Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 10:1 - Common Language New Testament

1 عيسيٰ اتان اٿي اردن درياءَ جي ٻيءَ ڀر يھوديہ جي حدن ۾ آيو. وري بہ ماڻھن جا ميڙ ھن وٽ گڏ ٿيڻ لڳا ۽ پنھنجي دستور موجب ھو انھن کي تعليم ڏيڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 ۽ هو اُتان اُٿيو ۽ يهوداہ جي حدن ۾ يردن نديءَ جي پرينءَ ڀر آيو: ۽ وري بہ ماڻهن جو ميڙاڪو وٽس اچي گڏ ٿيو؛ ۽ جيئن سندس عادت هئي تيئن وري بہ انهن کي تعليم ڏيڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 پوءِ يسوع گليل علائقي مان روانو ٿي يهوديہ جي علائقي ۾ ۽ اردن درياءَ جي اوڀر پار ويو. اتي بہ ماڻهن جا ميڙ هن وٽ گڏ ٿيڻ لڳا ۽ پنهنجي دستور موجب هو انهن کي سکيا ڏيڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 پوءِ عيسيٰ گليل علائقي مان روانو ٿي يهوديہ جي علائقي ۾ ۽ اردن درياءَ جي اوڀر پار ويو. اتي بہ ماڻهن جا ميڙ هن وٽ گڏ ٿيڻ لڳا ۽ پنهنجي دستور موجب هو انهن کي تعليم ڏيڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 10:1
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ عيسيٰ ماڻھن کي چيو تہ ”ڇا آءٌ ڄڻ ڪو ڌاڙيل ھوس جو اوھين تلوارون ۽ لٺيون کڻي مون کي پڪڙڻ لاءِ آيا آھيو؟ ھيڪل ۾ ويھي آءٌ روزانو تعليم ڏيندو ھوس، پر اتي تہ اوھان مون کي ڪڏھن بہ نہ پڪڙيو.


عيسيٰ سڄي گليل ۾ گھمندو رھيو ۽ اتي جي عبادت⁠خانن ۾ تعليم ڏيندو، بادشاھت جي خوشخبريءَ جي منادي ڪندو ۽ سڀني قسمن جي مرضن ۽ بيمارين کان ماڻھن کي ڇٽائيندو رھيو.


پوءِ ھو ڪفرناحوم شھر ۾ آيا ۽ عيسيٰ سبت جي ڏينھن تي عبادت⁠خاني ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳو.


ڪي فريسي وٽس آيا ۽ کيس آزمائڻ خاطر سوال پڇيائون تہ ”ٻڌاءِ تہ ڪنھن ماڻھوءَ کي پنھنجي زال کي طلاق ڏيڻ جائز آھي يا نہ؟“


پوءِ جڏھن عيسيٰ ھيڪل ۾ تعليم پئي ڏني تہ ھن ھڪ سوال ڪيو تہ ”شريعت جا عالم ڪيئن ٿا چون تہ ’مسيح دائود جو اولاد آھي؟‘


ھيڪل ۾ تہ آءٌ روزانو ويھي تعليم ڏيندو ھوس پر ان وقت تہ اوھان ڪڏھن بہ مون کي نہ پڪڙيو. پر لکت ضرور پوري ٿيندي.“


عيسيٰ وري ڍنڍ جي ڪناري سان پئي ويو تہ ھن وٽ ھڪ ميڙ اچي گڏ ٿيو ۽ ھن انھن کي تعليم ڏيڻ شروع ڪئي.


عيسيٰ انھن کي ڪيترين ئي ڳالھين سيکارڻ لاءِ مثال پئي ڏنا ۽ تعليم ڏيندي چيائين تہ


جڏھن سبت جو ڏينھن آيو تہ ھو عبادت⁠خاني ۾ تعليم ڏيڻ لڳو. گھڻا ماڻھو ھن کي ٻڌي عجب ۾ پئجي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”ھن اھي ڳالھيون ڪٿان سکيون آھن؟ اھا ڪھڙي دانائي آھي جا کيس ملي آھي؟ ھو اھڙا معجزا ڪيئن ٿو ڪري سگھي؟


جڏھن عيسيٰ ٻيڙيءَ مان لھي آيو ۽ ماڻھن جو وڏو ميڙ ڏٺائين تڏھن سندس دل رحم سان ڀرجي ويئي، ڇالاءِ⁠جو ھو نڌڻڪين رڍن وانگر ھئا. تنھنڪري ھو کين گھڻيون ئي ڳالھيون سيکارڻ لڳو.


انھن جي ايمان جي گھٽتائيءَ تي عيسيٰ کي ڏاڍو عجب لڳو. پوءِ عيسيٰ چوطرف سڀني ڳوٺن ۾ ويو ۽ ماڻھن کي تعليم ڏيڻ شروع ڪيائين.


عيسيٰ موٽي وري اردن درياءَ جي ھُن ڀر انھيءَ جاءِ تي آيو، جتي اڳي يحيٰ بپتسما ڏيندو ھو. ھو اتي رھي پيو.


پوءِ ھن شاگردن کي چيو تہ ”ھلو تہ يھوديہ ڏانھن موٽي ھلون.“


عيسيٰ وراڻيس تہ ”مون دنيا سان ھميشہ کليو کلايو ڳالھايو آھي. مون عبادت⁠خانن ۽ ھيڪل ۾ تعليم ڏني آھي، جتي سڀ يھودي اچي گڏ ٿيندا آھن. مون ڪابہ ڳالھہ ڳجھي نہ چئي آھي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ