Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 13:11 - Common Language New Testament

11 جڏھن ھو اوھان کي گرفتار ڪري ڪورٽن جي حوالي ڪن تہ وقت کان اڳي ڳڻتي نہ ڪجو تہ اوھان کي ڇا چوڻو آھي. وقت اچڻ تي اوھان کي جيڪي ڪجھہ ٻڌايو وڃي سو ئي چئجو، ڇالاءِ⁠جو جيڪي لفظ اوھين ڳالھائيندا اُھي اوھان جا نہ پر پاڪ روح جا ھوندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ۽ جڏهن هو اوهان کي وٺي وڃي حوالي ڪن، تڏهن اڳيئي اهو فڪر نہ ڪجو تہ اسين ڇا چئون؟ پر جيڪي انهيءَ گهڙيءَ اوهان کي ڏنو وڃي سو چئجو: ڇالاءِ تہ ڳالهائيندڙ اوهين نہ هوندا پر پاڪ روح.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 جڏهن هو اوهان کي گرفتار ڪري ڪورٽن ۾ پيش ڪن تڏهن اها ڳڻتي نہ ڪجو تہ اوهان کي ڇا چوڻو آهي. جيڪي اوهان کي چوڻو هوندو سو انهيءَ مهل پاڻ ئي اوهان کي ٻڌايو ويندو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڳالهيون اوهين ڪندا سي اوهان جون نہ، پر پوِتر آتما جون هونديون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 جڏهن هو اوهان کي گرفتار ڪري ڪورٽن ۾ پيش ڪن تڏهن اها ڳڻتي نہ ڪجو تہ اوهان کي ڇا چوڻو آهي. جيڪي اوهان کي چوڻو هوندو سو انهيءَ مهل پاڻ ئي اوهان کي ٻڌايو ويندو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڳالهيون اوهين ڪندا سي اوهان جون نہ، پر پاڪ روح جون هونديون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 13:11
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر انھن ماڻھن کان ھوشيار ٿجو، ڇالاءِ⁠جو اھي اوھان کي گرفتار ڪري ڪورٽن جي حوالي ڪندا ۽ پنھنجن عبادت⁠خانن ۾ اوھان کي چھبڪ ھڻندا.


ڀاءُ ڀاءُ کي مارائڻ لاءِ گرفتار ڪرائيندو ۽ پيءُ پنھنجي ٻار کي مارائڻ لاءِ گرفتار ڪرائيندو. ٻار پنھنجي ماءُ⁠پيءُ کان ڦري ويندا ۽ کين مارائڻ لاءِ گرفتار ڪرائيندا.


سڀني قومن ۾ پھريائين منھنجي خوشخبريءَ جي تبليغ ضرور ڪئي ويندي. اوھان کي پنھنجي ھوشياري ڪرڻ کپي، ڇالاءِ⁠جو اوھان کي گرفتار ڪري ڪورٽن جي حوالي ڪيو ويندو ۽ اوھان کي عبادت⁠خانن ۾ مارڪُٽ ڪئي ويندي. منھنجي ڪري اوھان کي حاڪمن ۽ بادشاھن جي اڳيان پيش ڪيو ويندو. اھا ڀل تہ انھن تي شاھدي ٿئي. سڀني قومن ۾ پھريائين منھنجي خوشخبريءَ جي تبليغ ضرور ڪئي ويندي.


پر ھنن ڳالھين ٿيڻ کان اڳي ئي اوھين سوگھا ڪيا ويندا. اوھان کي ستايو ويندو، عبادت⁠خانن وارن رھبرن جي حوالي ڪيو ويندو ۽ جيلن ۾ وڌو ويندو. منھنجي نالي جي ڪري اوھان کي بادشاھن ۽ حاڪمن اڳيان پيش ڪيو ويندو.


تنھن تي يحيٰ ھي جواب ڏنو تہ ”ڪنھن انسان وٽ ايترو ٿي سگھي ٿو جيترو خدا کيس عطا ڪيو آھي.


اھي سڀيئي پاڪ روح سان ڀرجي ويا ۽ انھيءَ جي قدرت سان ڌاريون ٻوليون ڳالھائڻ لڳا.


ابراھيم، اسحاق ۽ يعقوب جي خدا ۽ اسان جي وڏن جي خدا پنھنجي ٻانھي عيسيٰ کي جلال بخشيو، پر اوھان ھن کي پڪڙايو ۽ کيس پلاطس جي درٻار ۾ رد ڪيو، جيتوڻيڪ پلاطس ھن کي ڇڏي ڏيڻ جو ارادو ڪيو ھو.


جڏھن انھن دعا گھري پوري ڪئي تہ اھا جاءِ ڌڏي ويئي جتي ھو گڏ ٿيا ھئا. اھي سڀيئي پاڪ روح سان ڀرجي ويا ۽ بي⁠ڊپا ٿي خدا جو ڪلام ٻڌائڻ لڳا.


پر پاڪ روح استيفنس کي اھڙي سياڻپ ڏني جو جڏھن ھن ڳالھايو تہ اھي سندس مقابلو ڪري نہ سگھيا.


تڏھن جيڪي ڪائونسل ۾ ويٺا ھئا تن استيفنس ڏانھن چتائي نھاريو تہ کين سندس منھن ملائڪ جھڙو ڏسڻ ۾ آيو.


پر استيفنس پاڪ روح سان ڀرجي آسمان ڏانھن نھاريو تہ خدا جو جلوو نظر آيس ۽ عيسيٰ کي خدا جي ساڄي پاسي بيٺل ڏٺائين.


اسين اھي ڳالھيون ماڻھن جي ڏاھپ جي سيکاريل لفظن ۾ نہ، پر پاڪ روح جي سيکاريل لفظن ۾ بيان ٿا ڪريون. اھڙيءَ طرح اسين روحاني ڳالھيون روحاني لفظن سان ئي سمجھايون ٿا.


اڳئين زماني ۾ ماڻھن کي ھي راز اھڙيءَ طرح نہ ٻڌايو ويو ھو، جھڙيءَ طرح ھاڻي خدا جي پاڪ رسولن ۽ نبين تي پاڪ روح جي وسيلي ظاھر ٿيو آھي.


جيڪڏھن اوھان مان ڪنھن ۾ دانائيءَ جي ڪمي آھي تہ اھو خدا کان گھري. ھو کيس ڏيندو، ڇالاءِ⁠جو خدا سڀني کي بي⁠انداز ٿو ڏئي ۽ طعنا نہ ٿو ھڻي.


انھن نبين تي ھيءَ ڳالھہ ظاھر ڪئي ويئي تہ اھي پنھنجي نہ، پر اوھان جي خدمت لاءِ اھي ڳالھيون بيان ڪندا ھئا، جن جي خبر ھاڻي اوھان کي انھن پيغمبرن جي معرفت ملي، جن آسمان مان موڪليل پاڪ روح جي وسيلي اوھان کي خوشخبري ٻڌائي. ھي ڳالھيون اھڙيون آھن جن کي ملائڪ بہ سمجھڻ جا خواھشمند آھن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ