Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 6:5 - Common Language New Testament

5 ”جڏھن اوھين دعا گھرو تڏھن رياڪارن وانگر نہ ٿيو. اھي عبادت⁠خانن ۽ رستن جي چونڪن تي بيھي دعا گھرندا آھن تہ جيئن ھر ھڪ انھن کي ڏسي. آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ انھن کي پنھنجو اجر ملي چڪو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 ۽ جڏهن اوهين دعا گهرو، تڏهن رياڪارن جهڙا نہ ٿيو، ڇالاءِ جو اُهي عبادتگاهن ۾ ۽ گهٽين جي ڪنڊن تي بيهي دعا گهرڻ پسند ٿا ڪن، انهي لاءِ تہ ڀلي ماڻهو کين ڏسن، آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ هنن کي پنهنجو اجر ملي چڪو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 ”جڏهن اوهين پرارٿنا ڪريو تڏهن پاکنڊين وانگر نہ ٿيو. اهي ڀڳتيءَ وارين جاين ۽ رستن جي چونڪن تي بيهي پرارٿنا ڪندا آهن تہ جيئن هر هڪ انهن کي ڏسي. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ انهن کي پنهنجو لاڀ ملي چڪو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 ”جڏهن اوهين دعا گھرو تڏهن رياڪارن وانگر نہ ٿيو. اهي عبادت‌خانن ۽ رستن جي چونڪن تي بيهي دعا گھرندا آهن تہ جيئن هر هڪ انهن کي ڏسي. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ انهن کي پنهنجو اجر ملي چڪو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 6:5
34 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏھن اوھين ايمان آڻيندا تہ جيڪي ⁠بہ دعا ۾ گھرندا سو اوھان کي ملي ويندو.“


”ڪيتري نہ مصيبت آھي اوھان لاءِ اي شريعت جا عالمو ۽ فريسيو! اي رياڪارو! اوھين آسمان واري بادشاھت جو دروازو ماڻھن لاءِ بند ڪري ٿا ڇڏيو. نہ اوھين پاڻ ان ۾ داخل ٿا ٿيو ۽ نڪي جيڪي اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ٿا ڪن تن کي ئي اچڻ ڏيو ٿا.


ھو پنھنجا سڀ ڪم ماڻھن کي ڏيکارڻ لاءِ ٿا ڪن. انھيءَ ڪري ھو پنھنجون تسبيحون وڏيون ٿا ڪن ۽ وڏا جبا پائين ٿا.


ھو مجلسن ۾ مٿاھيون جايون ٿا والارين ۽ عبادت⁠خانن ۾ خاص جاين تي ويھڻ پسند ڪن ٿا.


”خبردار ٿجو، متان چڱا ڪم ماڻھن جي ڏيکاءَ لاءِ ڪريو. جيڪڏھن اوھين ائين ڪندا تہ اوھان کي پنھنجي آسمان واري پيءُ وٽان ڪوبہ اجر نہ ملندو.


”جڏھن اوھين روزا رکو تہ رياڪارن وانگر منھن لٿل نہ ٿيو، ڇالاءِ⁠جو اھي منھن لٿل جو ڏيکاءُ انھيءَ لاءِ ٿا ڪن تہ جيئن ماڻھو ڏسن تہ ھنن روزو رکيو آھي. آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ انھن کي پنھنجو اجر ملي چڪو آھي.


تنھنڪري جڏھن اوھين ڪنھن کي خيرات ڏيو تہ ان جو ڏيکاءُ نہ ڪريو، جيئن رياڪار عبادت⁠خانن ۽ بازارن ۾ ڪندا آھن. اھي ھي ڪم انھيءَ ڪري ڪندا آھن تہ جيئن ماڻھو انھن جي ساراھہ ڪن. پر آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ انھن کي پنھنجو اجر ملي چڪو آھي.


تنھنڪري فصل جي مالڪ کي عرض ڪريو تہ لاباري لاءِ ماڻھو ڏياري موڪلي.“


جڏھن بہ اوھين دعا گھرڻ لاءِ بيھو، تڏھن جيڪڏھن اوھان جو ڪنھن تي رنج آھي تہ اُن کي معاف ڪري ڇڏيو تہ اوھان جو پيءُ جيڪو آسمان ۾ آھي سو بہ اوھان جا ڏوھہ اوھان کي بخشي ڇڏي.“


جڏھن ھن انھن کي تعليم پئي ڏني تہ چيائين تہ ”شريعت جي عالمن کان ھوشيار ٿجو، جيڪي ڊگھا جبا پائي گھمڻ پسند ڪن ٿا. اُھي چاھين ٿا تہ بازار ۾ ماڻھو کين سلامي ٿين.


اي فريسيو! مصيبت آھي اوھان لاءِ، جو اوھين عبادت⁠خاني ۾ اعليٰ درجي جون جايون والاريو ٿا ۽ بازار ۾ ماڻھن جا سلام پسند ڪريو ٿا.


عيسيٰ پنھنجي شاگردن کي چيو تہ ”ھر وقت دعا گھرندا رھو ۽ ھمت نہ ھارجو.“ انھيءَ لاءِ ھن کين ھڪڙو مثال ڏنو تہ


پر محصول اڳاڙيندڙ پري بيٺو رھيو ۽ آسمان ڏانھن اکيون کڻي بہ نہ نھاريائين، بلڪ ڇاتي پٽي چوڻ لڳو تہ ’اي خدا! مون گنھگار تي رحم ڪر.‘


اھي رنن⁠زالن جا گھر ڦري ٿا ڇڏين ۽ ڏيکاءَ لاءِ ڊگھيون ڊگھيون نمازون پڙھن ٿا. انھن کي وڌيڪ سزا ملندي.“


پر مصيبت آھي توھان لاءِ، جيڪي ھن وقت دولتمند آھيو، ڇالاءِ⁠جو اوھين آرام وٺي چڪا.


ھن وقت تائين اوھان منھنجي نالي تي ڪجھہ ⁠بہ ڪين گھريو آھي، سو گھرو تہ مليوَ، تہ جيئن اوھان جي خوشي پوري ٿئي.“


پاڪ روح جي ھدايت موجب ھر وقت ۽ ھر قسم جي دعائن ۽ منٿن سان خدا کان مدد گھرندا رھو. انھيءَ مقصد لاءِ سجاڳ رھو ۽ سڀني ايمان وارن لاءِ ھميشہ دعا گھرندا رھو.


پر خدا اسان کي وڌيڪ فضل ٿو ڏئي. انھيءَ ڪري ئي پاڪ ڪلام چوي ٿو تہ ”خدا مغرورن جي مخالفت ٿو ڪري، پر نماڻن کي فضل ٿو بخشي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ