Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 8:26 - Common Language New Testament

26 تنھن تي عيسيٰ وراڻين تہ ”اوھين ايترا ڊنل ڇو آھيو؟ ڇا اوھان جو ايمان ايترو ئي آھي؟“ ھو اٿيو ۽ ھوا ۽ ڇولين کي ڇينڀيائين تہ بلڪل ٺاپر ٿي ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 ۽ هن کين چيو، تہ اي ڪم اعتقادو، اوهين ڇو ٿا ڊڄو؟ تنهن کانپوءِ هو اُٿيو، ۽ واءُ ۽ سمنڊ کي جهڻڪيائين، تہ ڏاڍي نوائي ٿي ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

26 تنهن تي يسوع وراڻين تہ ”اوهين ايترا ڊنل ڇو آهيو؟ ڇا اوهان جو وشواس ايترو ئي آهي؟“ پوءِ هو اٿيو ۽ هوا ۽ ڇولين کي ڇينڀيائين تہ بلڪل ٺاپر ٿي ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 تنهن تي عيسيٰ وراڻين تہ ”اوهين ايترا ڊنل ڇو آهيو؟ ڇا اوهان جو ايمان ايترو ئي آهي؟“ پوءِ هو اٿيو ۽ هوا ۽ ڇولين کي ڇينڀيائين تہ بلڪل ٺاپر ٿي ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 8:26
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عيسيٰ سندن ڳالھہ سمجھي ويو، سو چيائين تہ ”اوھان جو ايمان ڪيترو نہ ڪمزور آھي. ڇو ٿا پاڻ ۾ سوال جواب ڪريو تہ ’اسان وٽ ماني ڪونھي؟‘


عيسيٰ وراڻيو تہ ”اوھين اھو ڀوت انھيءَ ڪري نہ ڪڍي سگھيا جو اوھان ۾ ايترو ايمان ڪونہ ھو. آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪڏھن اوھان ۾ سرنھن جي داڻي جيترو بہ ايمان ھوندو تہ اوھين ھن جبل کي چئي سگھو ٿا تہ ’ھتان ھلي ھُتي وڃ‘ تہ ھو ويندو. اوھان لاءِ ڪابہ شيءِ اڻ⁠ٿيڻي نہ آھي.“


جيڪڏھن جھنگلي گاھہ جيڪو اڄ آھي ۽ سڀاڻي بٺيءَ ۾ اڇلايو ويندو، تنھن کي بہ خدا ائين پھرائي ٿو، تہ پوءِ اھو اوھان کي بھتر نہ پھرائيندو ڇا؟ اوھان جو ايمان ڪيڏو نہ ڪمزور آھي!


اھي عجب ۾ پئجي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”ھي ڪھڙي قسم جو ماڻھو آھي جو ھوا ۽ پاڻيءَ کي بہ حڪم ٿو ڪري تہ اھي بہ مڃينس ٿا.“


تنھن تي عيسيٰ کيس ڇينڀي چيو تہ ”ماٺ ڪر، ھن مان نڪري وڃ.“ ڀوت ماڻھوءَ کي انھن جي اڳيان اڇلايو ۽ کيس ايذاءَ ڏيڻ کان سواءِ ٻاھر نڪري ويو.


پر ھن جي ايمان کي لوڏو بہ نہ آيو. ھن خدا جي واعدي تي ذرو بہ شڪ نہ ڪيو، بلڪ ھو ايمان ۾ وڌيڪ پڪو ٿي خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳو.


ھن جي ھٿ ۾ ھڪڙو ننڍڙو کليل ڪتاب ھو. ھن پنھنجو ساڄو پير سمنڊ تي ۽ کاٻو پير زمين تي رکيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ