Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 10:29 - Common Language New Testament

29 تنھن تي عيسيٰ چيو تہ ”برابر، پر آءٌ اوھان کي ھيءَ ڳالھہ ٻڌايان ٿو تہ جيڪو بہ منھنجي ۽ منھنجي خوشخبريءَ جي ڪري پنھنجو گھر، ڀائر، ڀينرون، ماءُ، پيءُ، ٻار يا ٻنيون ڇڏيندو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

29 يسوع چيو تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ ڪوبہ ماڻهو اهڙو ڪونهي جنهن منهنجي لاءِ، ۽ انجيل لاءِ، گهر، يا ڀائر، يا ڀينر، يا ماءُ، يا پيءُ، يا ٻار، يا ٻنيون ڇڏيون هجن،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

29 تنهن تي يسوع چين تہ ”برابر، پر آءٌ اوهان کي هيءَ ڳالهہ ٻڌايان ٿو تہ جيڪو بہ منهنجي ۽ منهنجي خوشخبريءَ جي ڪري پنهنجو گھر، ڀائر، ڀينرون، ماتا، پتا، ٻار يا ٻنيون ڇڏيندو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

29 تنهن تي عيسيٰ چين تہ ”برابر، پر آءٌ اوهان کي هيءَ ڳالهہ ٻڌايان ٿو تہ جيڪو بہ منهنجي ۽ منهنجي خوشخبريءَ جي ڪري پنهنجو گھر، ڀائر، ڀينرون، ماءُ پيءُ، ٻار يا ٻنيون ڇڏيندو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 10:29
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوھان کي منھنجي ڪري حاڪمن ۽ بادشاھن اڳيان پيش ڪيو ويندو، ڇوتہ اوھين انھن غير قومن کي خوشخبري ٻڌائيندا.


جيڪوبہ منھنجي ڪري گھر، ڀائر، ڀينرون، پيءُ، ماءُ، ٻار يا ٻنيون ڇڏيندو تہ ان کي اُھي سوء⁠ڻا ٿي ملندا ۽ دائمي زندگي بہ ملندس.


پر اوھين پھريائين آسمان واري بادشاھت ۽ سندس سچائيءَ کي پنھنجي حياتيءَ ۾ ڳوليو تہ ھي سڀ شيون بہ اوھان کي ملنديون.


ڇالاءِ⁠جو جيڪو گھُري تہ پنھنجي جان بچائي سو اھا وڃائيندو، پر جيڪو منھنجي واسطي ۽ منھنجي خوشخبريءَ جي واسطي پنھنجي جان وڃائيندو سو اھا بچائيندو.


عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”ھائو، پر آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اھڙو ڪوبہ ڪونھي جنھن خدا جي بادشاھت لاءِ گھر، زال، ڀائر، ماءُ⁠پيءُ يا ٻار ڇڏيا ھجن،


اھو سڀ ڪجھہ آءٌ خوشخبريءَ جي خاطر ٿو ڪريان تہ جيئن انھيءَ جي بخشش ۾ حصيدار ٿيان.


منھنجي نالي جي ڪري اوھين سختيون سھندي سھندي بہ ڪين ٿڪيا آھيو، بلڪ بردباريءَ سان ھلندا ٿا رھو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ