Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 1:34 - Common Language New Testament

34 عيسيٰ ڪيترن ئي مرضن جي بيمارن کي شفا ڏني ۽ ڪيترن مان ڀوت ڪڍيائين. ھن ڀوتن کي ڳالھائڻ جي اجازت ئي نہ ڏني، ڇالاءِ⁠جو اھي عيسيٰ کي سڃاڻن پيا تہ ھو ڪير آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

34 ۽ ڪيترا ماڻهو جي طرح طرح جي مرضن ۾ گرفتار هئا، تن کي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيائين، ۽ ڪيترن جا ڀوت ڪڍيائين؛ ۽ انهن ڀوتن کي ڳالهائڻ نٿي ڏنائين، جو هو کيس سڃاڻندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

34 يسوع ڪيترن ئي بيمارن کي مختلف مرضن کان ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو ۽ ڪيترن مان ڀوت ڪڍيائين. هن ڀوتن کي ڳالهائڻ جي آگيا ئي نہ ڏني، ڇاڪاڻ تہ اهي يسوع کي سڃاڻن پيا تہ هو ڪير آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

34 عيسيٰ ڪيترن ئي بيمارن کي مختلف مرضن کان شفا ڏني ۽ ڪيترن مان ڀوت ڪڍيائين. هن ڀوتن کي ڳالهائڻ جي اجازت ئي نہ ڏني، ڇاڪاڻ تہ اهي عيسيٰ کي سڃاڻن پيا تہ هو ڪير آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 1:34
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عيسيٰ سڄي گليل ۾ گھمندو رھيو ۽ اتي جي عبادت⁠خانن ۾ تعليم ڏيندو، بادشاھت جي خوشخبريءَ جي منادي ڪندو ۽ سڀني قسمن جي مرضن ۽ بيمارين کان ماڻھن کي ڇٽائيندو رھيو.


سڄي شام ملڪ ۾ ھن جي ھاڪ پئجي ويئي. تنھنڪري ڪيترائي ماڻھو ھن وٽ بيمار وٺي آيا، جن کي جدا جدا مرض ۽ تڪليفون ھيون، جھڙوڪ: ڀوتن ورتل، مرگھيءَ وارا ۽ اڌرنگ وارا. انھن سڀني کي عيسيٰ ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو.


پر عيسيٰ ھن کي ڇينڀي چيو تہ ”ماٺ ڪر، ھن مان نڪري وڃ.“


پر عيسيٰ انھن کي سختيءَ سان ڇينڀي تاڪيد ڪندو ھو تہ ”مون کي ظاھر نہ ڪريو.“


ڪيترن ئي ماڻھن مان ڀوت نڪري ويا ۽ واڪا ڪندا ويا تہ ”تون خدا جو فرزند آھين،“ ڇاڪاڻ⁠تہ انھن کي خبر ھئي تہ ھو مسيح آھي. پر عيسيٰ انھن کي جھڻڪيندي چيو تہ ھو ائين نہ چون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ