Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 9:13 - Common Language New Testament

13 وڃو ۽ وڃي سمجھو تہ ھن لکت جي معنيٰ ڇا آھي تہ ’مون کي جانورن جي قرباني نہ گھرجي پر رحم کپي،‘ ڇالاءِ⁠جو آءٌ نيڪن کي نہ پر گنھگارن کي سڏڻ لاءِ آيو آھيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 پر اوهين وڃي هن جي معنيٰ سمجهو، تہ مون کي رحم پسند آهي ۽ نہ قرباني؛ ڇالاءِ جو آئون سچارن کي نہ پر گنهگارن کي سڏڻ آيو آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 سو وڃو ۽ وڃي سمجھو تہ پوِتر شاستر جي هن لکت جي معنيٰ ڇا آهي تہ ’مون کي جانورن جو ٻليدان نہ، پر ديا پسند آهي،‘ ڇاڪاڻ تہ آءٌ نيڪن کي نہ پر پاپين کي سڏڻ لاءِ آيو آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 سو وڃو ۽ وڃي سمجھو تہ پاڪ ڪلام جي هن لکت جي معنيٰ ڇا آهي تہ ’مون کي جانورن جي قرباني نہ، پر رحم پسند آهي،‘ ڇاڪاڻ تہ آءٌ نيڪن کي نہ پر گنهگارن کي سڏڻ لاءِ آيو آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 9:13
39 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنھن تي عيسيٰ چين تہ ”اوھان اھو ڪين پڙھيو آھي ڇا تہ جڏھن دائود ۽ سندس ساٿين کي بک لڳي ھئي تہ ھن ڇا ڪيو ھو؟


ڇا اوھان توريت ۾ نہ پڙھيو آھي تہ ھيڪل ۾ توڙي جو ڪاھن سبت جي ڏينھن جي پرھيز نہ ٿا رکن تہ بہ ڏوھدار نہ ٿا ليکجن؟


اھو لکيل آھي تہ ’مون کي جانورن جي قرباني نہ گھرجي پر رحم کپي.‘ جيڪڏھن اوھين ھن جي صحيح معنيٰ سمجھو ھا تہ بي⁠ڏوھين کي ڏوھي نہ سمجھو ھا.


تنھن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”ڇا اوھان لکت ۾ نہ پڙھيو آھي تہ خالق انھن کي شروعات کان وٺي نر ۽ مادي ڪري پيدا ڪيو؟


عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”ڇا اوھان لکت ۾ نہ پڙھيو آھي تہ ’جنھن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو، سو ئي پيڙھہ جو پٿر ٿيو. اھو خداوند جي طرفان ڪيو ويو، اھا اسان لاءِ ڪھڙي نہ عجيب ڳالھہ آھي!‘“


”توبھہ ڪريو جو آسمان واري بادشاھت ويجھي آئي آھي.“


اھڙا ڪم ڪريو جن مان خبر پوي تہ اوھان سچ⁠پچ پنھنجن گناھن تي پڇتايو آھي.


سو انھيءَ وقت کان وٺي عيسيٰ پنھنجي پيغام جي تبليغ ڪرڻ لڳو تہ ”پنھنجن گناھن کان توبھہ ڪريو، ڇاڪاڻ⁠تہ آسمان واري بادشاھت ويجھي آئي آھي.“


مري ويلن جي جيئري ٿي اٿڻ بابت اوھان موسيٰ جي صحيفي ۾ ٻرندڙ ٻوڙي واري بيان ۾ ڪين پڙھيو آھي ڇا تہ ڪيئن خدا موسيٰ سان ڳالھايو ۽ چيائينس تہ ’آءٌ ابراھيم جو خدا، اسحاق جو خدا ۽ يعقوب جو خدا آھيان‘؟


سو ضروري آھي تہ انسان انھيءَ کي ئي ساريءَ دل، سڄي سمجھہ ۽ سڄيءَ طاقت سان پيار ڪري ۽ پنھنجي پاڙيسريءَ سان بہ پاڻ جھڙو پيار ڪري. اھو جانورن جي قرباني ڪرڻ يا قربان⁠گاھہ تي خدا جي خدمت ۾ ٻيون شيون نذر ڪرڻ کان بہ وڌيڪ سٺو آھي.“


عيسيٰ ھي ٻڌي ورتو ۽ چيائين تہ ”چڱن ڀلن کي نہ بلڪ بيمارن کي حڪيم جي گھرج ھوندي آھي. آءٌ نيڪن کي نہ پر گنھگارن کي سڏڻ لاءِ آيو آھيان.“


تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”شريعت ۾ ڇا لکيل آھي؟ تون پڙھڻ وقت ڇا ٿو سمجھين؟“


ابن⁠آدم انھن کي ڳولڻ ۽ بچائڻ آيو آھي جيڪي گمراھہ ٿي ويا آھن.“


۽ ھن جي نالي ۾ يروشلم کان وٺي سڀني قومن تائين توبھہ ۽ گناھن جي بخشڻ جي تبليغ ضرور ڪئي وڃي.


تنھن تي عيسيٰ کين ورندي ڏني تہ ”تندرستن کي نہ بلڪ بيمارن کي طبيب جي گھرج ھوندي آھي.


آءٌ نيڪن کي نہ، پر گنھگارن کي توبھہ جي طرف سڏڻ لاءِ آيو آھيان.“


عيسيٰ چيو تہ ”ڇا اوھان جي شريعت ۾ اھو لکيل نہ آھي تہ خدا چيو تہ ’اوھين خدا جا فرزند آھيو.‘


جڏھن انھن ھي ٻڌو تہ کڻي ماٺ ڪيائون ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي چيائون تہ ”خدا غير قومن کي بہ توفيق ڏني آھي تہ ھو توبھہ ڪن ۽ زندگي حاصل ڪن.“


تنھن تي پطرس کين چيو تہ ”اوھين سڀ توبھہ ڪريو ۽ عيسيٰ مسيح جي نالي تي بپتسما وٺو، تہ جيئن اوھان جا گناھہ بخشيا وڃن ۽ اوھان کي خدا جي بخشش يعني پاڪ روح ملي.


يھودين ۽ غير⁠قوم وارن ٻنھي کي چتاءُ ڏنو اٿم تہ اھي پنھنجن گناھن کان توبھہ ڪري خدا ڏانھن ڦرن ۽ اسان جي خداوند عيسيٰ تي ايمان آڻين.


تنھنڪري توبھہ ڪريو ۽ خدا ڏانھن اچو تہ اوھان جا گناھہ ميٽجي وڃن،


نہ رڳو ايترو پر خدا کيس مالڪ ۽ ڇوٽڪارو ڏيندڙ بنائڻ لاءِ پنھنجي ساڄي پاسي ڏانھن سربلند ڪيو، تہ جيئن بني اسرائيل کي توبھہ ڪرڻ جي توفيق ملي ۽ سندن گناھہ بخشجي وڃن.


خداوند پنھنجي واعدي پوري ڪرڻ ۾ دير ڪين ڪندو آھي، جھڙي دير ڪي ماڻھو سمجھن ٿا. پر ھو اوھان جي باري ۾ صبر ڪري ٿو، انھيءَ ڪري جو ھو نہ ٿو چاھي تہ ڪوبہ ناس ٿئي، بلڪ ھو چاھي ٿو تہ سڀيئي توبھہ ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ