھن مان آھيون جيڪي ايمان آڻي پاڻ کي بچائين ٿا.


ڇالاءِ⁠جو اسين مسيح سان شريڪ ٿيا آھيون، بشرطيڪ اسين پنھنجي شروع واري يقين تي پڇاڙيءَ تائين مضبوطيءَ سان قائم رھون.


سڀاڳو آھي اھو ماڻھو، جيڪو آزمائش ۾ ثابت قدم ٿو رھي. ڇالاءِ⁠جو جڏھن ھو انھيءَ امتحان ۾ پاس ٿيو تہ کيس فتح جو تاج، يعني اھا زندگي حاصل ٿيندي جنھن جو خدا پنھنجي محبت ڪرڻ وارن سان واعدو ڪيو آھي.


منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏھن دنيا اوھان سان دشمني ٿي ڪري تہ عجب نہ کائو.


جيڪي ڏک اوھان کي سھڻا آھن تن کان نہ ڊڄو. ياد رکو، شيطان اوھان مان ڪن کي قيد ۾ وجھندو تہ جيئن اوھان جي آزمائش ٿئي. اوھان ڏھن ڏينھن تائين مصيبت برداشت ڪندا. اوھين مرڻ گھڙيءَ تائين ايمان تي قائم رھو تہ آءٌ اوھان کي زندگيءَ جو تاج ڏيندس.


جيئن تہ اوھان منھنجو حڪم مڃي صبر ڪيو، تنھنڪري آءٌ بہ اوھان کي آزمائش جي گھڙيءَ کان بچائيندس، جيڪا ڌرتيءَ تي رھڻ وارن جي آزمائش لاءِ ساري جھان تي اچڻي آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ