Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 10:47 - Common Language New Testament

47 جڏھن ھن ٻڌو تہ عيسيٰ ناصري لنگھي آھيو آھي تڏھن رڙ ڪري چيائينس تہ ”اي عيسيٰ ابن دائود! مون تي رحم ڪريو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

47 ۽ جڏهن هن ٻڌو تہ هيءُ يسوع ناصري آهي، تڏهن رڙ ڪري چوڻ لڳو، تہ اي يسوع، اي ابن دائود، مون تي رحم ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

47 جڏهن هن ٻڌو تہ يسوع ناصري لنگھي رهيو آهي، تڏهن هو رڙيون ڪري چوڻ لڳو تہ ”اي يسوع! اي راجا دائود جا اولاد! مون تي ديا ڪريو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

47 جڏهن هن ٻڌو تہ عيسيٰ ناصري لنگھي رهيو آهي، تڏهن هو رڙيون ڪري چوڻ لڳو تہ ”اي عيسيٰ! اي دائود جا اولاد! مون تي رحم ڪريو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 10:47
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ھي عيسيٰ مسيح جو شجرو آھي، جيڪو دائود ۽ ابراھيم جو اولاد آھي.


ساري خلق حيران ٿي ويئي ۽ چوڻ لڳي تہ ”ڇا ھي دائود جو پٽ آھي؟“


اتان جي ھڪ ڪنعاني عورت ھن وٽ آئي ۽ رڙ ڪري چيائينس تہ ”اي سائين! اي ابن دائود! مون تي رحم ڪريو. منھنجي ڌيءَ کي ڀوت آھي، جيڪو کيس ڏاڍو ھلاک ٿو ڪري.“


۽ اتي ناصرت شھر ۾ رھيو. اھو ان ڪري ٿيو تہ نبين جيڪي چيو ھو سو پورو ٿئي تہ ”ھو ناصري سڏيو ويندو.“


ٻہ انڌا جيڪي رستي جي ڀر ۾ ويٺا ھئا تن جڏھن ٻڌو تہ عيسيٰ لنگھي رھيو آھي تڏھن رڙ ڪري چيائون تہ ”اي سائين، ابن دائود! اسان تي رحم ڪريو.“


ميڙ مان جواب آيو تہ ”ھي گليل جي شھر ناصرت وارو نبي عيسيٰ آھي.“


جيڪي ميڙ اڳيان ۽ پٺيان پئي آيا تن وڏي آواز سان چيو پئي تہ ”دائود جي پٽ جي واکاڻ ھجي! سڳورو آھي اھو جيڪو خداوند جي نالي سان ٿو اچي! عرش عظيم تي خدا جي واکاڻ ھجي!“


پوءِ ھو ٻاھر ڏيڍيءَ ۾ ويو، جتي ٻي نوڪرياڻيءَ ھن کي ڏٺو ۽ اُتي بيٺل ماڻھن کي چيائين تہ ”ھي ماڻھو عيسيٰ ناصريءَ سان گڏ ھو.“


جڏھن عيسيٰ ان جاءِ تان اڳتي وڌيو تہ ٻہ انڌا ماڻھو سندس پٺيان آيا ۽ رڙ ڪري چيائونس تہ ”اي ابن دائود! اسان تي ڪو رحم ڪريو.“


”اي عيسيٰ ناصري! تنھنجو اسان سان ڪھڙو واسطو آھي؟ تون اسان کي ناس ڪرڻ آيو آھين ڇا؟ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون ڪير آھين، تون خدا جي ھڪ ئي پاڪ ھستي آھين.“


پوءِ ھو ناصرت ۾ آيو جتي سندس پالنا ٿي ھئي. سبت جي ڏينھن تي دستور موجب ھو عبادت⁠خاني ۾ ويو ۽ تلاوت ڪرڻ لاءِ اٿي بيٺو.


نٿن⁠ايل ھن کي چيو تہ ”ناصرت مان بہ ڪا چڱي شيءِ نڪري سگھي ٿي ڇا؟“ تنھن تي فلپس چيس تہ ”ڀلا ھلي ڏس.“


پلاطس ھڪ سرنامو لکائي صليب تي ھڻائي ڇڏيو، جنھن تي لکيل ھو تہ ”عيسيٰ ناصري، يھودين جو بادشاھہ.“


ڪن چيو تہ ”ھو مسيح آھي.“ پر ٻين وري چيو تہ ”مسيح ڪو گليل مان ايندو ڇا؟


انھن جواب ڏنس تہ ”تون بہ گليلي آھين ڇا؟ پاڪ لکتون پڙھہ تہ تو کي خبر پوي تہ گليل مان ڪوبہ نبي پيدا ٿيڻو نہ آھي.“


اسان ھن کي ھي چوندي ٻڌو آھي تہ عيسيٰ ناصري ھيڪل کي ڊاھي ڇڏيندو ۽ جيڪي رسم وَ رواج موسيٰ اسان کي ڏيئي ويو آھي تن کي بہ بدلائي ڇڏيندو.“


عيسيٰ چيو تہ ”مون عيسيٰ، پنھنجو ملائڪ انھيءَ لاءِ موڪليو آھي تہ ڪليسيائن کي انھن ڳالھين جي شاھدي ڏئي. آءٌ دائود جي نسل ۽ خاندان مان آھيان ۽ صبح جو چمڪندڙ تارو آھيان.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ