Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 10:30 - Common Language New Testament

30 تہ ان کي ھن دنيا ۾ گھڻو ڪجھہ ملندو، جيئن تہ سوء⁠ڻا گھر، ڀائر، ڀينرون، مائرون، ٻار ۽ ٻنيون. پر اھي ڏکن سان ملنديون ۽ آخرت ۾ کيس دائمي زندگي بہ ملندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

30 ۽ اُهي انهي کي هن زماني ۾ ئي سؤڻيون ٿي نہ ملن، ڇا گهر، ڇا ڀائر، ڇا ڀينر، ڇا مائر، ڇا ٻار، ڇا ٻنيون، اگرچہ عذابن سان؛ ۽ وري ايندڙ زماني ۾ هميشہ جي زندگي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

30 تہ ان کي هن ئي انتم زماني ۾ گھڻو ڪجھہ ملندو، جيئن تہ سؤڻا گھر، ڀائر، ڀينرون، ماتائون، ٻار ۽ ٻنيون. پر انهن سان گڏ کيس ستايو بہ ويندو. انهيءَ کان علاوہ ايندڙ نئين زماني ۾ کيس امر جيون بہ ملندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

30 تہ ان کي هن ئي آخري زماني ۾ گھڻو ڪجھہ ملندو، جيئن تہ سؤڻا گھر، ڀائر، ڀينرون، مائرون، ٻار ۽ ٻنيون. پر انهن سان گڏ کيس ستايو بہ ويندو. انهيءَ کان علاوہ ايندڙ نئين زماني ۾ کيس دائمي زندگي بہ ملندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 10:30
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏھن ڪو ابن⁠آدم جي خلاف ڪجھہ ڳالھائيندو تہ اھو کيس بخش ٿي سگھندو، پر جيڪڏھن ڪو پاڪ روح جي خلاف ڪجھہ ڳالھائيندو تہ اھو کيس نڪي ھن جھان ۾ ۽ نہ وري ايندڙ جھان ۾ بخشيو ويندو.“


پر ڪي داڻا ڀليءَ زمين تي ڪريا ۽ ڦر جھليائون، ڪن ۾ ⁠سؤ داڻا ٿيا، ڪن ۾ سٺ تہ ڪن ۾ ٽيھہ داڻا بہ ڦر ھو.“


پر اوھين پھريائين آسمان واري بادشاھت ۽ سندس سچائيءَ کي پنھنجي حياتيءَ ۾ ڳوليو تہ ھي سڀ شيون بہ اوھان کي ملنديون.


۽ انھيءَ کي ھن زماني ۾ ڳچ جيترو وڌيڪ نہ ملي ۽ ايندڙ زماني ۾ دائمي زندگي.“


عيسيٰ ھيڪل جي سليماني ڏيڍيءَ ۾ گھمي رھيو ھو


انھن شاگردن کي ھمتايو ۽ کين نصيحت ڪئي تہ ھو ايمان تي قائم رھن. انھن کين ٻڌايو تہ ”اسان سڀني کي خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪيترين ئي مصيبتن مان لنگھڻو پوندو.“


رات جو پولس ۽ سيلاس دعائون گھرندا ۽ خدا جي واکاڻ جا گيت ڳائيندا ٿي رھيا ۽ جيل جا قيدي پڻ ٻڌندا ٿي رھيا، تڏھن اڌ رات ڌاري


رسول ڪائونسل مان خوشيون ڪندي نڪتا جو خدا کين انھيءَ لائق بڻايو تہ عيسيٰ جي نالي جي ڪري سندن بي⁠عزتي ٿي.


نہ رڳو ايترو پر پنھنجن مصيبتن ۾ بہ خوشي ڪريون، ڇالاءِ⁠جو اسان کي خبر آھي تہ مصيبت مان صبر پيدا ٿئي ٿو.


ڇالاءِ⁠جو گناھہ جو اجر موت آھي. پر خدا جي بخشش اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي معرفت دائمي زندگي آھي.


اسين ڏک تہ سھون ٿا، پر تڏھن بہ ھميشہ خوش ٿا رھون. غريب سمجھيا وڃون ٿا تڏھن بہ گھڻن کي شاھوڪار ٿا ڪريون. سڃا⁠سکڻا آھيون تڏھن بہ اسان وٽ سڀ ڪجھہ آھي.


سچ تہ آءٌ پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي سڃاڻپ واري وڏي خوبيءَ جي ڀيٽ ۾ ھر ھڪ شيءِ کي نقصان واري ٿو سمجھان. ھن جي خاطر مون سڀني شين جو نقصان سٺو آھي ۽ انھن کي آءٌ گند ٿو ڄاڻان، انھيءَ لاءِ تہ مسيح کي حاصل ڪريان،


شل اسان جو خداوند عيسيٰ مسيح پاڻ ۽ اسان جو پيءُ خدا، جنھن اسان سان محبت رکي ۽ پنھنجي فضل جي ڪري اسان کي ھميشہ جي تسلي ۽ چڱي اميد ڏني،


ڇالاءِ⁠جو جسماني ورزش مان ڪو ٿورو فائدو آھي، پر دينداري سڀني ڳالھين لاءِ فائدي واري آھي. انھيءَ ڪري جو ھاڻوڪي ۽ آئيندہ زندگيءَ جو واعدو بہ انھيءَ جي ڪري ٿيل آھي.


بيشڪ دينداري وڏي فائدي واري آھي، بشرطيڪ ان سان گڏ قناعت بہ ھجي.


سڀاڳو آھي اھو ماڻھو، جيڪو آزمائش ۾ ثابت قدم ٿو رھي. ڇالاءِ⁠جو جڏھن ھو انھيءَ امتحان ۾ پاس ٿيو تہ کيس فتح جو تاج، يعني اھا زندگي حاصل ٿيندي جنھن جو خدا پنھنجي محبت ڪرڻ وارن سان واعدو ڪيو آھي.


اوھين ڄاڻو ٿا تہ اسين صبر ڪرڻ وارن کي سڀاڳو ٿا سڏيون. اوھان ايوب جي صبر جو حال تہ ٻڌو آھي ۽ اھا بہ خبر اٿوَ تہ پڇاڙيءَ ۾ خداوند ھن لاءِ ڇا ڇا ڪيو. انھيءَ مان ظاھر آھي تہ خداوند نھايت ٻاجھارو ۽ رحم وارو آھي.


ھيءُ اُھو واعدو آھي جيڪو مسيح اسان سان ڪيو آھي، يعني دائمي زندگي.


ڏسو، پيءُ جو اسان سان ڪيترو نہ پيار آھي. ھن جو اسان سان ايترو تہ پيار آھي جو اسين خدا جا ٻار ٿا سڏجون ۽ حقيقت ۾ اسين آھيون بہ. اِھو ئي سبب آھي جو دنيا اسان کي نہ ٿي سڃاڻي، ڇالاءِ⁠جو ھن کيس بہ نہ سڃاتو آھي.


مون کي اوھان جي مصيبت ۽ غريبيءَ جي خبر آھي، پر اوھين دولتمند آھيو. جيڪي اوھان جي گلا پيا ڪن تن کي بہ آءٌ ڄاڻان ٿو. اُھي پاڻ کي يھودي ٿا سڏائين پر آھن ڪين، اھي شيطان جو ٽولو آھن.


تنھنڪري آءٌ اوھان کي صلاح ٿو ڏيان تہ باھہ ۾ صاف ٿيل نج سون مون کان خريد ڪريو تہ دولتمند ٿيو ۽ پاڪ صاف پوشاڪ بہ وٺو تہ پنھنجي اوگھڙ ڍڪي سگھو ۽ شرمسار نہ ٿيو. پنھنجي اکين لاءِ سرمو وٺو تہ ڏسي سگھو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ