Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 12:28 - Common Language New Testament

28 شريعت جو ھڪڙو عالم آيو ۽ ھنن کي بحث ڪندو ڏسي ڄاڻي ورتائين تہ عيسيٰ صدوقين کي سٺو جواب ڏنو آھي. تڏھن عيسيٰ کان پڇيائين تہ ”سڀني حڪمن کان وڏو حڪم ڪھڙو آھي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 ۽ فقيهن مان هڪڙو آيو، ۽ هنن کي سوال جواب ڪندو ٻڌائين، ۽ ڄاتائين تہ هن کين چڱو جواب ڏنو آهي؛ تڏهن هن کان پڇيائين تہ سڀني حڪمن مان پهريون ڪهڙو آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

28 انهيءَ وقت نيم شاسترين مان هڪڙو اتي آيو ۽ هنن کي بحث ڪندو ڏسي ڄاڻي ورتائين تہ يسوع صدوقين کي سٺو جواب ڏنو آهي. تڏهن يسوع کان پڇيائين تہ ”سڀني حڪمن کان وڏو حڪم ڪهڙو آهي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

28 انهيءَ وقت شريعت جو هڪڙو عالم اتي آيو ۽ هنن کي بحث ڪندو ڏسي ڄاڻي ورتائين تہ عيسيٰ صدوقين کي سٺو جواب ڏنو آهي. تڏهن عيسيٰ کان پڇيائين تہ ”سڀني حڪمن کان وڏو حڪم ڪهڙو آهي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 12:28
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ھن پڇيو تہ ”ڪھڙا حڪم؟“ عيسيٰ وراڻيو تہ ”خون نہ ڪر، زنا نہ ڪر، چوري نہ ڪر، ڪوڙي شاھدي نہ ڏي،


مصيبت آھي اوھان لاءِ اي شريعت جا عالمو ۽ فريسيو! اي رياڪارو! اوھين خدا جي راھہ ۾ ڦودني، وڏفن ۽ زيري جي فصل جو ڏھون حصو تہ ڏيو ٿا، پر جيڪي شريعت جون انھيءَ کان بہ وڌيڪ ضروري ڳالھيون آھن يعني انصاف، رحم ۽ ايمانداري، تن کي ڇڏي ڏنو اٿوَ. واجب تہ ائين ئي ھو جو ھي بہ ڪريو ھا ۽ انھن کي بہ نہ ڇڏيو ھا.


تنھنڪري جيڪو ڪنھن ننڍڙي حڪم جي بہ ڀڃڪڙي ڪندو ۽ ٻين ماڻھن کي بہ ائين ڪرڻ سيکاريندو، سو آسمان واري بادشاھت ۾ سڀني کان ننڍو سڏبو. پر جيڪو انھن تي عمل ڪندو ۽ ٻين کي بہ ائين ئي ڪرڻ سيکاريندو تہ اھو آسمان واري بادشاھت ۾ وڏو سڏبو.


جڏھن اھي موٽي اچي ٻين شاگردن سان مليا تہ ڏٺائون تہ انھن جي چوڌاري ماڻھن جو ھڪ وڏو ميڙ آھي ۽ شريعت جا ڪي عالم شاگردن سان بحث ڪري رھيا آھن.


ڪيتري نہ مصيبت آھي اوھان لاءِ اي فريسيو! جو اوھين خدا جي راھہ ۾ ڦودني، سوئن ۽ ھر ڪنھن ڀاڄين جي فصل جو ڏھون حصو تہ ڏيو ٿا، پر انصاف ڪرڻ ۽ خدا سان پيار ڪرڻ ڇڏي ڏنو اٿوَ. واجب تہ ائين ئي ھو جو ھي بہ ڪريو ھا ۽ انھن کي بہ نہ ڇڏيو ھا.


تڏھن ڪن شريعت جي عالمن کيس چيو تہ ”اي استاد! توھان صحيح ڳالھہ ڪئي آھي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ