Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 1:27 - Common Language New Testament

27 تنھن تي سڀ ماڻھو ايترو تہ حيران ٿي ويا جو ھڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ھي آھي ڇا؟ ھيءَ تہ نئين تعليم آھي. ھو ڀوتن تي بہ اختياريءَ سان حڪم ھلائي ٿو ۽ اھي کيس مڃين ٿا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 تنهن تي اُهي سڀيئي حيران ٿي ويا، ايتري قدر جو پاڻ ۾ پڇڻ لڳا تہ هي ڇا آهي؟ هيءَ نئين تعليم آهي! هو ڀوتن تي بہ اختياريءَ سان حڪم ٿو هلائي، ۽ اُهي کيس مڃين ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

27 تنهن تي سڀ ماڻهو ايترو تہ حيران ٿي ويا جو هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”هي آهي ڇا؟ هيءَ تہ نئين سکيا آهي. هيءَ تہ وڏي اختياري آهي. هو ڀوتن کي بہ حڪم ٿو ڏئي ۽ اهي کيس مڃين ٿا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

27 تنهن تي سڀ ماڻهو ايترو تہ حيران ٿي ويا جو هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”هي آهي ڇا؟ هيءَ تہ نئين تعليم آهي. هيءَ تہ وڏي اختياري آهي. هو ڀوتن کي بہ حڪم ٿو ڏئي ۽ اهي کيس مڃين ٿا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 1:27
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏھن انھن ڏٺو تہ گونگا ڳالھائين ٿا، ٽُنڊا سڄا ٿي پيا آھن، منڊا گھمن ٿا ۽ انڌا ڏسن ٿا تڏھن ھو ڏاڍا حيران ٿي ويا ۽ بني اسرائيل جي خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳا.


آءٌ ٻين جو زيردست آھيان ۽ منھنجي ھيٺان بہ سپاھي آھن. جيڪڏھن ڪنھن کي چوان ’وڃ،‘ تہ ھو ويندو ۽ ڪنھن کي چوان ’اچ،‘ تہ ھو ايندو ۽ جي نوڪر کي چوان تہ ’ھي ڪم ڪر،‘ تہ ھو ڪندو.“


جڏھن ڀوت کي ڪڍيو ويو تہ ماڻھوءَ ڳالھائڻ شروع ڪيو، تڏھن خلق عجب ۾ پئجي ويئي ۽ چوڻ لڳي تہ ”بني اسرائيل ۾ اسان اڳي ائين ٿيندي ڪونہ ڏٺو آھي.“


ڀوت ماڻھوءَ کي خوب جھنجھوڙيو ۽ وڏي واڪي رڙ ڪري ھن مان نڪري ويو.


جلد ئي ھن جي ھاڪ سڄي گليل جي علائقي ۾ جتي ڪٿي پئجي ويئي.


ھنن لفظن تي شاگرد حيران ٿي ويا. سو عيسيٰ ھنن کي وري چيو تہ ”اي منھنجا ٻارؤ! خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آھي.


عيسيٰ ۽ سندس شاگرد يروشلم ڏانھن رستو وٺيو پئي ويا ۽ ھو شاگردن جي اڳيان ھلي رھيو ھو. سندس شاگرد ڏاڍا پريشان ھئا ۽ جيڪي ماڻھو سندن پٺيان پئي آيا سي وري ڊنل ھئا. سو ھڪ دفعو وري عيسيٰ ٻارھن ئي شاگردن کي ھڪ پاسي وٺي ويو ۽ جيڪي ڳالھيون ساڻس ٿيڻيون ھيون سي سڀ کين ٻڌائڻ لڳو.


جڏھن قبر جي اندر ويون تہ ڏٺائون تہ ھڪ نوجوان نوراني پوشاڪ سان ساڄي طرف ويٺو آھي. اھي حيرانيءَ ۾ پئجي ويون.


تنھن تي انھيءَ جوان چين تہ ”حيران نہ ٿيو. اوھين عيسيٰ ناصريءَ کي ڳوليو ٿيون پيون نہ، جيڪو صليب تي چاڙھيو ويو ھو؟ ھو جيئرو ٿي اٿيو آھي ۽ ھتي ڪونھي. اِجھا! ھيءَ اھا جاءِ آھي جتي ھن کي رکيو ھئائون.


سو جن بہ پئي ٻڌو، تن کي ڏاڍو عجب پئي لڳو ۽ چوڻ لڳا تہ ”ڪھڙي نہ سھڻي نموني سان ھو ھر ھڪ ڪم ڪري ٿو، بلڪ ھو تہ ٻوڙن کي ٻڌڻ جي ۽ گونگن کي ڳالھائڻ جي بہ طاقت ٿو ڏئي.“


تنھن تي سڀني کي حيرت وٺي ويئي ۽ ھڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ھي ڪھڙو ڪلام آھي؟ ڇالاءِ⁠جو ھو اختياريءَ ۽ قدرت سان ڀوتن کي حڪم ٿو ڏئي ۽ اھي نڪري وڃن ٿا.“


عيسيٰ پنھنجن ٻارھن شاگردن کي سڏي کين ھيءَ طاقت ۽ اختياري ڏني تہ ھو سڀني ڀوتن کي ڪڍن ۽ بيمارن کي شفا ڏين.


پوءِ ھو کيس اريوپگس نالي ھڪڙي جاءِ تي شھر جي ڪائونسل وٽ وٺي آيا ۽ پڇيائونس تہ ”ٻڌاءِ تہ ھي ڪھڙي نئين تعليم آھي جيڪا تون ڏيئي رھيو آھين؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ