Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 7:3 - Common Language New Testament

3 اوھين ڪنھن ٻئي جي اک جو ڪک ڇو ٿا ڏسو ۽ پنھنجي اک ۾ جو شھتير پيل اٿوَ ان جو خيال ڇو نہ ٿا ڪريو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 ۽ تنهنجي ڀاءُ جي اک ۾ جو ڪٽر آهي سو تون ڇو ٿو ڏسين، پر جڏهن خود تنهنجي اک ۾ جو شهتير آهي تنهن جو خيال ئي نٿو ڪرين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 اوهين ڪنهن وشواسي ڀاءُ ڀيڻ جي اک جو ڪک ڇو ٿا ڏسو ۽ پنهنجي اک ۾ جيڪو شهتير پيل اٿوَ، ان جو خيال ڇو نہ ٿا ڪريو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 اوهين ڪنهن هم‌ايمان ڀاءُ ڀيڻ جي اک جو ڪک ڇو ٿا ڏسو ۽ پنهنجي اک ۾ جيڪو شهتير پيل اٿوَ، ان جو خيال ڇو نہ ٿا ڪريو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 7:3
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوھين ڪيئن ڪنھن کي چئي سگھو ٿا تہ ’ادا، مون کي پنھنجي اک مان ڪک ڪڍڻ ڏي،‘ جڏھن تہ اوھان جي اک ۾ شھتير پيل آھي؟


اي رياڪارو! اوھين پھريائين پنھنجي اک مان شھتير ڪڍو تہ پوءِ اوھين پنھنجي ڀاءُ جي اک جو ڪک چڱيءَ طرح ڏسي ڪڍي سگھندا.


فريسي بيھي پنھنجي دل ۾ ھيئن دعا گھرڻ لڳو تہ ’اي خدا! آءٌ تنھنجو ٿورائتو آھيان جو آءٌ ٻين ماڻھن جھڙو ڦورو، بي⁠انصاف يا زناڪار نہ آھيان، نہ وري ھن محصول اڳاڙيندڙ جھڙو آھيان.


اي انسان! ڇا تون ٻين جي عيب⁠جوئي ڪندو آھين؟ تو کي ڪوبہ حق نہ ٿو پھچي، کڻي تون ڪير بہ ھجين. ڇالاءِ⁠جو جيڪي ڏوھہ تون ٻين تي ٿو مڙھين، سي ڪم تہ تون خود ڪري پاڻ کي ڏوھاري ٿو ٺھرائين.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڪنھن ڏوھہ ۾ پڪڙجي پوي تہ اوھين جيڪي روحاني آھيو، تنھن کي نرم⁠مزاجيءَ سان سڌاريو. ان سان گڏ پنھنجو بہ خيال ڪريو، متان اوھين بہ آزمائش ۾ پئجي وڃو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ