Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 11:23 - Common Language New Testament

23 آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪڏھن ڪنھن جي دل ۾ شڪ نہ آھي ۽ يقين اٿس تہ ’جيئن آءٌ چوان ٿو ائين ٿيندو،‘ تہ پوءِ جيڪڏھن ھو ھن جبل کي بہ چوندو تہ ’پنھنجي جاءِ تان ھٽي وڃي سمنڊ ۾ ڪر‘ تہ اھو بہ وڃي سمنڊ ۾ ڪرندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو هن جبل کي چوندو تہ اتان کڄي وڃي سمنڊ ۾ پئُہ، ۽ پنهنجي دل ۾ شڪ نہ آڻيندو، ۽ پڪ ڪري ڄاڻيندو تہ جيڪي چوان ٿو سو ٿيندو، تہ جيئن چوندو تيئن ئي ٿي پوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

23 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن ڪنهن جي دل ۾ شڪ نہ آهي ۽ يقين اٿس تہ ’جيئن آءٌ چوان ٿو ائين ٿيندو،‘ تہ پوءِ جيڪڏهن هو هن جبل کي بہ چوندو تہ ’پنهنجي جاءِ تان هٽي وڃي سمنڊ ۾ ڪِر،‘ تہ اهو بہ وڃي سمنڊ ۾ ڪرندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن ڪنهن جي دل ۾ شڪ نہ آهي ۽ يقين اٿس تہ ’جيئن آءٌ چوان ٿو ائين ٿيندو،‘ تہ پوءِ جيڪڏهن هو هن جبل کي بہ چوندو تہ ’پنهنجي جاءِ تان هٽي وڃي سمنڊ ۾ ڪِر،‘ تہ اهو بہ وڃي سمنڊ ۾ ڪرندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 11:23
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏھن عيسيٰ کي اھا خبر پيئي تہ اڪيلو ئي ھڪ ٻيڙيءَ ۾ چڙھي نويڪلي جڳھہ ڏانھن روانو ٿي ويو. جڏھن ماڻھن اھا ڳالھہ ٻڌي تہ پنھنجا شھر ڇڏي پيرين پيادا ھن جي پٺيان ھليا.


عيسيٰ وراڻيو تہ ”اوھين اھو ڀوت انھيءَ ڪري نہ ڪڍي سگھيا جو اوھان ۾ ايترو ايمان ڪونہ ھو. آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪڏھن اوھان ۾ سرنھن جي داڻي جيترو بہ ايمان ھوندو تہ اوھين ھن جبل کي چئي سگھو ٿا تہ ’ھتان ھلي ھُتي وڃ‘ تہ ھو ويندو. اوھان لاءِ ڪابہ شيءِ اڻ⁠ٿيڻي نہ آھي.“


عيسيٰ وراڻيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪڏھن اوھين يقين رکو ٿا ۽ ڪوبہ شڪ نہ ٿا آڻيو، تہ اوھين بہ ائين ئي ڪري سگھندا جيئن مون ھن انجير جي وڻ سان ڪيو. نہ رڳو ايترو پر جيڪڏھن اوھين ھن جبل کي بہ چوندا تہ ’پنھنجي جاءِ تان ھٽي وڃي سمنڊ ۾ ڪِرُ،‘ تہ اھو بہ وڃي سمنڊ ۾ ڪرندو.


خداوند چين تہ ”جيڪڏھن اوھان ۾ سرنھن جي داڻي جيترو بہ ايمان ھوندو تہ اوھين توت جي وڻ کي چئي سگھو ٿا تہ ’اتان پاڙؤن نڪري وڃي سمنڊ ۾ لڳ،‘ تہ اھو بہ اوھان جي مڃيندو.“


اوھين منھنجي نالي تي جيڪي ⁠بہ گھرندا سو آءٌ ڪندس تہ جيئن پيءُ جو جلوو پٽ جي معرفت ظاھر ٿئي.


جيڪڏھن اوھين مون ۾ رھو ۽ منھنجون ڳالھيون اوھان ۾ رھن تہ پوءِ جيڪي وڻيوَ سو گھرو، اوھان کي اھو ملندو.


جيڪڏھن مون کي نبين وانگر، ڳالھائڻ جي ڏات مليل ھجي، ۽ سڀيئي اسرار ۽ علم بہ ڄاڻيندو ھجان، ۽ مون ۾ جبلن کي ھٽائڻ جيترو ڪامل ايمان بہ ھجي، پر جيڪڏھن مون ۾ محبت نہ آھي، تہ آءٌ ڪجھہ بہ نہ آھيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ