Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 12:7 - Common Language New Testament

7 پر انھن باغائين پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ ’ھي مالڪ جو وارث آھي، اچو تہ ھن کي ماري ڇڏيون تہ پوءِ ملڪيت ئي اسان جي ٿي پوندي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 پر اُنهن آبادگارن پاڻ ۾ چيو تہ هي وارث آهي، اچو تہ هن کي ماري ڇڏيون، تہ پوءِ ورثو اسان جو ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 پر انهن باغائين پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ ’هي مالڪ جو اڪيلو وارث آهي، اچو تہ هن کي ماري ڇڏيون تہ پوءِ سندس ميراث اسان جي ٿي پوندي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 پر انهن باغائين پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ ’هي مالڪ جو اڪيلو وارث آهي، اچو تہ هن کي ماري ڇڏيون تہ پوءِ سندس ميراث اسان جي ٿي پوندي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 12:7
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏھن ھيروديس ڏٺو تہ نجومين ساڻس ٺڳي ڪئي آھي، تڏھن ڏاڍو اچي ڪاوڙيو. ھن حڪم ڏنو تہ ”بيت⁠لحم ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ جيڪي⁠بہ ٻن سالن کان ننڍا يا ٻن سالن جا ٻار ھجن تن سڀني کي ماري ڇڏيو،“ ڇوتہ ھن کي اھو وقت ياد ھو جڏھن نجومين کيس تاري جي ظاھر ٿيڻ بابت ٻڌايو ھو.


جڏھن ميوي لھڻ جو وقت ٿيو تہ ھن پنھنجا نوڪر باغائين ڏانھن موڪليا تہ سندس ڀاڱي جو ميوو وٺي اچن.


يھودين جي اڳواڻن عيسيٰ کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڇاڪاڻ⁠تہ اھي ڄاڻن پيا تہ ھي مثال عيسيٰ انھن جي خلاف ٻڌايو ھو. پر انھن کي ماڻھن کان ڊپ بہ ٿيو پئي، تنھنڪري ھو کيس ڇڏي ھليا ويا.


باقي وڃي سڪيلڌو پٽ بچيو ھوس. تنھن کي سڀني کان پوءِ باغائين ڏانھن موڪليائين، جو پڪ ھيس تہ ھو انھيءَ جي عزت ڪندا.


پوءِ انھن ھن کي پڪڙي ماري وڌو ۽ سندس لاش کي باغ جي ٻاھران اڇلائي ڇڏيائون.“


خدا جي اڳي ئي ڪيل فيصلي ۽ علم موجب عيسيٰ کي اوھان جي حوالي ڪيو ويو، تہ جيئن اوھان ھن کي گنھگار ماڻھن جي ھٿان صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻائي مارايو.


کين چيو تہ ”اسان اوھان کي سخت تاڪيد ڪيو ھو تہ ھن ماڻھوءَ جي نالي تي تعليم نہ ڏيو. پر اٽلندو اوھان سڄي يروشلم ۾ پنھنجي تعليم پکيڙي ڇڏي آھي، جنھن ۾ اسان کي انھيءَ جي موت جو ذميوار بہ بڻايو ٿا.“


اھو ڪھڙو نبي ھو جنھن کي اوھان جي ابن ڏاڏن نہ ستايو؟ ھنن انھن کي بہ مارايو، جن انھيءَ سچار بندي جي اچڻ جي اڳواٽ خبر ڏني ۽ ھاڻي اوھان پاڻ انھيءَ سان دغابازي ڪري کيس مارايو آھي.


پر ھاڻي ھن زماني جي آخر ۾ خدا اسان سان پنھنجي فرزند جي معرفت ڳالھايو، جنھن کي ھن سڀني شين جو وارث مقرر ڪيو ۽ سندس ئي وسيلي ڪائنات خلقيائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ