Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 12:10 - Common Language New Testament

10 ڇا اوھان پاڪ لکت ۾ نہ پڙھيو آھي؟ ’جنھن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو، سو ئي پيڙھہ جو پٿر ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 اوهان هيءَ پاڪ لکيت بہ نہ پڙهي آهي ڇا، تہ ”جنهن پهڻ کي اڏيندڙن رد ڪري ڇڏيو، سو ئي ڪنڊ جو سرو ڪيو ويو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 ڇا اوهان پوِتر شاستر ۾ هي نہ پڙهيو آهي تہ ’جنهن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو هو، سو ئي پيڙهہ جو پٿر ٿيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 ڇا اوهان پاڪ ڪلام ۾ هي نہ پڙهيو آهي تہ ’جنهن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو هو، سو ئي پيڙهہ جو پٿر ٿيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 12:10
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنھن تي عيسيٰ چين تہ ”اوھان اھو ڪين پڙھيو آھي ڇا تہ جڏھن دائود ۽ سندس ساٿين کي بک لڳي ھئي تہ ھن ڇا ڪيو ھو؟


تنھن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”ڇا اوھان لکت ۾ نہ پڙھيو آھي تہ خالق انھن کي شروعات کان وٺي نر ۽ مادي ڪري پيدا ڪيو؟


تنھنڪري انھن عيسيٰ کي اچي چيو تہ ”ڇا تون اھو ٻڌين ٿو جيڪو ھو چون پيا؟“ عيسيٰ وراڻيو تہ ”ھائو. ڇا اوھان لکت ۾ نہ پڙھيو آھي تہ ’تو ٻارن ۽ کير پياڪن کان پنھنجي واکاڻ ڪرائي آھي.‘“


عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”ڇا اوھان لکت ۾ نہ پڙھيو آھي تہ ’جنھن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو، سو ئي پيڙھہ جو پٿر ٿيو. اھو خداوند جي طرفان ڪيو ويو، اھا اسان لاءِ ڪھڙي نہ عجيب ڳالھہ آھي!‘“


مري ويلن جي جيئري ٿيڻ بابت جيڪو خدا اوھان کي فرمايو آھي، سو اوھان ڪين پڙھيو آھي ڇا؟


مري ويلن جي جيئري ٿي اٿڻ بابت اوھان موسيٰ جي صحيفي ۾ ٻرندڙ ٻوڙي واري بيان ۾ ڪين پڙھيو آھي ڇا تہ ڪيئن خدا موسيٰ سان ڳالھايو ۽ چيائينس تہ ’آءٌ ابراھيم جو خدا، اسحاق جو خدا ۽ يعقوب جو خدا آھيان‘؟


تنھن تي عيسيٰ پڇين تہ ”پوءِ انگورن جي باغ جو مالڪ ڇا ڪندو؟ ھو پاڻ ايندو ۽ اچي ھنن کي ناس ڪندو ۽ انگورن جو باغ ٻين باغائين جي حوالي ڪندو.


”جڏھن اوھين خوفناڪ ۽ نفرت جھڙي شيءِ کي اُتي بيٺل ڏسو جتي اُن شيءِ کي بيھڻ نہ گھرجي، (جيڪو انھيءَ بابت پڙھي سو ضرور ان تي غور ڪري.) تڏھن جيڪي يھوديہ ۾ ھجن سي جبلن ڏانھن ڀڄي وڃن.


عيسيٰ چين تہ ”ڇا اوھان اھو نہ پڙھيو آھي تہ جڏھن دائود ۽ سندس ساٿين کي بک لڳي ھئي ۽ کين کائڻ لاءِ ڪجھہ گھربو ھو، تڏھن دائود ڇا ڪيو ھو؟


عيسيٰ کين جواب ۾ چيو تہ ”اوھان اھو نہ پڙھيو آھي ڇا تہ جڏھن دائود ۽ سندس ساٿين کي بک لڳي ھئي تہ ھن ڇا ڪيو ھو؟


جيئن لکيل آھي تہ ”ڏسو، صيئون ۾ ٿاٻڙائڻ وارو پٿر، يعني ماڻھن اڳيان ٺوڪر کائڻ واري ھڪ ڇپ کڙي ڪريان ٿو. پر جيڪو بہ ھن تي ايمان آڻيندو، سو ڪڏھن بہ مايوس نہ ڪيو ويندو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ