Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 9:22 - Common Language New Testament

22 عيسيٰ ڦري انھيءَ عورت کي ڏٺو ۽ چيائين تہ ”دلجاءِ ڪر ڌيءَ، تنھنجي ايمان تو کي ڇٽايو آھي.“ انھيءَ ئي وقت اھا عورت چڱي ڀلي ٿي پيئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 پر يسوع پٺتي ڦري هن کي ڏسي چوڻ لڳو، تہ ڌيءَ دلجاءِ ڪر؛ تنهنجي ايمان توکي ڇُٽايو آهي. ۽ اُها زال اُنهيءَ گهڙيءَ کان وٺي چڱي ڀلي ٿي پيئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

22 تڏهن يسوع ڦري انهيءَ ناريءَ کي ڏٺو ۽ چيائينس تہ ”دلجاءِ ڪر ڌيءَ! تنهنجي وشواس تو کي ڇٽايو آهي.“ انهيءَ ئي وقت اها ناري چڱي ڀلي ٿي پيئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 تڏهن عيسيٰ ڦري انهيءَ عورت کي ڏٺو ۽ چيائينس تہ ”دلجاءِ ڪر ڌيءَ! تنهنجي ايمان تو کي ڇٽايو آهي.“ انهيءَ ئي وقت اها عورت چڱي ڀلي ٿي پيئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 9:22
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”اي عورت! تون تہ وڏي ايمان واري آھين. جيڪو تون گھرين ٿي اھو تو لاءِ ڪيو ويندو.“ انھيءَ وقت ئي ان عورت جي ڌيءَ چڱي ڀلي ٿي پيئي.


عيسيٰ ڀوت کي ڇينڀيو تہ ھو نڪري ويو ۽ انھيءَ گھڙيءَ ڇوڪرو چڱو ڀلو ٿي پيو.


پوءِ عيسيٰ فوجي صوبيدار کي چيو تہ ”گھر وڃ، جيئن تون يقين ڪرين ٿو تيئن ئي تو لاءِ ڪيو ويندو.“ تڏھن انھيءَ گھڙيءَ ئي صوبيدار جو نوڪر چڱو ڀلو ٿي پيو.


ڪن ماڻھن وٽس ھڪ اڌرنگي جي بيماريءَ وارو ماڻھو کٽولي تي کڻي آندو. عيسيٰ ڏٺو تہ ھنن جو ڪيڏو نہ ايمان آھي! سو اڌرنگي واري کي چيائين تہ ”پٽ، دلجاءِ ڪر، تنھنجا گناھہ بخشجي ويا.“


عيسيٰ انھن جي اکين کي ھٿ لاتو ۽ چيائين تہ ”ائين ئي ٿئي جيئن توھان جو ايمان آھي.“


عيسيٰ چيس تہ ”وڃ، تنھنجي ايمان تو کي سڄو ڪيو آھي.“ تڏھن ھو ھڪدم ڏسڻ وائسڻ لڳو ۽ عيسيٰ جي پٺيان رستو وٺي ھليو.


تنھن تي عيسيٰ کيس چيو تہ ”ڌيءَ! تنھنجي ايمان تو کي ڇٽايو آھي، سو خوش ٿيءُ جو ھاڻي آزار کان ڇٽينءَ.“


پوءِ ھن کي چيائين تہ ”اٿي ۽ وڃ، تنھنجي ايمان تو کي چڱو ڀلو ڪيو آھي.“


عيسيٰ چيس تہ ”وٺ ھيءَ ديد ۽ ڏس، تنھنجي ايمان تو کي سڄو ڪيو آھي.“


پر عيسيٰ انھيءَ عورت کي چيو تہ ”تنھنجي ايمان تو کي بچايو آھي، دلجاءِ سان ھلي وڃ.“


عيسيٰ چيس تہ ”اي ڌيءَ! تنھنجي ايمان تو کي ڇٽايو آھي، دلجاءِ سان ھلي وڃ.“


تنھن تي پڻس کي ياد آيو تہ برابر اھو ئي وقت ھو جڏھن عيسيٰ کيس چيو ھو تہ ”تنھنجو پٽ نہ مرندو.“ سو انھيءَ عملدار ۽ سندس گھر جي سڀني ڀاتين ايمان آندو.


جڏھن ھو پولس جون ڳالھيون ٻڌي رھيو تہ پولس ھن ڏانھن چتائي نھاريو ۽ ڄاتائين تہ کيس ايترو ايمان آھي جو ھو چڱو ڀلو ٿي سگھندو.


ڪيترن ئي ڏينھن تائين ڇوڪريءَ ائين پئي ڪيو. آخرڪار پولس کي ايڏو تہ رنج ٿيو جو ھن ڦري ڀوت کي چيو تہ ”آءٌ تو کي عيسيٰ مسيح جي نالي حڪم ٿو ڏيان تہ ھن ڇوڪريءَ مان نڪري وڃ.“ ڀوت انھيءَ ئي مھل ڇوڪريءَ کي ڇڏي ھليو ويو.


ڇالاءِ⁠جو اسان کي بہ انھن وانگر ئي خوشخبري ٻڌائي ويئي. پر جيڪو پيغام انھن ٻڌو تنھن کين ڪو فائدو نہ رسايو، ڇاڪاڻ⁠تہ انھن ايمان سان نہ ٻڌو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ