Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 11:18 - Common Language New Testament

18 سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن جڏھن اھو ٻڌو تڏھن ھو موقعي جي تاڙ ۾ رھڻ لڳا تہ ڪنھن بہ طرح عيسيٰ کي ماري ڇڏين. اھي عيسيٰ کان ڊڄن بہ پيا ڇاڪاڻ⁠تہ سڄي خلق ھن جي تعليم تي حيران ھئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ۽ سردار ڪاهن ۽ فقيهن اها ڳالهہ ٻڌي، ۽ هو وجهہ ڳولڻ لڳا تہ ڪيئن هن کي ماري کپايون: ڇالاءِ تہ هو کانئس پئي ڊنا، جو ساري خلق سندس تعليم تي حيران هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 سردار ڪاهنن ۽ نيم شاسترين جڏهن اهو ٻڌو تڏهن هو موقعي جي تاڙ ۾ رهڻ لڳا تہ ڪهڙي طريقي سان يسوع کي مارجي، ڇاڪاڻ تہ هو يسوع کان انهيءَ ڪري ڊڄن پيا جو سڄي خلق هن جي سکيا تي حيران هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 سردار ڪاهنن ۽ شريعت جي عالمن جڏهن اهو ٻڌو تڏهن هو موقعي جي تاڙ ۾ رهڻ لڳا تہ ڪهڙي طريقي سان عيسيٰ کي مارجي، ڇاڪاڻ تہ هو عيسيٰ کان انهيءَ ڪري ڊڄن پيا جو سڄي خلق هن جي تعليم تي حيران هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 11:18
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏھن سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن اھي عجب جھڙا ڪم ڏٺا جيڪي ھن پئي ڪيا ۽ ٻارن کي ”دائود جو پٽ مبارڪ، مبارڪ “چوندي ٻڌائون تہ اُھي اچي ڪاوڙيا.


جڏھن عيسيٰ ھي ڳالھيون چئي چڪو تڏھن ميڙ ھن جي تعليم تي حيران ٿي ويا،


ماڻھو ھن جي تعليم تي حيران ٿي ويا، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو انھن کي شريعت جي عالمن وانگر نہ پر اختياريءَ سان تعليم ڏئي رھيو ھو.


پر جيڪڏھن ”ماڻھن جي طرفان“ چون پيا تہ ماڻھن کان کين ڊپ ٿي ٿيو، ڇوتہ ماڻھو يحيٰ کي سچو نبي ڪري مڃين پيا.


يھودين جي اڳواڻن عيسيٰ کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڇاڪاڻ⁠تہ اھي ڄاڻن پيا تہ ھي مثال عيسيٰ انھن جي خلاف ٻڌايو ھو. پر انھن کي ماڻھن کان ڊپ بہ ٿيو پئي، تنھنڪري ھو کيس ڇڏي ھليا ويا.


تنھن تي فريسي جلدي ٻاھر نڪري ويا ۽ ھيروديس جي پارٽيءَ جي ميمبرن سان عيسيٰ جي خلاف سازشون سٽڻ لڳا تہ ڪيئن کيس ختم ڪجي.


ڇاڪاڻ⁠تہ ھيروديس يحيٰ کان ڊڄندو ھو جو ھن ڄاتو پئي تہ يحيٰ ھڪ سچار ۽ پاڪ ماڻھو آھي. سو ھيروديس کيس بچائيندو رھيو. ھيروديس يحيٰ جون ڳالھيون خوشيءَ سان ٻڌندو ھو، جيتوڻيڪ ٻڌڻ وقت ھي ڳالھيون کيس پريشان ڪنديون ھيون.


عيسيٰ ھر روز ھيڪل ۾ وڃي تعليم ڏيندو ھو. سردار ڪاھنن، شريعت جي عالمن ۽ بني اسرائيل جي بزرگن وجھہ پئي ڳوليو تہ ”ڪھڙيءَ طرح ھن کي ماري کپائي ڇڏيون.“


جن بہ ھن کي ٻڌو ٿي، سي سڀيئي ھن جي عقل ۽ حاضرجوابيءَ تي عجب پيا کائين.


شريعت جي عالمن ۽ سردار ڪاھنن انھيءَ وقت ڪوشش پئي ڪئي تہ عيسيٰ کي پڪڙايون، ڇاڪاڻ⁠تہ انھن ڄاتو پئي تہ ”ھن اھو مثال اسان تي آندو آھي.“ پر ھو ماڻھن کان ڊنا ٿي.


سڀيئي سندس نيڪي ڪرڻ لڳا ۽ عجب کائين پيا تہ ھن جي واتان ڪھڙا نہ مھر ڀريا لفظ نڪتا پئي ۽ چوڻ لڳا تہ ”ڇا ھي يوسف جو پٽ نہ آھي؟“


ھن کان پوءِ عيسيٰ گليل ۾ پئي گھميو. ھو يھوديہ ۾ وڃڻ نہ پيو چاھي، ڇالاءِ⁠جو اتي يھودي اڳواڻ کيس مارڻ لاءِ وجھہ ڳولي رھيا ھئا.


ڇا موسيٰ اوھان کي شريعت نہ ڏني ھئي؟ تڏھن بہ اوھان مان ڪو انھيءَ شريعت تي عمل نہ ٿو ڪري. اوھين مون کي مارڻ جي ڪوشش ڇو ٿا ڪريو؟“


پھريدارن جواب ڏنو تہ ”ڪنھن بہ انسان اھڙيءَ طرح ڪڏھن ڪونہ ڳالھايو آھي.“


جڏھن پولس ھنن کي سچائي، پرھيزگاري ۽ ايندڙ قيامت بابت سمجھايو پئي، تڏھن فِيلِڪس کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو، سو پولس کي چيائين تہ ”ھاڻي تون ھليو وڃ ۽ وري جڏھن مون کي واندڪائي ملندي تہ آءٌ تو کي پاڻ وٽ گھرائي وٺندس.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ