Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 10:48 - Common Language New Testament

48 ڪيترن ئي ھن کي ڇڙٻ ڏيئي چيو تہ ”ماٺ ڪر.“ پر ھن تيئن وٺي ڏاڍيون رڙيون ڪري چيو تہ ”اي ابن دائود! مون تي رحم ڪريو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

48 تنهن تي گهڻن ڇڙٻ ڏيئي چيس تہ ماٺ ڪر: پر هو پاڻ وڏو واڪو ڪري چوڻ لڳو، تہ اي ابن دائود، مون تي رحم ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

48 ڪيترن ئي هن کي ڇڙٻ ڏيئي چيو تہ ”ماٺ ڪر.“ پر هن تيئن وٺي ڏاڍيون رڙيون ڪري چيو تہ ”اي راجا دائود جا اولاد! مون تي ديا ڪريو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

48 ڪيترن ئي هن کي ڇڙٻ ڏيئي چيو تہ ”ماٺ ڪر.“ پر هن تيئن وٺي ڏاڍيون رڙيون ڪري چيو تہ ”اي دائود جا اولاد! مون تي رحم ڪريو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 10:48
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪي ماڻھو عيسيٰ وٽ پنھنجا ننڍڙا ٻار کڻي آيا تہ جيئن عيسيٰ پنھنجا ھٿ انھن تي رکي کين دعا ڪري، پر شاگردن انھن ماڻھن کي ڇينڀيو.


خلق انھن کي ڇڙٻُون ڏنيون تہ ”ماٺ ڪريو.“ پر اھي اڃا بہ وڌيڪ رڙيون ڪري چوڻ لڳا تہ ”اي سائين، ابن دائود! اسان تي رحم ڪريو.“


جڏھن عيسيٰ ان جاءِ تان اڳتي وڌيو تہ ٻہ انڌا ماڻھو سندس پٺيان آيا ۽ رڙ ڪري چيائونس تہ ”اي ابن دائود! اسان تي ڪو رحم ڪريو.“


ڪن ماڻھن ننڍڙا ٻار عيسيٰ وٽ آندا تہ ھو انھن تي ھٿ رکي، پر شاگردن انھن کي ڇينڀيو.


عيسيٰ اڃا ڳالھائي رھيو ھو تہ اوڏيءَ مھل يائرس جي گھران ماڻھو آيا، جن اچي يائرس کي ٻڌايو تہ ”تنھنجي ڌيءَ مري ويئي، ھاڻي استاد کي وڌيڪ تڪليف نہ ڏي.“


تنھن تي جيڪي اڳيان پئي ويا تن ڇڙٻ ڏيئي چيس تہ ”ماٺ ڪر.“ پر ھو اڃا بہ وڏي واڪي رڙ ڪري چوڻ لڳو تہ ”اي ابن دائود! مون تي رحم ڪريو.“


پاڪ روح جي ھدايت موجب ھر وقت ۽ ھر قسم جي دعائن ۽ منٿن سان خدا کان مدد گھرندا رھو. انھيءَ مقصد لاءِ سجاڳ رھو ۽ سڀني ايمان وارن لاءِ ھميشہ دعا گھرندا رھو.


عيسيٰ پنھنجي جسماني زندگيءَ ۾ زارون زار روئي ۽ دانھون ڪري خدا کان دعائون گھريون ۽ منٿون ڪيون، جيڪو کيس موت کان بچائي ٿي سگھيو. انھيءَ ادب واري تابعداريءَ جي ڪري سندس دعائون قبول پيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ