Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 10:49 - Common Language New Testament

49 تنھن تي عيسيٰ بيھي رھيو ۽ چيائين تہ ”ھن کي سڏيو.“ سو انھن انڌي ماڻھوءَ کي سڏيو ۽ چيائونس تہ ”تسلي ڪر ۽ اُٿي ھل جو ھو تو کي سڏي ٿو پيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

49 ۽ يسوع بيهي رهيو، ۽ چوڻ لڳو تہ هن کي سڏيو. هنن انڌي کي سڏيو، ۽ چيائونس تہ دلجاءِ ڪر؛ اُٿ، سڏيئي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

49 تنهن تي يسوع بيهي رهيو ۽ چيائين تہ ”هن کي سڏ ڪريو.“ سو انهن انڌي ماڻهوءَ کي سڏيو ۽ چيائونس تہ ”دلجاءِ ڪر، هو تو کي سڏي رهيو آهي. اُٿي هل.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

49 تنهن تي عيسيٰ بيهي رهيو ۽ چيائين تہ ”هن کي سڏ ڪريو.“ سو انهن انڌي ماڻهوءَ کي سڏيو ۽ چيائونس تہ ”تسلي ڪر، هو تو کي سڏي رهيو آهي. اُٿي هل.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 10:49
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪن ماڻھن وٽس ھڪ اڌرنگي جي بيماريءَ وارو ماڻھو کٽولي تي کڻي آندو. عيسيٰ ڏٺو تہ ھنن جو ڪيڏو نہ ايمان آھي! سو اڌرنگي واري کي چيائين تہ ”پٽ، دلجاءِ ڪر، تنھنجا گناھہ بخشجي ويا.“


تڏھن ھو پنھنجو ڪپڙو اتي ڦٽو ڪري ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ عيسيٰ وٽ آيو.


اھو ٻڌي عيسيٰ بيھي رھيو ۽ ماڻھن کي حڪم ڏنائين تہ ”ھن کي مون وٽ وٺي اچو.“ جڏھن ھو ويجھو آيو تہ عيسيٰ پڇيس تہ


ھن چوڻ کان پوءِ مارٿا موٽي ويئي ۽ پنھنجي ڀيڻ مريم کي پنھنجي منھن سڏي چيائين تہ ”ادي! استاد آيو آھي ۽ تو کي سڏي ٿو.“


تنھنڪري اھو ضروري ھو تہ ھو ھر طرح پنھنجي ڀائرن ۽ ڀينرن وانگر ٿئي، انھيءَ لاءِ تہ خدا جي خدمت ڪرڻ ۾ ھو اھڙو وڏو سردار ڪاھن ٿئي، جيڪو رحمدل ۽ وفادار ھجي ۽ ماڻھن جي گناھن جو ڪفارو ادا ڪري.


ڇالاءِ⁠جو اسان جو سردار ڪاھن اھڙو ناھي جو اسان جي ڪمزورين ۾ اسان جو ھمدرد نہ ٿي سگھي، پر ھو اھڙو آھي جو ھر طرح سان اسان وانگر آزمايو ويو آھي، تڏھن بہ بي⁠گناھہ ثابت ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ