Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 9:27 - Common Language New Testament

27 جڏھن عيسيٰ ان جاءِ تان اڳتي وڌيو تہ ٻہ انڌا ماڻھو سندس پٺيان آيا ۽ رڙ ڪري چيائونس تہ ”اي ابن دائود! اسان تي ڪو رحم ڪريو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 پوءِ جڏهن يسوع اُتان اڳتي هليو، تڏهن ٻہ انڌا سندس پٺيان آيا ۽ رڙ ڪري چوڻ لڳا، تہ اي ابن دائود، اسان تي رحم ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

27 جڏهن يسوع ان جاءِ تان اڳتي وڌيو تہ ٻہ انڌا ماڻهو رڙيون ڪندا سندس پٺيان آيا تہ ”اي راجا دائود جا اولاد! اسان تي ديا ڪريو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

27 جڏهن عيسيٰ ان جاءِ تان اڳتي وڌيو تہ ٻہ انڌا ماڻهو رڙيون ڪندا سندس پٺيان آيا تہ ”اي دائود جا اولاد! اسان تي رحم ڪريو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 9:27
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اتان جي ھڪ ڪنعاني عورت ھن وٽ آئي ۽ رڙ ڪري چيائينس تہ ”اي سائين! اي ابن دائود! مون تي رحم ڪريو. منھنجي ڌيءَ کي ڀوت آھي، جيڪو کيس ڏاڍو ھلاک ٿو ڪري.“


انڌا ڏسن ٿا، منڊا گھمن ٿا، ڪوڙھہ جھڙي مرض وارا پاڪ صاف ٿين ٿا، ٻوڙا ٻڌن ٿا، مُڙدا جيئرا ٿين ٿا ۽ غريبن کي خوشخبري ٻڌائي وڃي ٿي.


چيائين تہ ”سائين! منھنجي پٽ تي رحم ڪريو، ڇاڪاڻ⁠تہ ھن کي مرگھيءَ جو اھڙو خوفناڪ مرض آھي جو اڪثر ڪري باھہ يا پاڻيءَ ۾ وڃيو ڪري.


پاڪ ڪتاب جي لکت مطابق تہ مسيح دائود جي نسل مان ھوندو ۽ بيت⁠لحم ڳوٺ ۾ پيدا ٿيندو، جنھن ۾ دائود رھندو ھو.“


انھيءَ گھڙيءَ عيسيٰ گھڻن کي مرضن، آفتن ۽ ڀوتن کان ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو ۽ ڪيترن ئي انڌن کي سڄو ڪيائين.


سڳوري آھي اسان جي ابي دائود جي ايندڙ بادشاھت. عرش عظيم تي خدا جي واکاڻ ھجي.“


ڀوت ڇوڪري کي مارڻ جي ڪوشش بہ پئي ڪئي آھي، ڇوتہ ڪيترا ئي دفعا کيس باھہ ۽ پاڻيءَ ۾ اڇلايو اٿس. ھاڻي اسان تي ڪو رحم ڪريو ۽ اسان جي مدد ڪريو جيڪڏھن اوھين ڪري سگھو ٿا.“


جيڪي ميڙ اڳيان ۽ پٺيان پئي آيا تن وڏي آواز سان چيو پئي تہ ”دائود جي پٽ جي واکاڻ ھجي! سڳورو آھي اھو جيڪو خداوند جي نالي سان ٿو اچي! عرش عظيم تي خدا جي واکاڻ ھجي!“


ھي عيسيٰ مسيح جو شجرو آھي، جيڪو دائود ۽ ابراھيم جو اولاد آھي.


جڏھن سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن اھي عجب جھڙا ڪم ڏٺا جيڪي ھن پئي ڪيا ۽ ٻارن کي ”دائود جو پٽ مبارڪ، مبارڪ “چوندي ٻڌائون تہ اُھي اچي ڪاوڙيا.


قوم جا ابا ڏاڏا بہ انھن مان ئي آھن ۽ رت جي رشتي ڪري مسيح بہ انھن جو ئي آھي. خدا، جيڪو سڀني جي مٿان حاڪم آھي، شل ھميشہ انھيءَ جي واکاڻ ٿئي. آمين.


عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اھي ڪيئن ٿا چون تہ مسيح دائود جو اولاد آھي؟


وڏي واڪي چيس تہ ”اي عيسيٰ! اي سائين! اسان تي رحم ڪريو.“


اھا خوشخبري سندس فرزند، يعني اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح بابت آھي، جيڪو جسماني لحاظ کان تہ دائود جي نسل مان پيدا ٿيو،


پوءِ عيسيٰ ھڪ گھر ۾ آيو تہ اھي انڌا بہ وٽس آيا ۽ ھن پڇين تہ ”ڇا اوھان کي يقين آھي تہ ھي ڪم آءٌ ڪري سگھان ٿو؟“ تنھن تي انھن جواب ڏنو تہ ”ھائو سائين.“


جيئن اھي يريحو شھر مان نڪري رھيا ھئا تہ ھڪ وڏو ميڙ عيسيٰ جي پويان آيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ