Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 9:6 - Common Language New Testament

6 پر آءٌ اوھان تي ثابت ڪندس تہ ابن⁠آدم کي دنيا ۾ ماڻھن جي گناھہ بخشڻ جي اختياري مليل آھي.“ سو اڌرنگي واري ماڻھوءَ کي چيائين تہ ”اٿ، پنھنجو کٽولو کڻ ۽ گھر ھليو وڃ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 پر انهي لاءِ تہ اوهان کي خبر پوي تہ ابن آدم کي زمين تي گناهہ معاف ڪرڻ جي اختياري آهي، (اُتي اُنهي اڌرنگيءَ کي چيائين) تہ اُٿ ۽ پنهنجو کٽولو کڻي گهر هليو وڃ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 پر آءٌ اوهان تي ثابت ڪندس تہ منش‌پتر کي ڌرتيءَ تي ماڻهن جا پاپ معاف ڪرڻ جي اختياري مليل آهي.“ سو اڌرنگي واري ماڻهوءَ کي چيائين تہ ”اُٿ، پنهنجو کٽولو کڻ ۽ گھر هليو وڃ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 پر آءٌ اوهان تي ثابت ڪندس تہ ابنِ آدم کي زمين تي ماڻهن جا گناهہ معاف ڪرڻ جي اختياري مليل آهي.“ سو اڌرنگي واري ماڻهوءَ کي چيائين تہ ”اُٿ، پنهنجو کٽولو کڻ ۽ گھر هليو وڃ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 9:6
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سڄي شام ملڪ ۾ ھن جي ھاڪ پئجي ويئي. تنھنڪري ڪيترائي ماڻھو ھن وٽ بيمار وٺي آيا، جن کي جدا جدا مرض ۽ تڪليفون ھيون، جھڙوڪ: ڀوتن ورتل، مرگھيءَ وارا ۽ اڌرنگ وارا. انھن سڀني کي عيسيٰ ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو.


عيسيٰ کيس جواب ڏنو تہ ”لومڙين کي ڏريون ۽ پکين کي آکيرا آھن، پر ابن⁠آدم کي اھا جاءِ بہ ڪانھي جتي مٿو لڪائي آرام ڪري.“


ڪن ماڻھن وٽس ھڪ اڌرنگي جي بيماريءَ وارو ماڻھو کٽولي تي کڻي آندو. عيسيٰ ڏٺو تہ ھنن جو ڪيڏو نہ ايمان آھي! سو اڌرنگي واري کي چيائين تہ ”پٽ، دلجاءِ ڪر، تنھنجا گناھہ بخشجي ويا.“


ڇا اھو سولو آھي جو ھن ماڻھوءَ کي چئجي تہ ’تنھنجا گناھہ بخشجي ويا،‘ يا کيس چئجي تہ ’اٿ ۽ گھم ڦر‘؟


پر آءٌ اوھان تي ثابت ڪندس تہ ابن⁠آدم کي دنيا ۾ ماڻھن جي گناھہ بخشڻ جي اختياري مليل آھي.“ سو عيسيٰ اڌرنگيءَ شخص کي چيو تہ


”ھي ماڻھو ائين ڇو ٿو چوي؟ ھي تہ ڪفر ٿو بڪي، ڇالاءِ⁠جو خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ گناھہ بخشي نہ ٿو سگھي.“


تنھن تي شريعت جا عالم ۽ فريسي دليل ڊوڙائڻ لڳا تہ ”ھي ڪير آھي جو ڪفر ٿو بڪي؟ ڇالاءِ⁠جو خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ گناھہ بخشي نہ ٿو سگھي.“


آءٌ انھن کي دائمي زندگي ڏيان ٿو ۽ اھي ڪڏھن بہ برباد نہ ٿينديون ۽ نڪي ڪو ٻيو اھي مون کان کسي سگھندو.


ڇالاءِ⁠جو تو کيس سڀني ماڻھن تي اختيار ڏنو آھي تہ ھو انھن کي دائمي زندگي بخشي جيڪي تو کيس ڏنا آھن.


۽ پنھنجي فرزند کي فيصلي ڪرڻ جي اختياري ڏني اٿس، ڇالاءِ⁠جو ھو ابن⁠ آدم آھي.


عيسيٰ چيس تہ ”اٿ، پنھنجو کٽولو کڻ ۽ گھم ڦر.“


نہ رڳو ايترو پر خدا کيس مالڪ ۽ ڇوٽڪارو ڏيندڙ بنائڻ لاءِ پنھنجي ساڄي پاسي ڏانھن سربلند ڪيو، تہ جيئن بني اسرائيل کي توبھہ ڪرڻ جي توفيق ملي ۽ سندن گناھہ بخشجي وڃن.


پطرس ھن کي چيو تہ ”اي اينياس! عيسيٰ مسيح تو کي ڇٽائي چڱو ڀلو ٿو ڪري. سو اٿ ۽ اٿي پنھنجو ھنڌ ويڙھہ.“ ھو ھڪدم اٿي کڙو ٿيو.


جڏھن اوھين ڪنھن کي ڪا ڳالھہ معاف ڪريو ٿا تہ آءٌ بہ ان کي معاف ڪريان ٿو ۽ جيڪي مون معاف ڪيو آھي، جيڪڏھن ڪا معاف ڪرڻ جوڳي ڳالھہ ھئي تہ مسيح جي حضور ۾ اوھان جي خاطر معاف ڪئي اٿم.


تنھنڪري اسين مسيح جي پاران ايلچي آھيون، ڄڻ تہ خدا اسان جي وسيلي گھُر ٿو ڪري. سو اسين مسيح جي پاران اوھان کي منٿ ٿا ڪريون تہ خدا سان صلح ڪريو.


ھڪ ٻئي تي مھربان ۽ نرم دل ٿيو ۽ جھڙيءَ طرح خدا مسيح جي وسيلي اوھان کي معاف ڪيو، تھڙيءَ طرح اوھين بہ ھڪ ٻئي کي معاف ڪندا رھو.


جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ جو ڪنھن ڏانھن رنج ھجي تہ ھڪ ٻئي جي برداشت ڪريو ۽ ھڪ ٻئي کي معاف ڪريو. جيئن خداوند اوھان کي معاف ڪيو آھي تيئن اوھين بہ ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ