Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 6:30 - Common Language New Testament

30 جيڪڏھن جھنگلي گاھہ جيڪو اڄ آھي ۽ سڀاڻي بٺيءَ ۾ اڇلايو ويندو، تنھن کي بہ خدا ائين پھرائي ٿو، تہ پوءِ اھو اوھان کي بھتر نہ پھرائيندو ڇا؟ اوھان جو ايمان ڪيڏو نہ ڪمزور آھي!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

30 پر جيڪڏهن جهنگ جو گاهہ جو اڄ آهي ۽ سڀاڻي کڻي کوري ۾ اُڇلبو، تنهن کي خدا اهڙيءَ طرح ٿو پهرائي، تڏهن اي ڪم اعتقادو، اوهان کي هو اُنهن کان گهڻو وڌيڪ نہ پهرائيندو ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

30 ڏسو، جيڪڏهن جھنگلي گاهہ جيڪو اڄ آهي ۽ سڀاڻي بٺيءَ ۾ اڇلايو ويندو، تنهن کي بہ ايشور ائين پهرائي ٿو، تہ پوءِ اهو اوهان کي نہ پهرائيندو ڇا؟ اوهان جو وشواس ڪيڏو نہ ڪمزور آهي!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

30 ڏسو، جيڪڏهن جھنگلي گاهہ جيڪو اڄ آهي ۽ سڀاڻي بٺيءَ ۾ اڇلايو ويندو، تنهن کي بہ خدا ائين پهرائي ٿو، تہ پوءِ اهو اوهان کي نہ پهرائيندو ڇا؟ اوهان جو ايمان ڪيڏو نہ ڪمزور آهي!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 6:30
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏھن عيسيٰ ھڪدم ھٿ ڊگھيري جھلي ورتس ۽ چيائينس تہ ”تو شڪ ڇو ڪيو؟ تنھنجو ايمان ڪيترو نہ ڪمزور آھي.“


عيسيٰ سندن ڳالھہ سمجھي ويو، سو چيائين تہ ”اوھان جو ايمان ڪيترو نہ ڪمزور آھي. ڇو ٿا پاڻ ۾ سوال جواب ڪريو تہ ’اسان وٽ ماني ڪونھي؟‘


تنھن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”اي بي⁠يقين ۽ گمراھہ قوم! آءٌ ڪيستائين اوھان وٽ ھوندس؟ ۽ ڪيستائين اوھان جي سھندس؟ ڇوڪري کي مون وٽ وٺي اچ.“


تنھن تي عيسيٰ وراڻين تہ ”اوھين ايترا ڊنل ڇو آھيو؟ ڇا اوھان جو ايمان ايترو ئي آھي؟“ ھو اٿيو ۽ ھوا ۽ ڇولين کي ڇينڀيائين تہ بلڪل ٺاپر ٿي ويئي.


پوءِ عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”اوھين ڇو ٿا ڊڄو؟ ڇا اوھان کي اڃا تائين مون تي ايمان نہ آھي؟“


عيسيٰ چيو تہ ”اي بي⁠يقين قوم! آءٌ اوھان سان ڪيستائين ھوندس ۽ ڪيستائين آءٌ اوھان جا ڏک سھندس؟ ھاڻي ڇوڪري کي مون وٽ وٺي اچو.“


جيڪڏھن جھنگلي گاھہ، جيڪو اڄ آھي ۽ سڀاڻي بٺيءَ ۾ اڇلايو ويندو، تنھن کي خدا ائين پھرائي ٿو تہ پوءِ اھو اوھان کي بھتر نہ پھرائيندو ڇا؟ اوھان جو ايمان ڪيترو نہ ڪمزور آھي.


تنھن تي عيسيٰ چيو تہ ”اي بي⁠يقين ۽ گمراھہ قوم! آءٌ ڪيستائين اوھان سان ھوندس ۽ ڪيستائين اوھان جي سھندس؟ پنھنجي پٽ کي ھيڏانھن وٺي اچ.“


پوءِ ھن توما کي چيو تہ ”اچ ۽ پنھنجي آڱر ھيڏانھن ڪري منھنجا ھٿ ڏس ۽ پنھنجو ھٿ ھيڏانھن منھنجي پاسي ۾ وجھہ. بي⁠ايمان نہ ٿيءُ پر ايمان آڻ.“


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! خبردار رھجو، متان اوھان مان ڪنھن جي دل بڇڙي ۽ منڪر ٿي زندہ خدا کان ڦري نہ وڃي.


جيئن پاڪ ڪلام چوي ٿو تہ ”سڀ انسان گاھہ وانگر آھن، ۽ انھن جو سمورو شان گاھہ جي گل وانگر آھي. گاھہ سڪي وڃي ٿو ۽ گل ڪري ٿو پوي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ