Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 8:16 - Common Language New Testament

16 جڏھن سانجھي ٿي تہ ماڻھو عيسيٰ وٽ ڪيترن ئي ڀوتن ورتلن کي وٺي آيا. ھن ھڪڙي لفظ سان انھن ڀوتن کي ڪڍي ڇڏيو ۽ سڀني بيمارن کي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ۽ جڏهن سانجهي ٿي، تڏهن گهڻن ئي کي وٽس وٺي آيا جن ۾ ڀوت هئا، ۽ هن هڪڙي حرف سان اُهي ڀوت ڪڍيا، ۽ جيڪي بيمار هئا تن سڀني کي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيائين:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

16 جڏهن سانجھي ٿي تہ ماڻهو يسوع وٽ ڪيترن ئي ڀوتن ورتلن کي وٺي آيا. هن هڪڙي حڪم سان ئي انهن ڀوتن کي ڪڍي ڇڏيو ۽ جيڪي بيمار هئا تن سڀني کي پڻ چڱو ڀلو ڪري ڇڏيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 جڏهن سانجھي ٿي تہ ماڻهو عيسيٰ وٽ ڪيترن ئي ڀوتن ورتلن کي وٺي آيا. هن هڪڙي حڪم سان ئي انهن ڀوتن کي ڪڍي ڇڏيو ۽ جيڪي بيمار هئا تن سڀني کي پڻ چڱو ڀلو ڪري ڇڏيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 8:16
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ ڪن ماڻھن عيسيٰ وٽ ھڪ ماڻھو آندو جيڪو انڌو ھو ۽ ڳالھائي بہ نہ ٿي سگھيو، ڇاڪاڻ⁠تہ ھن ۾ ڀوت ھو. عيسيٰ ان کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ ھو ڳالھائڻ ۽ ڏسڻ لڳو.


جڏھن عيسيٰ ٻيڙيءَ مان لٿو تہ ھن ھڪ وڏو ميڙ ڏٺو. سندس دل رحم سان ڀرجي ويئي، سو اچي انھن جي بيمارن کي شفا ڏيئي چڱو ڀلو ڪيائين.


عيسيٰ کيس ھٿ لاتو تہ سندس بخار ويندو رھيو. ھوءَ اٿي ويٺي ۽ سندس خدمت چاڪري ڪرڻ لڳي.


ڌڻ چارڻ وارا اھو ڏسي شھر ڏانھن ڀڳا ۽ ڀوتن ورتل ماڻھن جو سمورو احوال ڪري ٻڌايائون.


ڪن ماڻھن وٽس ھڪ اڌرنگي جي بيماريءَ وارو ماڻھو کٽولي تي کڻي آندو. عيسيٰ ڏٺو تہ ھنن جو ڪيڏو نہ ايمان آھي! سو اڌرنگي واري کي چيائين تہ ”پٽ، دلجاءِ ڪر، تنھنجا گناھہ بخشجي ويا.“


تہ ڪي ماڻھو ھڪ اڌرنگيءَ شخص کي چئن ماڻھن کان کڻائي وٽس آيا.


ڇالاءِ⁠جو عيسيٰ کيس چئي رھيو ھو تہ ”اي ڀوت! ھن ماڻھوءَ مان ٻاھر نڪري اچ.“


عيسيٰ ڏٺو تہ ميڙ ڀيڙ ڪندو ٿو اچي، سو ڀوت کي حڪم ڏنائين تہ ”اي ٻوڙا ۽ گونگا ڀوت! آءٌ تو کي حڪم ٿو ڏيان تہ ڇوڪري مان ھڪدم نڪري وڃ ۽ وري ڪڏھن بہ موٽي نہ اچجانءِ.“


عيسيٰ جڏھن ھن کي ڏٺو تہ سڏي چيائينس تہ ”اي مائي! تو پنھنجي بيماريءَ کان جند ڇڏائي.“


سج لھڻ مھل ماڻھو انھن سڀني کي عيسيٰ وٽ وٺي آيا جيڪي جدا جدا بيمارين جا مريض ھئا. عيسيٰ انھن مان ھر ھڪ کي پنھنجو ھٿ لاتو تہ اھي سڀيئي ڇٽي چڱا ڀلا ٿي ويا.


ڪيترن ئي ماڻھن مان ڀوت نڪري ويا ۽ واڪا ڪندا ويا تہ ”تون خدا جو فرزند آھين،“ ڇاڪاڻ⁠تہ انھن کي خبر ھئي تہ ھو مسيح آھي. پر عيسيٰ انھن کي جھڻڪيندي چيو تہ ھو ائين نہ چون.


ايتري قدر جو ھو بيمارن کي آڻي گھٽين ۾ کٽولن ۽ تڏن تي رکندا ھئا تہ جڏھن پطرس اتان لنگھي تہ من سندس پاڇو ئي انھن مان ڪن تي پوي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ