Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 1:14 - Common Language New Testament

14 يحيٰ جي گرفتار ٿيڻ کان پوءِ عيسيٰ گليل ۾ آيو ۽ خدا جي خوشخبريءَ جي منادي ڪرڻ لڳو تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 هاڻي يوحنا جي گرفتار ٿيڻ کانپوءِ، يسوع گليل ۾ آيو، ۽ خدا جي انجيل جي منادي ڪندي چيائين،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 يوحنا جي گرفتار ٿيڻ کان پوءِ يسوع گليل علائقي ۾ موٽي آيو ۽ ايشور جي خوشخبريءَ جو پرچار ڪرڻ لڳو تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 يحيٰ جي گرفتار ٿيڻ کان پوءِ عيسيٰ گليل علائقي ۾ موٽي آيو ۽ خدا جي خوشخبريءَ جي منادي ڪرڻ لڳو تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 1:14
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏھن يحيٰ جيل ۾ مسيح جي ڪمن بابت ٻڌو تہ ھن پنھنجا ڪي شاگرد عيسيٰ ڏانھن موڪليا.


تڏھن پنھنجن نوڪرن کي چيائين تہ ”ھي يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارو ئي آھي. جيئن تہ ھو مئلن مان جيئرو ٿي اٿيو آھي، تنھنڪري ھو اھي معجزا ٿو ڪري.“


جڏھن عيسيٰ ٻڌو تہ يحيٰ کي جيل ۾ وڌو ويو آھي تڏھن ھو گليل ڏانھن روانو ٿي ويو.


سو انھيءَ وقت کان وٺي عيسيٰ پنھنجي پيغام جي تبليغ ڪرڻ لڳو تہ ”پنھنجن گناھن کان توبھہ ڪريو، ڇاڪاڻ⁠تہ آسمان واري بادشاھت ويجھي آئي آھي.“


عيسيٰ سڄي گليل ۾ گھمندو رھيو ۽ اتي جي عبادت⁠خانن ۾ تعليم ڏيندو، بادشاھت جي خوشخبريءَ جي منادي ڪندو ۽ سڀني قسمن جي مرضن ۽ بيمارين کان ماڻھن کي ڇٽائيندو رھيو.


پوءِ عيسيٰ چوطرف شھرن ۽ ڳوٺن ۾ گھمندو رھيو. اُتي ھو سندن عبادت⁠خانن ۾ ماڻھن کي تعليم ڏيندو، بادشاھت جي خوشخبريءَ جي منادي ڪندو ۽ ھر قسم جي مرضن ۽ بيمارين کان شفا ڏيندو رھيو.


پوءِ ھيروديس ھڪ وڌيڪ خرابي ڪئي جو يحيٰ کي کڻي جيل ۾ وڌائين.


تنھن کان پوءِ ھيئن ٿيو جو عيسيٰ شھر شھر ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ تبليغ ڪندو ۽ خدا جي بادشاھت جي خوشخبري ٻڌائيندو پئي گھميو. ٻارھن شاگرد بہ ساڻس گڏ ھئا،


ھاڻي مون کي پڪ آھي تہ اوھين سڀ جن ۾ مون خدا جي بادشاھت جي تبليغ ڪئي آھي، تن مان ڪوبہ وري منھنجو منھن ڪين ڏسندو.


سو انھن پولس سان تاريخ مقرر ڪئي ۽ انھن جو وڏو تعداد انھيءَ جاءِ تي آيو، جتي پولس ٽڪيل ھو. صبح کان شام تائين ھو کين سمجھائيندو ۽ خدا جي بادشاھت بابت پنھنجو پيغام ٻڌائيندو رھيو. ھن عيسيٰ بابت کين قائل ڪرڻ لاءِ موسيٰ جي شريعت ۽ نبين جي صحيفن مان مثال ٻڌايا.


ھي خط عيسيٰ مسيح جي غلام پولس جي طرفان آھي، جنھن کي خدا رسول ڪري چونڊيو ۽ کيس پنھنجي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ خاص طور مقرر ڪيو آھي.


سو مسيح آيو ۽ اوھين جيڪي پري ھئا ۽ اھي جيڪي ويجھا ھئا، ٻنھي کي صلح جي خوشخبري ٻڌايائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ