Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 7:24 - Common Language New Testament

24 ”تنھنڪري جيڪوبہ منھنجو ھي ڪلام ٻڌي ان تي عمل ڪري ٿو سو اھڙي سياڻي ماڻھوءَ مثل آھي جنھن پنھنجو گھر ٽڪر تي اڏايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 تنهنڪري جيڪو بہ ماڻهو منهنجو هي ڪلام ٻڌي ٿو، ۽ اُنهيءَ تي عمل ٿو ڪري، سو اُنهي ڏاهي ماڻهوءَ جي مثل آهي جنهن پنهنجو گهر ٽڪر تي اڏايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

24 ”تنهنڪري جيڪو بہ منهنجيون هي ڳالهيون ٻڌي انهن تي عمل ڪري ٿو سو اهڙي سياڻي ماڻهوءَ مثل آهي جنهن پنهنجو گھر ٽڪر تي اڏايو هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 ”تنهنڪري جيڪو بہ منهنجيون هي ڳالهيون ٻڌي انهن تي عمل ڪري ٿو سو اهڙي سياڻي ماڻهوءَ مثل آهي جنهن پنهنجو گھر ٽڪر تي اڏايو هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 7:24
41 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ⁠جو جيڪوبہ منھنجي آسمان واري پيءُ جي مرضيءَ تي ھلندو، سو ئي منھنجو ڀاءُ، ڀيڻ ۽ ماءُ آھي.“


آءٌ بہ تو کي چوان ٿو تہ تون ٽڪر آھين ۽ ان ٽڪر تي آءٌ پنھنجي ڪليسيا اڏيندس جيڪا موت جي طاقت تي غالب پوندي.


”پوءِ مون کي ٻڌايو تہ ايماندار ۽ سياڻو نوڪر ڪير آھي، جنھن کي سندس مالڪ پنھنجي نوڪرن چاڪرن مٿان مقرر ڪري ويو ھجي تہ انھن کي کاڌو پاڻي پوري وقت تي ڏئي؟


انھن مان پنج اياڻيون ھيون ۽ پنج سياڻيون.


پر سياڻين پنھنجن ڏياٽين کڻڻ وقت پاڻ سان گڏ پيالن ۾ تيل بہ کنيو.


پر سياڻين ڇوڪرين وراڻيو تہ ’اسان وٽ ايترو تيل ڪونہ آھي جو اسان ۽ اوھان لاءِ پورو پئجي سگھي. چڱو ائين ٿيندو جو اوھين وڃي دڪان تان پنھنجي لاءِ تيل وٺي اچو.‘


جيتوڻيڪ مينھن ان تي لاٽان ڪيون، درياءَ ٻوڙيس ۽ طوفان سخت سٽون ڏنس پر اھو نہ ڪريو، ڇالاءِ⁠جو اھو ٽڪر تي اڏيل ھو.


پر جيڪوبہ ماڻھو منھنجو ھي ڪلام ٻڌي ان تي عمل نہ ٿو ڪري، سو اھڙي اياڻي مثل آھي جنھن پنھنجو گھر واريءَ تي اڏايو.


تنھن تي عيسيٰ چيو تہ ”انھيءَ جي باوجود وڌيڪ سڳورا اُھي آھن، جيڪي خدا جو ڪلام ٻڌن ٿا ۽ ان تي عمل ٿا ڪن.“


ھاڻي اوھين ڪيترا نہ سڀاڳا ٿيندا جيڪڏھن اھي ڳالھيون سمجھي انھن تي عمل ڪندا.“


”جيڪڏھن اوھين سچ⁠پچ مون سان پيار ڪريو ٿا، تہ اوھين منھنجي حڪمن تي بہ عمل ڪندا.


جيڪڏھن اوھين منھنجي حڪمن تي عمل ڪندا تہ اوھين منھنجي پيار ۾ رھندا، جھڙيءَ طرح مون پنھنجي پيءُ جي حڪمن تي عمل ڪيو آھي ۽ سندس پيار ۾ رھان ٿو.


جن ڳالھين جو مون اوھان کي حڪم ڏنو آھي، تن تي جيڪڏھن عمل ڪريو تہ اوھين منھنجا دوست آھيو.


ڇالاءِ⁠جو شريعت جي ٻڌڻ وارا خدا ڏانھن سچار نہ ٿا بڻجن، پر خدا ڏانھن اھي سچار بڻجن ٿا. جيڪي شريعت تي عمل ڪن ٿا.


جيڪڏھن اسين خدا جي حڪمن تي عمل ڪنداسين، تہ پوءِ اسان کي يقين ٿي ويندو تہ اسين کيس سڃاڻون ٿا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ