Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 10:22 - Common Language New Testament

22 اھو ماڻھو ھن ڳالھہ تي ڏاڍو ڪومائجي ويو ۽ ڏک ۾ ھليو ويو، ڇالاءِ⁠جو ھو وڏو شاھوڪار ماڻھو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 پر انهي چوڻ تي هن جي منهن جو پنو ئي لهي ويو، ۽ غمگين ٿي هليو ويو: ڇالاءِ جو هو گهڻي ملڪيت وارو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

22 جيئن تہ هو وڏو شاهوڪار ماڻهو هو، سو هن ڳالهہ تي سندس منهن لهي ويو ۽ ڏک وچان هليو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 جيئن تہ هو وڏو شاهوڪار ماڻهو هو، سو هن ڳالهہ تي سندس منهن لهي ويو ۽ ڏک وچان هليو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 10:22
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪانڊيرا جن ۾ داڻا ڪريا تن مثل اُھي آھن جيڪي ڪلام تہ ٻڌن ٿا پر ھن دنيا جو فڪر ۽ دولت جو فريب ڪلام کي گھُٽي ڇڏين ٿو ۽ انھن ۾ ڦر نہ ٿو پچي.


جڏھن جوان مرد اھا ڳالھہ ٻڌي تہ غمگين ٿي ھليو ويو، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو ھڪ وڏو شاھوڪار ماڻھو ھو.


جڏھن دغاباز يھوداہ ڏٺو تہ عيسيٰ کي سزاوار ٺھرايو ويو آھي تڏھن ھن ڏاڍو پڇتايو ۽ اھي ٽيھہ چانديءَ جا سڪا سردار ڪاھنن ۽ بزرگن وٽ موٽائي کڻي ويو.


عيسيٰ ھن کي چتائي ڏٺو ۽ ساڻس پيار ڪيو ۽ چيائين تہ ”تو ۾ اڃا ھڪڙي شيءِ جي گھٽتائي آھي. وڃ ۽ وڃي پنھنجو سڀ ڪجھہ وڪڻي اھي پيسا غريبن ۾ خيرات ڪر تہ بھشت ۾ تو کي خزانو ملندو. پوءِ اچ ۽ منھنجو پوئلڳ ٿيءُ.“


عيسيٰ چوڌاري نھاريندي پنھنجن شاگردن کي چيو تہ ”شاھوڪار ماڻھو ڪھڙي نہ مشڪلات سان خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيندا.“


ڇاڪاڻ⁠تہ ھيروديس يحيٰ کان ڊڄندو ھو جو ھن ڄاتو پئي تہ يحيٰ ھڪ سچار ۽ پاڪ ماڻھو آھي. سو ھيروديس کيس بچائيندو رھيو. ھيروديس يحيٰ جون ڳالھيون خوشيءَ سان ٻڌندو ھو، جيتوڻيڪ ٻڌڻ وقت ھي ڳالھيون کيس پريشان ڪنديون ھيون.


ھن ڳالھہ ھيروديس بادشاھہ کي ڏاڍو مايوس ڪيو. پر ھو کيس انڪار بہ ڪري نہ ٿي سگھيو، ڇاڪاڻ⁠تہ ھن مھمانن جي روبرو قسم کڻي واعدو ڪيو ھو.


پوءِ ھن سڀني کي چتائي ڏسندي چيو تہ ”ھوشيار ٿجو ۽ پاڻ کي ھر طرح جي لالچ کان بچائجو، ڇالاءِ⁠جو ڌن ۽ دولت جي گھڻائي ماڻھوءَ جي حياتيءَ کي نہ ٿي سنواري.“


پر ھن جڏھن اھو ٻڌو تہ ڏاڍو غمگين ٿيو، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو ڏاڍو شاھوڪار ماڻھو ھو.


ڇالاءِ⁠جو اھڙو غم جيڪو خدا جي مرضيءَ موجب آھي سو توبھہ پيدا ٿو ڪري. اھڙي توبھہ جنھن جو نتيجو ڇوٽڪارو آھي، تنھن ۾ ڪوبہ پڇتاءُ نہ ٿو ٿئي. پر دنياوي غم موت پيدا ٿو ڪري.


اوھين پڪ ڄاڻو تہ ڪوبہ زناڪار يا ناپاڪ يا لالچي ماڻھو جيڪو حقيقت ۾ بت⁠پرست آھي، تنھن جو مسيح ۽ خدا جي بادشاھيءَ ۾ ڪوبہ ورثو ڪونھي.


ڇالاءِ⁠جو ديماس ھن دنيا تي موھت ٿي ڪري مون کي ڇڏي ڏنو ۽ ٿسلونيڪا ڏانھن ھليو ويو. ڪريسڪينس گلتيا ڏانھن ۽ طيطس دلمتيا ڏانھن ھليو ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ