Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 9:18 - Common Language New Testament

18 جڏھن عيسيٰ انھن کي ھي چئي رھيو ھو تڏھن يھودين جي مقامي عبادت⁠خاني جو ھڪڙو اڳواڻ وٽس آيو ۽ سجدو ڪري چيائين تہ ”ھينئر ئي منھنجي ڌيءَ مُئي آھي، پر اوھين ھلي ھٿ لائيندوس تہ ھوءَ جيئري ٿي پوندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 اڃا هن اُنهن سان هي ڳالهيون پئي ڪيون، تہ ڏسو، هڪڙي سردار اچي کيس سجدو ڪري چيو، تہ منهنجي ڌيءَ اِجهو هينئر مئي آهي، پر تون اچي هن تي پنهنجو هٿ رک تہ هوءَ بچي پوي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 جڏهن يسوع انهن کي هي چئي رهيو هو تڏهن يهودين جي ڀڳتيءَ واري مقامي جاءِ جو هڪڙو اڳواڻ وٽس آيو ۽ سيس نوائي چيائينس تہ ”هينئر ئي منهنجي ڌيءَ مُئي آهي، پر اوهين هلي هٿ لائيندؤس تہ هوءَ جيوت ٿي پوندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 جڏهن عيسيٰ انهن کي هي چئي رهيو هو تڏهن يهودين جي مقامي عبادت‌خاني جو هڪڙو اڳواڻ وٽس آيو ۽ سجدو ڪري چيائينس تہ ”هينئر ئي منهنجي ڌيءَ مُئي آهي، پر اوهين هلي هٿ لائيندؤس تہ هوءَ جيئري ٿي پوندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 9:18
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنھن تي جيڪي⁠بہ ٻيڙيءَ ۾ ھئا تن اچي کيس سجدو ڪري چيو تہ ”بيشڪ تون خدا جو فرزند آھين.“


پر ھوءَ اچي عيسيٰ جي پيرن تي ڪري پيئي ۽ چيائينس تہ ”اي سائين! منھنجي مدد ڪريو.“


جڏھن اُھي خلق ڏانھن موٽيا تہ ھڪڙو ماڻھو عيسيٰ وٽ آيو ۽ سندس اڳيان گوڏا کوڙي


پوءِ زبديءَ جي پٽن يعقوب ۽ يوحنا جي ماءُ پنھنجي ٻنھي پٽن سميت عيسيٰ وٽ آئي ۽ پيرين پئي کيس ھڪ عرض ڪرڻ لڳي.


جڏھن انھن کيس ڏٺو تہ ھن کي سجدو ڪرڻ لڳا، جيتوڻيڪ ڪن کي شڪ بہ ھو.


ايتري ۾ ھڪڙو ڪوڙھہ جھڙي مرض وارو عيسيٰ وٽ آيو، جنھن کيس سجدو ڪري چيو تہ ”اي سائين! جيڪڏھن اوھين چاھيو تہ مون کي ڇٽائي پاڪ صاف ڪري سگھو ٿا.“


تڏھن شاگرد وٽس آيا ۽ جاڳائي چيائونس تہ ”اي سائين! اسان کي بچايو جو اسين ھاڻي تہ ٻڏڻ تي آھيون.“


نہ وري ڪوبہ تازي مئي پراڻن ساندارن ۾ ٿو ڀري، جيڪڏھن ائين ڪندو تہ ساندارا ڦاٽي پوندا، مئي ھارجي ويندي ۽ ساندارا بہ زيان ٿيندا. تنھنڪري تازي مئي نون ساندارن ۾ وجھبي آھي تہ جيئن ٻيئي سلامت رھن.“


تڏھن عيسيٰ اٿيو ۽ شاگردن سميت ھن سان گڏجي ھليو.


تنھن تي ھن چيو تہ ”سڀ ھليا وڃو، ڇوڪري مئي ڪانہ آھي پر ھوءَ ننڊ پيئي آھي.“


پر عبادت⁠گاھہ جي اڳواڻ کي ڪاوڙ لڳي، ڇاڪاڻ⁠تہ عيسيٰ سبت جي ڏينھن بيمار کي شفا بخشي ھئي. تنھنڪري ھو ماڻھن کي چوڻ لڳو تہ ”ڇھہ ڏينھن آھن جن ۾ ڪم ڪرڻ روا آھي. انھن ڏينھن تي اچو ۽ شفا پايو پر سبت جي ڏينھن نہ اچو.“


ھڪڙي سردار عيسيٰ کان پڇيو تہ ”اي نيڪ استاد! آءٌ ڇا ڪريان جو دائمي زندگي حاصل ڪريان؟“


جتي ھڪڙي فوجي صوبيدار جو نوڪر بيمار ھو ۽ مرڻ تي ھو. نوڪر ھن کي ڏاڍو پيارو ھو.


عيسيٰ کيس چيو تہ ”قيامت ۽ زندگي تہ آءٌ آھيان. جيڪو بہ مون تي ايمان آڻي ٿو سو جيتوڻيڪ مري وڃي تہ بہ زندہ رھندو،


جڏھن مريم عيسيٰ وٽ پھتي ۽ ھن کي ڏٺائين تہ پيرن تي ڪري پيس ۽ چيائينس تہ ”خداوند! جيڪڏھن اوھين ھتي ھجو ھا تہ منھنجو ڀاءُ مري ئي ڪين ھا.“


جڏھن اتي توريت ۽ نبين جا صحيفا پڙھيا ويا، تڏھن عبادت⁠خانن جي اڳواڻن ھنن کي سڏائي چيو تہ ”اي ڀائرؤ! جيڪڏھن اوھان کي ڪا نصيحت جي ڳالھہ ماڻھن کي ٻڌائڻي آھي تہ ٻڌايو.“


پبليس جو پيءُ بخار ۽ پيچش جي ڪري بستري داخل ھو. پولس ھن جي ڪمري ۾ ويو ۽ دعا ڪيائين. پوءِ پنھنجا ھٿ مٿانئس رکيائين ۽ کيس شفا بخشيائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ