Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 1:7 - Common Language New Testament

7 يحيٰ ماڻھن ۾ منادي ڪندو ھو تہ ”منھنجي پٺيان ھڪ اھڙو ٿو اچي جو مون کان بہ وڌيڪ قدرت وارو آھي. آءٌ انھيءَ لائق بہ نہ آھيان جو نِوڙي سندس جتيءَ جون ڪھيون کوليان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 هن منادي ڪري چيو، تہ منهنجي پٺيان هڪڙو اچي ٿو، جو مون کان وڌيڪ طاقت وارو آهي؛ جنهن جي جُتيءَ جا ڌاڳا نِوڙي ڇوڙڻ جو بہ آئون لائق نہ آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 يوحنا ماڻهن ۾ پرچار ڪندو هو تہ ”منهنجي پٺيان هڪ اهڙو ماڻهو ٿو اچي جنهن جهڙو آءٌ ڪين آهيان، ڇو تہ هو شڪتيءَ وارو آهي. آءٌ انهيءَ لائق بہ نہ آهيان جو نِوڙي سندس جتيءَ جون ڪهيون کوليان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 يحيٰ ماڻهن ۾ منادي ڪندو هو تہ ”منهنجي پٺيان هڪ اهڙو ماڻهو ٿو اچي جنهن جهڙو آءٌ ڪين آهيان، ڇو تہ هو قدرت وارو آهي. آءٌ انهيءَ لائق بہ نہ آهيان جو نِوڙي سندس جتيءَ جون ڪهيون کوليان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 1:7
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ اوھان کي پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان ان لاءِ تہ اوھان گناھن کان توبھہ ڪئي آھي، پر جيڪو مون کان پوءِ ايندو اھو اوھان کي پاڪ روح ۽ باھہ سان بپتسما ڏيندو. ھو مون کان وڌيڪ قدرت وارو آھي، آءٌ سندس جتي کڻڻ جي لائق بہ نہ آھيان.


پر يحيٰ کيس منع ڪرڻ لڳو ۽ چيائينس تہ ”مون کي تہ پاڻ تو کان بپتسما وٺڻ گھرجي ۽ تون وري مون وٽ آيو آھين؟“


يحيٰ کي اُٺ جي وارن جا ڪپڙا پيل ھوندا ھئا ۽ چيلھہ تي چم جو پٽو ٻڌل ھوندو ھوس. ھو ماڪڙ ۽ جھنگلي ماکي کائيندو ھو.


آءٌ اوھان کي پاڻيءَ سان بپتسما ڏيان ٿو پر اھو اوھان کي پاڪ روح سان بپتسما ڏيندو.“


تنھن تي يحيٰ انھن سڀني کي جواب ڏنو تہ ”آءٌ اوھان کي پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان، پر اھو اچڻ وارو آھي جيڪو مون کان وڌيڪ قدرت وارو آھي ۽ آءٌ سندس جتيءَ جون ڪھيون ڇوڙڻ جي لائق بہ نہ آھيان. اھو اوھان کي پاڪ روح ۽ باھہ سان بپتسما ڏيندو.


۽ ھو مون کان پوءِ اچي رھيو آھي. پر آءٌ انھيءَ لائق بہ نہ آھيان جو سندس جتيءَ جون ڪھيون کوليان.“


جڏھن يحيٰ پنھنجو ڪم پورو ڪرڻ تي ھو تہ ھن ماڻھن کي چيو تہ ’مون بابت ڇا ٿا سمجھو؟ آءٌ اھو نہ آھيان جنھن جو اوھين انتظار ڪري رھيا آھيو، پر اھو مون کان پوءِ ايندو. آءٌ انھيءَ لائق نہ آھيان جو سندس جتيءَ جون ڪھيون ڇوڙيان.‘


تنھن تي پولس چيو تہ ”يحيٰ انھن کي بپتسما ڏيندو ھو جن توبھہ ڪئي ھئي ۽ ھو ماڻھن کي چوندو ھو تہ ’جيڪو مون کان پوءِ ايندو ان تي ايمان آڻجو،‘ يعني عيسيٰ تي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ