Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 8:14 - Common Language New Testament

14 عيسيٰ جڏھن پطرس جي گھر ويو تہ اتي ڏٺائين تہ ھن جي سس بخار ۾ بستري تي بيمار پئي ھئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ۽ جڏهن يسوع پطرس جي گهر آيو، تڏهن ڏٺائين تہ سندس سس تپ جي ڪري بيمار پيئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 يسوع جڏهن پطرس جي گھر آيو تہ اتي ڏٺائين تہ پطرس جي سس بخار سبب بستري تي پيئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 عيسيٰ جڏهن پطرس جي گھر آيو تہ اتي ڏٺائين تہ پطرس جي سس بخار سبب بستري تي پيئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 8:14
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنھن تي پطرس وراڻيو تہ ”ھائو.“ جڏھن پطرس گھر ۾ اندر گھڙيو تہ ھن جي ڳالھائڻ کان اڳ ۾ عيسيٰ پڇيس تہ ”شمعون! تنھنجي ڪھڙي راءِ آھي؟ دنيا جي بادشاھن کي محصول ۽ ڍلون ڪير ڏيندا آھن؟ ڇا ملڪ جا رھاڪو ڏيندا آھن يا ڌاريا؟“


عيسيٰ کيس ھٿ لاتو تہ سندس بخار ويندو رھيو. ھوءَ اٿي ويٺي ۽ سندس خدمت چاڪري ڪرڻ لڳي.


عيسيٰ کيس جواب ڏنو تہ ”لومڙين کي ڏريون ۽ پکين کي آکيرا آھن، پر ابن⁠آدم کي اھا جاءِ بہ ڪانھي جتي مٿو لڪائي آرام ڪري.“


اسان جو اھو حق نہ آھي ڇا تہ پنھنجين ديندار زالن کي پاڻ سان گڏ گھمائيندا رھون، جيئن ٻيا رسول، خداوند جا ڀائر ۽ پطرس جن ڪن ٿا؟


تنھنڪري نگھبان کي گھرجي تہ مٿس ڪو الزام نہ ھجي. ھو ھڪڙيءَ زال جو مڙس ھجڻ سان گڏ پرھيزگار، سمجھُو، اصول وارو، مھمان⁠نواز ۽ تعليم ڏيڻ جي لائق ھجي.


اھڙا ماڻھو شادي ڪرڻ کان منع ٿا ڪن ۽ ڪن کاڌن کائڻ کان پرھيز ڪرڻ جو حڪم ٿا ڏين. پر خدا اھي کاڌا انھيءَ لاءِ پيدا ڪيا آھن تہ جيڪي ماڻھو ايمان آڻين ٿا ۽ سچ کي سڃاڻين ٿا سي انھن کي شڪرگذاريءَ سان کائين.


سڀني ماڻھن جي نظر ۾ شادي عزت جي ڳالھہ ھئڻ کپي ۽ زال مڙس کي ھڪ ٻئي سان وفادار ھئڻ گھرجي، ڇالاءِ⁠جو خدا زناڪارن ۽ حرامڪارن کي سزا ڏيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ