Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 12:14 - Common Language New Testament

14 اُھي ھن وٽ آيا ۽ چيائونس تہ ”اي استاد! اسان کي خبر آھي تہ اوھين سچا آھيو ۽ ڪنھن جي پرواھہ ڪانہ ٿا ڪريو ۽ ڪنھن بہ ماڻھوءَ جي ظاھري ڏيک⁠ويک تي ڌيان نہ ٿا ڏيو، پر سچائيءَ سان خدا جو رستو ٿا ڏيکاريو. اسان کي ٻڌايو تہ قيصر کي محصول ڏيڻ اسان لاءِ جائز آھي يا نہ؟ اسين اُن کي محصول ڏيون يا نہ؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ۽ جڏهن اُهي آيا، تڏهن هن کي چوڻ لڳا، تہ اي اُستاد، اسان کي خبر آهي تہ تون سچو آهين، ۽ ڪنهن جي بہ پرواهہ ڪانہ ٿو رکين، ڇالاءِ جو تون ماڻهن جو لحاظ نٿو ڪرين، پر سچائيءَ سان خدا جو رستو ٿو سيکارين: قيصر کي ڍل ڏيڻ واجب آهي يا نہ؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 اهي هن وٽ آيا ۽ چيائونس تہ ”اي گرو! اسان کي سڌ آهي تہ اوهين سچا آهيو ۽ ڪنهن جي پرواهہ ڪانہ ٿا ڪريو. اوهين ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي ظاهري ڏيک‌ويک تي ڌيان نہ ٿا ڏيو، بلڪ سچائيءَ سان ايشور جو رستو ٿا ڏيکاريو. سو اسان کي ٻڌايو تہ رومي مهاراجا قيصر کي ٽيڪس ڏيڻ اسان لاءِ جائز آهي يا نہ؟ اسين اُن کي ٽيڪس ڏيون يا نہ؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 اهي هن وٽ آيا ۽ چيائونس تہ ”اي استاد! اسان کي خبر آهي تہ اوهين سچا آهيو ۽ ڪنهن جي پرواهہ ڪانہ ٿا ڪريو. اوهين ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي ظاهري ڏيک‌ويک تي ڌيان نہ ٿا ڏيو، بلڪ سچائيءَ سان خدا جو رستو ٿا ڏيکاريو. سو اسان کي ٻڌايو تہ رومي شهنشاهہ قيصر کي ٽيڪس ڏيڻ اسان لاءِ جائز آهي يا نہ؟ اسين اُن کي ٽيڪس ڏيون يا نہ؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 12:14
36 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ انھن پنھنجا شاگرد ۽ ھيروديس جي پارٽيءَ جا ڪي ماڻھو عيسيٰ ڏانھن موڪليا، جن اچي چيو تہ ”استاد! اسان کي خبر آھي تہ اوھين سچا آھيو ۽ سچائيءَ سان خدا جو رستو ٿا ڏيکاريو. اوھين ڪنھن جي بہ پرواھہ ڪانہ ٿا ڪريو ۽ ڪنھن بہ ماڻھوءَ جي ظاھري ڏيک⁠ويک تي ڌيان نہ ٿا ڏيو.


پوءِ اسان کي ٻڌايو تہ اوھين ڇا ٿا سمجھو؟ قيصر کي محصول ڏيڻ اسان لاءِ جائز آھي يا نہ؟“


ڪي فريسي ۽ ڪي ھيروديس جي پارٽيءَ جا ماڻھو عيسيٰ ڏانھن موڪليا ويا تہ کيس ڳالھائڻ ۾ ڦاسائين.


عيسيٰ انھن جي چالاڪيءَ کي سمجھي ويو، سو کين چيائين تہ ”اوھين مون کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڇو ٿا ڪريو؟“ پوءِ چيائين تہ ”ھڪڙو چانديءَ جو سڪو کڻي اچو تہ آءٌ اُن کي ڏسان.“


ھو پھچڻ شرط سڌو عيسيٰ وٽ آيو ۽ اچي ”سائين! سائين!“ ڪري کيس چمي ڏنائين.


ھاڻ اسان کي ٻڌايو تہ اسان لاءِ قيصر کي محصول ڏيڻ جائز آھي يا نہ؟“


اتي مٿس تھمتون ھڻي چوڻ لڳا تہ ”اسان ڏٺو آھي تہ ھيءُ ماڻھو اسان جي قوم کي برغلائي ٿو، ماڻھن کي قيصر جي ڍل ڏيڻ کان جھلي ٿو ۽ دعويٰ ٿو ڪري تہ ’آءٌ پاڻ مسيح بادشاھہ آھيان.‘“


جيڪو ماڻھو پنھنجي طرفان ڪجھہ چوندو آھي سو ڪوشش ڪندو آھي تہ سندس ساراھہ ٿئي. پر جيڪو چاھي ٿو تہ سندس موڪليندڙ جي ساراھہ ٿئي سو ئي سچو آھي ۽ انھيءَ ۾ ڪابہ ٺڳي ڪانہ آھي.


اھو ئي سبب آھي جو اوھين محصول ڏيندا آھيو، ڇالاءِ⁠جو حڪومتون جڏھن پنھنجا فرض پورا ٿيون ڪن تہ ڄڻڪ اھي خدا جي لاءِ ڪم ڪن ٿيون.


اسين انھن گھڻن ماڻھن وانگر نہ آھيون، جيڪي پنھنجي نفعي لاءِ خدا جي ڪلام جو غلط استعمال ڪن ٿا. پر اسين خدا جي طرفان ۽ دل جي سچائيءَ سان خدا کي حاضر ڄاڻي مسيح سان شامل ٿي ڳالھايون ٿا.


ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن آءٌ اوھان کي غمگين ڪريان تہ مون کي سواءِ انھيءَ جي ڪير خوش ڪندو، جيڪو منھنجي ڪري غمگين ٿيو آھي،


سو اسان تي خدا جو اھڙو رحم ٿيو آھي، جو اسان کي ھيءَ خدمت ملي آھي. تنھنڪري اسين ھمت نہ ٿا ھاريون،


تنھنڪري خداوند جو خوف ڪندي اسين ماڻھن کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. اسان جو حال خدا کي معلوم آھي ۽ مون کي اميد آھي تہ اھو اوھان جي دلين تي بہ صاف ظاھر ٿيو ھوندو.


تنھنڪري ھن کان پوءِ اسين ڪنھن کي بہ جسماني طور نہ ٿا سڃاڻون. جيتوڻيڪ اسان مسيح کي بہ جسماني طور ڄاتو ھو، پر ھاڻي اسين ھن کي ائين نہ ٿا سڃاڻون.


ڇا آءٌ ائين چئي ماڻھن کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھيان يا خدا کي؟ ڇا آءٌ ماڻھن کي خوش ڪرڻ ٿو گھران؟ جيڪڏھن ھن مھل تائين ماڻھن کي خوش ڪندو رھان ھا تہ جيڪر مسيح جو ٻانھو نہ ھجان ھا.


پر ڪي ماڻھو معتبر ليکيا ويندا ھئا، پوءِ اھي ڪھڙا بہ ھئا تنھن سان منھنجو واسطو ڪونھي، ڇالاءِ⁠جو خدا ماڻھوءَ جي ظاھري حالت کي نہ ٿو ڏسي. انھن ماڻھن مان مون کي خوشخبريءَ بابت ڪابہ ڳالھہ حاصل نہ ٿي.


بلڪ جيئن خدا اسان کي قبول ڪري خوشخبري اسان جي حوالي ڪئي، تيئن ئي اسين بيان ٿا ڪريون. اسين ماڻھن کي نہ پر خدا کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ٿا ڪريون، جيڪو اسان جي دلين کي آزمائي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ