Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 9:2 - Common Language New Testament

2 ڪن ماڻھن وٽس ھڪ اڌرنگي جي بيماريءَ وارو ماڻھو کٽولي تي کڻي آندو. عيسيٰ ڏٺو تہ ھنن جو ڪيڏو نہ ايمان آھي! سو اڌرنگي واري کي چيائين تہ ”پٽ، دلجاءِ ڪر، تنھنجا گناھہ بخشجي ويا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ ڏسو، هڪڙو ماڻهو کٽولي تي پيل وٽس کڻي آيا، جنهن کي اڌ رنگ جي بيماري هئي: ۽ يسوع سندن ايمان ڏسي اڌرنگيءَ کي چيو تہ پٽ دلجاءِ ڪر، تنهنجا گناهہ معاف ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 ڪن ماڻهن اڌرنگي جي بيماريءَ وارو هڪ ماڻهو کٽولي تي کڻي وٽس آندو. يسوع هنن جو ايڏو وشواس ڏسي اڌرنگي واري کي چيو تہ ”پٽ! دلجاءِ ڪر، تنهنجا پاپ معاف ڪيا ويا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 ڪن ماڻهن اڌرنگي جي بيماريءَ وارو هڪ ماڻهو کٽولي تي کڻي وٽس آندو. عيسيٰ هنن جو ايڏو ايمان ڏسي اڌرنگي واري کي چيو تہ ”پٽ! دلجاءِ ڪر، تنهنجا گناهہ معاف ڪيا ويا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 9:2
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنھن تي عيسيٰ ھڪدم کين چيو تہ ”ڊڄو نہ، آءٌ آھيان، دلجاءِ ڪريو.“


سڄي شام ملڪ ۾ ھن جي ھاڪ پئجي ويئي. تنھنڪري ڪيترائي ماڻھو ھن وٽ بيمار وٺي آيا، جن کي جدا جدا مرض ۽ تڪليفون ھيون، جھڙوڪ: ڀوتن ورتل، مرگھيءَ وارا ۽ اڌرنگ وارا. انھن سڀني کي عيسيٰ ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو.


اسان جا ڏوھہ اسان کي ائين معاف ڪر، جيئن اسين بہ پنھنجن ڏوھارين کي معاف ٿا ڪريون.


عيسيٰ اھو ٻڌي ھن تي عجب کائڻ لڳو ۽ جيڪي سندس پٺيان آيا پئي تن کي چوڻ لڳو تہ ”آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ مون کي ھن جھڙو ايمان بني اسرائيل ۾ ڪنھن ۾ بہ نظر نہ آيو.


جڏھن سانجھي ٿي تہ ماڻھو عيسيٰ وٽ ڪيترن ئي ڀوتن ورتلن کي وٺي آيا. ھن ھڪڙي لفظ سان انھن ڀوتن کي ڪڍي ڇڏيو ۽ سڀني بيمارن کي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيائين.


عيسيٰ ڦري انھيءَ عورت کي ڏٺو ۽ چيائين تہ ”دلجاءِ ڪر ڌيءَ، تنھنجي ايمان تو کي ڇٽايو آھي.“ انھيءَ ئي وقت اھا عورت چڱي ڀلي ٿي پيئي.


ڇا اھو سولو آھي جو ھن ماڻھوءَ کي چئجي تہ ’تنھنجا گناھہ بخشجي ويا،‘ يا کيس چئجي تہ ’اٿ ۽ گھم ڦر‘؟


پر آءٌ اوھان تي ثابت ڪندس تہ ابن⁠آدم کي دنيا ۾ ماڻھن جي گناھہ بخشڻ جي اختياري مليل آھي.“ سو اڌرنگي واري ماڻھوءَ کي چيائين تہ ”اٿ، پنھنجو کٽولو کڻ ۽ گھر ھليو وڃ.“


جڏھن سانجھي ٿي ۽ سج لھي ويو تہ ماڻھن عيسيٰ وٽ ڪيترا ئي بيمار ۽ ڀوتن ورتل ماڻھو آندا.


تنھن تي عيسيٰ بيھي رھيو ۽ چيائين تہ ”ھن کي سڏيو.“ سو انھن انڌي ماڻھوءَ کي سڏيو ۽ چيائونس تہ ”تسلي ڪر ۽ اُٿي ھل جو ھو تو کي سڏي ٿو پيو.“


تنھن تي عيسيٰ کيس چيو تہ ”ڌيءَ! تنھنجي ايمان تو کي ڇٽايو آھي، سو خوش ٿيءُ جو ھاڻي آزار کان ڇٽينءَ.“


مون اھي ڳالھيون اوھان کي انھيءَ لاءِ ٻڌايون آھن تہ جيئن مون سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري اوھان کي اطمينان ملي. ھن دنيا ۾ اوھان کي ڏک ملندا پر دلجاءِ ڪريو جو مون دنيا تي فتح حاصل ڪئي آھي.“


ھن کي ڪابہ ضرورت ڪانہ ھئي تہ ڪو ماڻھو ڪنھن بابت کيس ٻڌائي، ڇالاءِ⁠جو ھن پاڻ ئي ٿي ڄاتو تہ انسان جي دل ۾ ڇا ڇا آھي.


پوءِ عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اي جوانو! ڇا اوھان کي ڪجھہ مليو؟“ ھنن وراڻيس تہ ”ڪجھہ بہ نہ.“


جڏھن ھو پولس جون ڳالھيون ٻڌي رھيو تہ پولس ھن ڏانھن چتائي نھاريو ۽ ڄاتائين تہ کيس ايترو ايمان آھي جو ھو چڱو ڀلو ٿي سگھندو.


ايتري⁠قدر جو جيڪي رومال ۽ پھراڻ پولس ڍڪيندو ھو، سي کڻي جيڪڏھن بيمارن کي لائيندا ھئا تہ انھن کي بيماري ڇڏي ويندي ھئي ۽ ڀوتن ورتل ماڻھن مان ڀوت نڪري ويندا ھئا.


جڏھن رات ٿي تڏھن خداوند اچي پولس جي ڀرسان بيٺو ۽ چيائينس تہ ”دلجاءِ ڪر، جيئن تو يروشلم ۾ منھنجي لاءِ شاھدي ڏني آھي تيئن روم ۾ بہ تو کي منھنجي لاءِ شاھدي ڏيڻي پوندي.“


نہ رڳو ايترو پر اسين خدا جي حضور ۾ پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي معرفت خوشي ٿا ڪريون، ڇاڪاڻ⁠تہ ان جي ئي وسيلي اسان جو خدا سان ميلاپ ٿيو آھي.


پر ڪو ماڻھو چئي سگھي ٿو تہ ”تو وٽ ايمان آھي ۽ مون وٽ عمل آھي.“ ”چڱو ڀلا، تون عمل کان سواءِ پنھنجو ايمان مون کي ڏيکار ۽ آءٌ پنھنجن عمل سان تو کي پنھنجو ايمان ڏيکاريندس.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ