Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 1:5 - Common Language New Testament

5 يروشلم شھر بلڪ يھوداہ علائقي جا تمام گھڻا ماڻھو نڪري يوحنا وٽ آيا. انھن پنھنجا گناھہ باسيا ۽ يحيٰ کين اردن درياءَ ۾ بپتسما ڏني.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 ۽ يهوديہ جي ساري ملڪ جا ماڻهو، ۽ يروشلم جا سڀ رهاڪو وٽس ويا؛ ۽ پنهنجا گناهہ باسي يردن نديءَ ۾ کانئس بپتسما ورتائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 تڏهن يهوديہ صوبي، بلڪ ان جي شهر يروشلم جا بہ تمام گھڻا ماڻهو نڪري يوحنا وٽ آيا. انهن پنهنجا پاپ پئي باسيا ۽ هن کين اردن درياءَ ۾ بپتسما ٿي ڏني.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 تڏهن يهوديہ صوبي، بلڪ ان جي شهر يروشلم جا بہ تمام گھڻا ماڻهو نڪري يحيٰ وٽ آيا. انهن پنهنجا گناهہ پئي باسيا ۽ هن کين اردن درياءَ ۾ بپتسما ٿي ڏني.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 1:5
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو وڏا وڏا ميڙ سندس پويان پئي ھليا جيڪي گليل، دڪاپلس، يروشلم، يھوديہ ۽ اردن جي پرينءَ ڀر کان آيل ھئا.


تنھنڪري ئي تہ يحيٰ رڻ⁠پٽ ۾ ظاھر ٿيو ھو. ھو ماڻھن کي بپتسما ڏئي پيو ۽ تبليغ ڪري پيو تہ ”پنھنجن گناھن کان توبھہ ڪريو ۽ بپتسما وٺو تہ خدا اوھان جا گناھہ بخشي ڇڏي.“


يحيٰ کي اُٺ جي وارن جا ڪپڙا پيل ھوندا ھئا ۽ چيلھہ تي چم جو پٽو ٻڌل ھوندو ھوس. ھو ماڪڙ ۽ جھنگلي ماکي کائيندو ھو.


اھي سڀ ڳالھيون بيت⁠عنياہ ۾ اردن درياءَ جي اڀرندي پاسي ٿيون، جتي يحيٰ بپتسما ڏيئي رھيو ھو.


يحيٰ بہ شاليم جي ويجھو عينون ۾ بپتسما ڏيئي رھيو ھو، ڇاڪاڻ⁠تہ اتي پاڻي گھڻو ھو. ماڻھو وٽس آيا پئي ۽ ھن کين بپتسما پئي ڏني.


يحيٰ ٻرندڙ ۽ چمڪندڙ ڏيئي وانگر ھو ۽ اوھان گھڙي پلڪ ھن جي روشنيءَ ۾ خوش رھڻ پسند ڪيو.


جن ايمان آندو ھو تن مان ڪيترن ئي کُلي⁠عام پنھنجا ڪيل بڇڙا ڪم باسيا.


تنھن تي پطرس کين چيو تہ ”اوھين سڀ توبھہ ڪريو ۽ عيسيٰ مسيح جي نالي تي بپتسما وٺو، تہ جيئن اوھان جا گناھہ بخشيا وڃن ۽ اوھان کي خدا جي بخشش يعني پاڪ روح ملي.


تنھنڪري پنھنجا گناھہ ھڪ ٻئي اڳيان باسيو ۽ ھڪ ٻئي لاءِ دعا گھرو تہ جيئن شفا پايو، ڇالاءِ⁠جو سچار ماڻھوءَ جي دعا نھايت اثر واري ٿئي ٿي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ