Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 10:23 - Common Language New Testament

23 عيسيٰ چوڌاري نھاريندي پنھنجن شاگردن کي چيو تہ ”شاھوڪار ماڻھو ڪھڙي نہ مشڪلات سان خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 ۽ يسوع آس پاس نظر ڪري پنهنجن شاگردن کي چيو، تہ دولتمند ماڻهو خدا جي بادشاهت ۾ ڪهڙي نہ مشڪلات سان داخل ٿا ٿين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

23 تڏهن يسوع چوڌاري نهاريندي پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”شاهوڪار ماڻهن جو ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 تڏهن عيسيٰ چوڌاري نهاريندي پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”شاهوڪار ماڻهن جو خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 10:23
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين اوھين بدلجي ٻارن وانگر نہ ٿيندا، تيستائين آسمان واري بادشاھت ۾ ڪڏھن بہ داخل ٿي نہ سگھندا.


آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين ڪو خدا جي بادشاھت کي ھڪ ننڍي ٻار وانگر قبول نہ ڪندو، تيستائين اھو ان ۾ داخل نہ ٿيندو.“


اھو ماڻھو ھن ڳالھہ تي ڏاڍو ڪومائجي ويو ۽ ڏک ۾ ھليو ويو، ڇالاءِ⁠جو ھو وڏو شاھوڪار ماڻھو ھو.


عيسيٰ انھن ڏانھن چوڌاري ڪاوڙ ۾ ڏٺو، پر ساڳي وقت کيس انھن جي ھٺ ۽ ھوڏ تي ارمان بہ پئي ٿيو. پوءِ انھيءَ ماڻھوءَ کي چيائين تہ ”ھٿ ڊگھو ڪر.“ ھن ھٿ ڊگھيريو تہ سندس ھٿ ٺيڪ ٿي ويو.


پر ھو جاچيندو رھيو تہ اھو ڪم ڪنھن ڪيو.


عيسيٰ ڏٺو تہ ھو ڪيتري قدر نہ غمگين ٿي پيو آھي، تڏھن چيائين تہ ”شاھوڪار ماڻھوءَ جو خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيڻ ڪيڏو نہ مشڪل آھي!


تنھن تي عيسيٰ وراڻيس تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين ڪو ماڻھو پاڻيءَ ۽ پاڪ روح مان پيدا نہ ٿيندو، تيستائين اھو خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿي نہ سگھندو.


ھاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! ياد ڪريو تہ انھيءَ وقت اوھين ڇا ھئا، جڏھن خدا اوھان کي چونڊيو. ماڻھن جي نظر ۾ تہ اوھان مان ڪي ٿورا ڏاھا، ٿورا طاقتور ۽ ٿورا اميرزادا ھئا.


منھنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! ٻڌو، ڇا خدا ھن دنيا جي غريب ماڻھن کي ايمان ۾ دولتمند ٿيڻ ۽ انھيءَ بادشاھت جا وارث ٿيڻ لاءِ نہ چونڊيو آھي، جنھن جو ھن پنھنجي محبت ڪرڻ وارن سان واعدو ڪيو آھي؟


اي بي⁠وفا انسانو! ڇا اوھين نہ ٿا ڄاڻو تہ دنيا جي دوستي خدا سان دشمني آھي؟ تنھنڪري جيڪو ماڻھو دنيا جو دوست ٿيڻ ٿو گھري، سو پاڻ کي خدا جو دشمن ٿو بڻائي.


اھڙيءَ طرح اوھين اسان جي خداوند ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي دائمي بادشاھت ۾ پوريءَ طرح داخل ڪيا ويندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ