Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 8:13 - Common Language New Testament

13 پوءِ عيسيٰ فوجي صوبيدار کي چيو تہ ”گھر وڃ، جيئن تون يقين ڪرين ٿو تيئن ئي تو لاءِ ڪيو ويندو.“ تڏھن انھيءَ گھڙيءَ ئي صوبيدار جو نوڪر چڱو ڀلو ٿي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 پوءِ يسوع صوبيدار کي چيو تہ تون هليو وڃ؛ جيئن تو ايمان آندو آهي، تيئن ئي تو سان ٿئي. ۽ اهو نوڪر اُنهيءَ گهڙيءَ ۾ ڇٽي چڱو ڀلو ٿي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 پوءِ يسوع فوجي صوبيدار کي چيو تہ ”گھر وڃ، جيئن تون وشواس ڪرين ٿو تيئن ئي تو لاءِ ڪيو ويندو.“ تڏهن انهيءَ گھڙيءَ ئي صوبيدار جو نوڪر چڱو ڀلو ٿي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 پوءِ عيسيٰ فوجي صوبيدار کي چيو تہ ”گھر وڃ، جيئن تون يقين ڪرين ٿو تيئن ئي تو لاءِ ڪيو ويندو.“ تڏهن انهيءَ گھڙيءَ ئي صوبيدار جو نوڪر چڱو ڀلو ٿي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 8:13
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”اي عورت! تون تہ وڏي ايمان واري آھين. جيڪو تون گھرين ٿي اھو تو لاءِ ڪيو ويندو.“ انھيءَ وقت ئي ان عورت جي ڌيءَ چڱي ڀلي ٿي پيئي.


عيسيٰ وراڻيو تہ ”اوھين اھو ڀوت انھيءَ ڪري نہ ڪڍي سگھيا جو اوھان ۾ ايترو ايمان ڪونہ ھو. آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪڏھن اوھان ۾ سرنھن جي داڻي جيترو بہ ايمان ھوندو تہ اوھين ھن جبل کي چئي سگھو ٿا تہ ’ھتان ھلي ھُتي وڃ‘ تہ ھو ويندو. اوھان لاءِ ڪابہ شيءِ اڻ⁠ٿيڻي نہ آھي.“


پوءِ عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”ٻڌ، متان ڪنھن کي اھا ڳالھہ ٻڌائين. پر سڌو وڃي ڪاھن کي پاڻ ڏيکار ۽ موسيٰ جي شريعت موجب پنھنجي پاڪ ٿيڻ لاءِ قرباني ڪر، تہ جيئن ھر ڪنھن لاءِ شاھدي ٿئي تہ تون ھاڻي ڇٽي پاڪ صاف ٿيو آھين.“


عيسيٰ ڦري انھيءَ عورت کي ڏٺو ۽ چيائين تہ ”دلجاءِ ڪر ڌيءَ، تنھنجي ايمان تو کي ڇٽايو آھي.“ انھيءَ ئي وقت اھا عورت چڱي ڀلي ٿي پيئي.


عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”برابر، تنھنجي انھيءَ جواب جي ڪري تنھنجي نياڻيءَ مان ڀوت نڪري ويو. سو تون ڀلي گھر وڃ.“


عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”اوھان جي لفظن ’جيڪڏھن ڪجھہ ڪري سگھو ٿا‘ جو مطلب ڇا آھي؟ جيڪوبہ ايمان آڻي ٿو تنھن لاءِ سڀ ڪجھہ ٿي سگھي ٿو.“


عيسيٰ کيس چيو تہ ”وڃ تنھنجو پٽ نہ مرندو.“ جيئن عيسيٰ چيس تيئن ھن بہ يقين ڪيو ۽ گھر ڏانھن روانو ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ